Home / اسپيشل افيئر / عورت ۽ سنڌي ميڊيا!
above article banner

عورت ۽ سنڌي ميڊيا!

Zahida Abroانفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ سنڌي ميڊيا تمام گهڻو ڪم ڪري رهي آهي. گهڻن ئي مسئلن تي سنڌي ميڊيا قوم کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪندي رهي آهي. ان سماج اندر ڪيترن ئي براين کي بي نقاب به ڪيو آهي ۽ اڳتي به ايئن ئي ڪندي رهندي. ڪالهه جي نسبت اڄ جي سنڌي ميڊيا وڌيڪ بااختيار ۽ خوداعتماد نظر ٿي اچي. سنڌي ميڊيا عورت جي حقن لاءِ به جدوجهد ڪري رهي آهي. ان ڏس ۾ ڪيتريون ئي اخبارون پنهنجا هفتيوار صفحا يا وري ماهوار ايڊيشن عورتن جي مسئلن جي عڪاسي لاءِ خصوصي طور تي شايع ڪن ٿيون آهن. ان کان سواءِ به عورتن جي مسئلن کي ٻين ڪيترن ئي طريقن سان منظر عام تائين رسايو ٿو وڃي. انهن سڀني ڪوششن جي باوجود جيڪڏهن اسان سنڌي پرنٽ ميديا جو جائزو وٺون ته اسان کي ڪٿي سنڌي ميڊيا جو رويو جنسي اڻ برابري تي ٻڌل نظر ايندو.

ڪجهه محاذ اهڙا به آهن جن تي اسان جي سنڌي پرنٽ ميڊيا ۾ اڃا اها شعوري پختگي نظر نه ٿي اچي جيڪا اسان انگريزي يا اردو اخبارن ۾ ڏسي سگهون ٿا. جيئن ته اسان جي سماج جي بيهڪ ۾ ئي اهڙا ڪيترائي پيچيده ور وڪڙ آهن جنهن جي ڪري عورت کي مختلف قسمن جا ظلم سهڻا پون ٿا ۽ ان ۾ عورت سڀ کان وڌيڪ پنهنجي خاندان وارن هٿان ظلم جو شڪار ٿئي ٿي. هاڻي جڏهن اهو ڏاڍ جيڪو عورت تي سماج جي طرفان ٿئي ٿو. جڏهن عورت جو ڪيس ڪنهن سنڌي ميڊيم تائين پهچي ٿو ته سنڌي سماج ۾ ميڊيا جي سوچ ساڳي نظر ٿي اچي. جيڪڏهن ڪا به عاقل ۽ بالغ ڇوڪري جنهن کي هن ملڪ جو قانون مرضي سان شادي ڪرڻ جو حق ڏئي ٿو، ان جي هن عمل کي اهڙي طرح پيش ڪيو ٿو وڃي ڄڻ هوءَ ڪا ازلي مجرم هجي. ان جي ذات سان اهڙا اهڙا لفظ جوڙيا ٿا وڃن جن کي پڙهي عورت جي ڪيل تذليل جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

اسان جي سماج ۾ ڪيترن ئي مسئلن جي ڪري اڄ به عورتن جي تعليم کي اها فوقيت حاصل نه آهي جيڪا پاڪستان ۾ رهندڙ ٻين سماجن ۾ نظر اچي ٿي. ان جي نتيجي ۾ نياڻين ۾ اهو شعور بيدار ئي نه ٿو ٿئي ته هن دنيا ۾ ڪيئن جيئڻو آهي، هن جا حق ڪهڙا آهن. ان لاعلمي واري ڪيفيت ۾ جيڪڏهن هوءَ ڪا غلطي ٿي ڪري وجهي ته کيس هرگز بخشيو نه ٿو وڃي نه خاندان طرفان ۽ نه ئي ميديا جي طرفان. انهي سلسلي ۾ ٻيا به ڪيترائي سبب عورت کي مجرم بنائي ڪاري ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجن ٿا. عورت جو ملڪيت ۾ شرعي ڀاڱو يا وري جيڪڏهن مرد جي دل تي ٻي ڪا عورت اچي وئي پهرين زال مان جان ڇڏائڻ جو سولو طريقو هوندو آهي ته هن کي ڪاري ڪري ماريو وڃي.

August 31, 2014   3

ان سلسلي ۾ مرد ته آنر ڪلنگ جو اعزاز حاصل ڪري سرخرو ٿي ٿو وڃي پر عورتن جا گولين سان چچريل لاش بي ڪفن، سنڌي اخبارن جي سيني جي زينت بڻجي ٻين مردن کي اتساهه ڏياريندا آهن ته عورت کي ڪيئن شڪار ڪري سگهجي ٿو. اسان جون اخبارون ايتري به تڪليف نه ڪنديون آهن ته انهن تصويرن يا خبرن کي شايع ڪرڻ کان پهرين تحقيق ڪري وٺن ته اصل ۾ مجرم ڪير آهي. ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته ڪا معصوم نياڻي ڪنهن وحشي درندي جي حوس جو شڪار ٿئي ته اسان جو ميديا ان خبر کي هڪ مزيدار خبر وانگر شايع ڪندي آهي ته جيئن سندن اخبار جو ۾ وڌ وڪرو ٿي سگهي. عورت تي ٿيل لاتعداد ظلم ۽ گهريلو تشدد سڀني کان اهم آهي ڇو ته هن قسم جي تشدد کي هڪ عام رواجي رويو سمجهي نظر انداز ڪيو ويندو آهي.

ان ۾ نه پوليس ايف آءِ آر داخل ڪندي آهي ۽ نه وري اسان جون اخبارون عورت جي صحيح وڪالت ڪري سگهنديون آهن. ڇو ته ان قسم جي تشدد ۾ گهڻو ڪري ناميارا ڪٽنب به ملوث هوندا آهن جن جي رپورٽنگ کان صحافي ڪيٻائيندا آهن. ان ڳالهه چوڻ جو مطلب هر گز اهو نه آهي ته پنج ئي آڱريون برابر آهن. ڪجهه ذميوار صحافي پنهنجي ڪم ۾ تمام گهڻي ذميواري جو مظاهرو ڪن ٿا ۽ ايئن ئي ڪجهه اهڙا بهادر مرد آهن جن عورتن جي مسئلن کي هميشه چڱي طرح اجاگر ڪيو آهي.

معاشري ۾ تبديلي جو عمل جاري آهي پر اسان جي معاشري کي ترت سجاڳي جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان عورت جي ذات کي تحفظ نه ڏنو ته سماج پنهنجي ارتقا جي عمل کي پورو نه ڪري سگهندو. اسان عورت جي هر عمل کي شڪ جي نگاهه سان ڏسنداسين ته معاشري ۾ ڪڏهن به بهتري نه اچي سگهندي. سنڌي ميڊيا کي گهرجي ته واپاري نقطئه نظر کان هئي ڪري اخبارن ۽ رسالن کي سماج ۾ اصلاح لاءِ پنهنجي پاليسي کي هڪ دفعو وري دهرائي ڏسي ته هن کان ڪٿي ڪٿي غلطيون ٿي رهيون آهن. عورت جي حقن جي حصول لاءِ ان جو ٻانهن ٻيلي، بڻجي، هن مظلوم ۽ بي شعور کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ رٿا بندي ڪري ته جيئن عورت پنهنجي قدرتي ماحول ۾ رهي ڪري ان کي پنهنجي لاءِ وڌيڪ ڪارائتو بڻائي سگهي. پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان لاءِ مثبت قدم کڻي هن قوم جي سر خرو ٿيڻ ۾ مددگار بڻجي سگهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو