Home / سنڌ افيئر / شڪارپور ۾ سرهينري هالينڊ اسپتال واڳن جي وات ۾!
above article banner

شڪارپور ۾ سرهينري هالينڊ اسپتال واڳن جي وات ۾!

Naseem Bukhariدنيا جي وڏين اکين جي اسپتالن ۾ ڳڻي ويندڙ ۽ هڪ صدي کان به وڏي ڄمار رکندڙ، سر هينري هالينڊ اسپتال، ڊهي مٽي جي ڍير واري ملبي ۾ تبديل ٿي وئي آهي ۽ سياست توڙي رياست جي مٿي تي جونءَ به نه چري آهي.

1950ع کان اڳ، شڪارپور شهر جو هي اهو گهر جنهن ۾ ڪاٺ ۽ لوهه ڪتب آندل آهي سو لوڪ ورثو قرار ڏنل آهي. هن وقت به سنڌ ثقافت کاتي جي 2013ع ۾ جاري ڪيل 49 صفحن واري نوٽيفڪيشن ۾ شهر جون 1203 عمارتون ۽ ماڳ مڪان قومي وارثي واري تعارف جا تجلا ڏيکارين ٿيون، انهن جي وچور ۾ وينداسون ته ڪتاب لکجي ويندا ۽ جيڪڏهن انهن جي زبون حالي تي ڳوڙها ڳاڙبا ته اکين جو پاڻي کٽي ويندو، تنهن ڪري ڳالهه اتان ئي شروع ڪيون ٿا جتان ابتدا ڪئي هئي.

ثقافت کاتي جي مٿي ڄاڻايل نوٽيفڪيشن ۾ سرهينري هالينڊ سيريل نمبر 792 کي لوڪ ورثو قرار ڏنل آهي ۽ واضح طور تي لکيل آهي ته:

“ڪو به ڄاڻي واڻي عمل فقري نمبر 18 سنڌ ثقافت ورثي بچاءُ ايڪٽ 1994ع تحت بچايل ورثي کي تباهه ڪرڻ، نقصان ڏيڻ، تبديل ڪرڻ“ شڪل بگاڙڻ ۽ خطري ۾ وجهڻ يا ان تي ٺاهڻ يا ڀرسان مخصوص جڳهه تي، غير قانوني ۽ سزا وار هوندو.”

سر هينري هالينڊ جي وجود تي وار ڪندڙن جي ڪن مهٽ ته پنهنجي جاءِ تي، پر اسپتال کي ڊاهي پٽ ڪندڙ اڃا ڪنهن آڏي پڇا هيٺ تي ناهن آيا.

August 15, 2014   34

شڪارپور جي هندو بئنڪر ۽ واپاري، هيرا نند مينڍا ڊاڪٽر سرهينري هالينڊ کي حيلن وسيلن سان هن شهر ۾ آڻي ماڻهن جي نور ٺاهڻ لاءِ جيڪا اسپتال ٺهرائي ڏني سا ڪڻي مان ڪيچ ٿيڻ بدران هوا ۾ ڪک پن ٿي وئي آهي ۽ جن جي ورثي ۾ اهو عوامي ڀلائي وارو ادارو آيو سي خود اڄ ان جا پاڻ ويري ٿي بيٺا آهن. هنن خدمت ۽ عوامي ڀلائي واري جذبي سان تاريخي جٺيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن.سندن نيت خراب ٿي آهي ۽ اربن کربن جي ملڪيت کي وڪري جو وکر بڻائي ڇڏيو اٿائون. هنن شڪارپور جي مختلف بلڊرن کان ڪروڙين روپيا وصول به ڪيا آهن. هنن لڪ ڇپ ۾ اڳوڻي يو سي ناظم ناصر اوستو کي پاور آف اٽارني لکي ڏنو ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ شڪارپور بدران روهڙي جي مختيار ڪار وٽ کاتو به تبديل ٿيو هو پر شڪارپور جي شيخ ڀائرن جي شديد مخالف اڳوڻي وزيراعليٰ ارباب غلام رحيم اهو کاتو ختم ڪرائي سياسي مخالفت واري جذبي هيٺ هڪ چڱو ڪم ڪيو. “افيئر” کي رابطي ڪرڻ تي ناصر اوستو ٻڌايو ته عيسائي مشنري وارن کيس شڪارپور ۾ ڪنهن سيڙپڪار سان ملائڻ لاءِ چيو ۽ هن کين امتياز شيخ سان ملايو جيڪي ملاقاتون ڇهن مهينن تائين هلنديون رهيون. ناصر اوستو اهو به اعتراف ڪيو ته امتياز شيخ جي چوڻ تي هن صادق شيخ کي پاور آف اٽارني لکي ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو.

امتياز شيخ روينيو کاتي جي صوبائي وزير ۽ اڳوڻن ٻن وزيراعليٰ رهندڙن، ڄام صادق علي ۽ لياقت علي جتوئي جو چيف سيڪريٽري رهيو آهي ۽ هاڻ شڪارپور جو ايم پي اي آهي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور پاران تاريخي اسپتال بچائڻ لاءِ ۽ ان جي پراڻي حيثيت جي بحالي لاءِ، شروع ڪيل احتجاجي ۽ مزاحمتي تحريڪ جي پسمنظر ۾ مقامي صحافين خوف ۽ مصلحت جي گڏيل احساس ڪري، سياستدانن ۽ ڪامورن کان بي رحم آڏيون پڇايون ڪرڻ کان لنوايو آهي، پر سنگت جي ميمبر ۽ ليکڪ ممتاز منگي عدالت جو در کڙڪايو آهي ۽ 9 آگسٽ ڇنڇر واري ڏينهن تي ڪيس جي ٻي شنوائي تي نه رڳو ممتاز پر سيڪريٽري تاثير سلمان سومرو ۽ اڳوڻا سيڪريٽري زبير سومرو، عديل مهر ۽ حمير چانڊيو پڻ ٻين ساٿين سميت ڪورٽ ۾ آيا هئا ۽ شڪارپور ۾ اديبن جي عوامي ڀلائي لاءِ اهڙي اٿل پٿل کي مشڪور نگاهن سان ڏٺو ويو هو. ڪورٽ جي اسرار تي، مخالف ڌر جي وڪيل ادبي سنگت جي اعتراض جي ازالي تائين ڪو به ڪم اڳتي نه وڌڻ جي لکت ۾ ضمانت ڏئي ڇڏي آهي، پر حقيقي خاطري واري خبر جو شڪارپور واسين کي انتظار آهي سا اڄ به هڪ خواب آهي. شڪارپور جي اديبن جو وفد ڊي سي او هادي بخش زرداري سان پنهنجي تحفظات جو اظهار ڪري چڪو آهي، ان کان اڳ ادبي سنگت شڪارپور، رستم روڊ کان لکي درتائين احتجاجي جلوس ڪڍي چڪي آهي. پر ان باوجود سياسي، سماجي، مذهبي ۽ انتظامي طور تي جن اکين کلڻ جو انتظار آهي سي پٽجي نه سگهيون آهن.

اسپتال جي حوالي سان هنن سٽن لکجڻ تائين ڪنهن به ڌر ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي ۽ نه وري ڪنهن جي ڳڻتي جو اظهار آڏو آيو آهي ماٺ رهڻ وارو ڏوهه خبر نه آهي شڪارپور کي اڃا ڪيترائي عذاب آڇيندو؟

شڪارپور جا گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ قبضا مافيا ڳڙڪائي ڇڏيا، شاهي باغ جي زمين ۾ وڌل اکيون به پنهنجو داءُ ڪري ويون، قبرستانن تي به قبضا، اسڪولن توڙي اسپتالن جون عمارتون به گهرن ۽ اوطاقن ۾ تبديل ٿيل ٿيون ڏسجن پر ماٺ ۽ مصلحت پسندي اچ به برقرار آهي ۽ تاريخ پنهنجي سيني ۾ جيڪو تلخين سان ڀرپور تنقيدي طوفان کنيو بيٺي آهي ڇا اهو ڪنهن محسوس به ڪيو آهي”؟ اطلاعات کاتي توڙي ثقافت کاتي ضلعي ۾ موجود پنهنجي ماتحتن کان ان ڏس ۾ خبر چار وٺڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪئي آهي. 13 آگسٽ تي ثقافت کاتي پاران ڪراچي ۾ برک اديب ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو جي 100 سالگرهه جي موقعي تي ٿيل تقريب دوران شاعر زبير سومرو، کاتي جي وزير شرميلا فاروقي ، سيڪريٽري اعجاز ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل منظور قناصرو جو ڌيان ڇڪايو آهي پر ڇا قانون ۽ سماج جا مجرم ڪنهن ڪٽهڙي ۽ سزا جزا هيٺ به ايندا؟

سال 2013ع ۾ شڪارپور جي نيو فوجداري ٿاڻي تي گناهه نمبر 72 تحت مختيار ڪار فريادي ٿي، ستن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو جنهن ۾ ناصر اوستو ۽ صادق شيخ به جوابدار ڄاڻايل آهن ۽ ان (ايف آءِ آر) سنگين الزام هيٺ آيل آهن. جنهن ايف آءِ آر تان دٻاءُ ۾ اچي مختيار ڪار هٿ کڻي چڪو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار جي سڀ کان اثرائتي ماڻهو جي دٻاءُ جي نتيجي ۾ مختيار ڪار ڪيس تان هٿ کنيو آهي.

اکين جي وڏي اسپتال جي مک دروازي تي ڊي سي پاران اتي ڪنهن به ڀڃ ڊاهه ۽ نقصان پهچائڻ واري عمل کي غير قانوني قرار ڏيڻ وارو اطلاع لکيل آهي جيڪو ڪنهن به ليکي ۾ نه آيو آهي نه ئي وري ان جي ڪنهن ڪاڻ ڪڍي آهي. ذريعا ٻڌائن ٿا ته ڳجهه ڳوهه ۾ صبح ساجهر اڄ به ڪم هلندڙ آهي جيڪا ڳالهه عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي جنهن کي بنياد بڻائي توهين عدالت جو نوٽيس به جاري ٿي سگهي ٿو.

ڪنهن به صحافي اڃا تائين اهو رپورٽ نه ڪيو آهي ته ڪيس جي فريادي ڪهڙي دٻاءُ هيٺ گوڏا کوڙيا ۽ نه وري ڪو صحافي هن تاريخي ڏوهه پويان لڪل هٿن کي وائکو ڪرڻ جي سگهه ساري ٿو. ذريعا اهو به ٻڌائن ٿا ته سنڌ حڪومت جي انتهائي اثرائتي شخصيت سان شڪارپور جي هڪ بااثر شخصيت جي ملاقات، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ويل هينري هالينڊ ڪيس جا ترا ڪڍيا، اهو ڪيس دهشتگردي توڙ عدالت مان خارج ٿيو ۽ بعد ۾ فريادي ان تان هٿ کڻي ويو.

سو، ان حد تائين سنڌ سرڪار جي سڌي يا اڻ سڌي ريت هينري هالينڊ واري معاملي ۾ مداخلت ثابت ڪري رهي آهي ته مستقبل ۾ اڃا ڪهڙي ريت ۽ ڪهڙا هاڃا ٿيڻا آهن. شڪارپور جا شاعر، اديب ۽ ڪالم نگار تاريخي جاين ۽ عمارتن کي بچائڻ ۾ ڀل ڪامياب نه وڃن پر جيڪڏهن قبضا مافيائن کي اگهاڙو ڪرڻ ۾ اڳڀرا ٿين ٿا ته ان طرح سان عوام دشمنن قوتن جو گهيرو تنگ ڪري سگهي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو