Home / دنيا / غزه ۾ جارحيت- آخر ڪيستائين؟
above article banner

غزه ۾ جارحيت- آخر ڪيستائين؟

Noom Choskiجولاءِ ۾ غزه ۾ ٿيندڙ اسرائيلي جارحيت واشنگٽن ۾ شديد رد عمل کي جنم ڏنو. صدر اوباما بار بار حماس طرفان ٿيندڙ راڪيٽ حملن تي پنهنجو مذمت وارو عمل دهرائيندو رهيو. هن غزه ۾ وڌندڙ سويلين جاني نقصان بابت به پنهنجي تحفظات جو اظهار ڪيو. ليڪن بنا ڪنهن مذمت جي سينيٽ اهو خال پورو ڪري ڇڏيو. سينيٽ متفقه طور غزه ۾ اسرائيلي قدمن جي حمايت ۾ قرار داد پاس ڪئي. جڏهن ته ان قرار داد ۾ حماس طرفان “اسرائيل تي ٿيندڙ راڪيٽ حملن جي مذمت ڪئي وئي” ۽ فلسطيني اٿارٽي جي صدر محمود عباس تي زور ڀريو ويو ته هو حماس سان گڏ حڪومت ٺاهڻ جو بندوبست ختم ڪري ۽ اسرائيل تي ٿيندڙ حملن جي مذمت ڪري.

ڪانگريس بابت شايد ايترو ئي ڪافي هوندو ته اها انهن 80 سيڪڙو ماڻهن سان شامل ٿي وڃي جيڪي ان جي ڪارڪردگي کي پسند نٿا ڪن. حالانڪه ان معاملي ۾ ”ناپسنديدگي” گهڻو نرم لفظ آهي. اوباما بچاءُ ۾ اهو چئي سگهي ٿو ته کيس اندازو ناهي ته اسرائيل غزه ۾ آمريڪا طرفان مهيا ڪيل هٿيارن جي مدد سان قيامت برپا ڪري رهيو آهي. آخر ان جو سمورو دارو مدار آمريڪي ڳجهن ادارن تي ئي آهي. اهي ادارا هن وقت عام شهرين جي اي ميلز ۽ فون ڪالز جي نگراني ۾ ايترا ته رڌل آهن جو انهن وٽ غزه تي ڌيان ڏيڻ جو وقت ئي ناهي. ان ڪري فائديمند ڳالهه اها آهي ته انهن شين جي خبر چار وٺون جيڪي اسان جي علم ۾ هجڻ گهرجن.

August 15, 2014  22

اسرائيلي ڊگهي عرصي کان هڪ سادو مقصد رکي ٿو؛ خاموشي جي بدلي ۾ خاموشي، اصول ڏانهن واپسي. هاڻي اهو اصول ڇا آهي؟ اولهه ڪناري لاءِ اصول اهو آهي ته اسرائيل کي سندس غير قانوني آباديون ٺاهڻ ۽ انهن کي اسرائيل سان ڳنڍيندڙ تعميرات ڪرڻ جي کليل اجازت هجي. ان سان گڏوگڏ اهو فلسطين کي انهن علائقن ڏانهن بي دخل ڪندو رهي جن ۾ اقتصادي بقا جا موقعا تمام گهٽ آهن ۽ پوءِ اسرائيل انهن تي شديد ۽ انتهائي دٻاءُ قائم رکي.

گذريل 14 ورهين کان اهو اصول آهي ته اسرائيل لڳ ڀڳ هر هفتي ٻه فسلطيني ٻار ماري ڇڏيندو آهي. اسرائيل جي تازي ڪروڌ جو ڪارڻ اولهه ڪناري هڪ والاريل وستي جي ٽن اسرائيلي نوجوانن جو وحشياڻو قتل آهي. هڪ مهينو اڳ اولهه ڪناري جي شهر رمله ۾ ٻن فلسطيني نوجوانن کي نشانو بڻايو ويو، ليڪن ان طرف ڪنهن جو به ڌيان نه ويو. اها ڳالهه سمجهه ۾ به اچي ٿي ڇو ته اهو معمول جو واقعو هو.

وچ اوڀر جي معتبر تجزئي نگار معين رباني جو چوڻ آهي ته “اولهه ۾ فلسطينين جي جان جي جيڪا ادارتي بي وقعتي آهي ان ڪارڻ نه رڳو فلسطين جو تشدد طرف راغب ٿيڻ جي وضاحت ٿئي ٿي بلڪه اها ڳالهه غزه جي پٽي ۾ اسرائيل جي تازي جارحيت جي وضاحت پڻ ڪري ٿي.”

خاموشي جي بدلي ۾ خاموشي جو اصول، اسرائيل کي اهو به موقعو ڏئي ٿو ته اهو غزه ۽ اولهه ڪناري کي جدا ڪرڻ جي پنهنجي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي سگهي. اسرائيل وڏي عرصي کان آمريڪي حمايت سان ان ايجنڊا کي زوردار نموني اڳتي وڌائي رهيو آهي. اهو معاملو آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان اوسلو معاهدو قبول ڪرڻ جي وقت کان ئي هلي رهيو آهي. هن معاهدي موجب ٻئي علائقا اڻ ورهاست جوڳي جاگرافيائي اِڪائي آهن. نفشي تي نظر وجهڻ سان ئي ان دليل جي وضاحت ٿي وڃي ٿي. غزه فلسطين لاءِ ٻاهرين دنيا ۾ اڪيلي ڳڙکي آهي، جيڪڏهن هڪ ڀيرو ٻنهي علائقن کي جدا ڪيو وڃي ته پوءِ اسرائيل طرفان اولهه ڪناري جي فلسطين کي ملندڙ ڪنهن به قسم جي خودمختياري جو مطلب انهن ماڻهن جو ٻن دشمن رياستن، اسرائيلي ۽ اردن جي وچ ۾ گهيري ۾ اچڻ کانسواءِ ڪجهه نه هوندو. اهو قيد ان ڪري اڃا به شديد ٿي ويندو جو اسرائيلي، فلسطينين کي اردن ماٿري مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ اتي اسرائيلي آباديون قائم ڪرڻ جي پروگرام تي عمل پيرا آهن. دراصل اسرائيل خاموشي جي بدلي خاموشي واري اصول مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي.

غزه ۾ ان اصول جي تفصيلي وضاحت ناروي سان لاڳاپو رکندڙ سرجن ميڊس گلبرٽ ڪئي آهي. گلبرٽ اسرائيل جي جارحيت دوران غزه جي سڀ کان وڏي اسپتال ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي ۽ جارحيت جي هاڻوڪي لهر دوران هو هڪ ڀيرو ٻيهر غزه اچي ويو آهي.تازي اسرائيلي جارحيت کان اڳ جون ۾ گلبرٽ گڏيل قومن جي رليف ۽ ورڪس ايجنسي (UNRWA) جي اڳيان غزه ۾ طبي سهولتون پهچائڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي.

گلبرٽ جي رپورٽ موجب “غزه جي 57 ڪٽنبن وٽ مناسب کاڌ خوراڪ نه آهي ۽ لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو ماڻهو امداد وٺن ٿا. مناسب خوراڪ نه هجڻ جو مطلب اهو آهي ته آبادي جي اڪثريت کي ايتريون ڪئلريز به نٿيون ملن جيڪي سندن روزه مرهه جون ضرورتون پوريون ڪري سگهن. ان کانسواءِ غزه ۾ موجود 90 سيڪڙو پاڻي بابت خيال آهي ته اهو ماڻهن جي پيئڻ جي قابل نه آهي. هاڻي ته صورتحال اڃا به ڳنڀير ٿي وئي آهي ڇو ته اسرائيل هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻي ۽ نڪاسي جي نظام کي حملن جو نشانو بڻايو آهي. اسرائيل جي ان قدم ڏهه لک کان وڌيڪ ماڻهن کي زندگي جي بنيادي سهولتن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.

گلبرٽ ٻڌائي ٿو ته “غزه ۾ رهندڙ فلسطيني ٻار بري طرح متاثر ٿي رهيا آهن. انهن جو وڏو انگ کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي جو شڪار آهي ۽ ان جو سبب اسرائيل طرفان مڙهيل پابندي آهي. رت جي گهٽتائي جي بيماري انيمياجو ڦهلاءَ غزه ۾ 72.8 سيڪڙو آهي. جڏهن ته گهٽ وزن هئڻ جي شڪايت 45 سيڪڙو آهي.

انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ وڪيل راجي سوراني، جيڪوا سرائيلي بربريت ۽ دهشت جي راڄ دوران ورهين تائين غزه ۾ رهيو، ان جوچوڻ آهي ته سيز فائر جي باري ۾ ڳالهه ڪندي سڀ کان عام جملو جيڪو مون کي ٻڌڻ ۾ آيو، اهو اهو آهي ته : هر ڪنهن جو اهو چوڻ آهي ته هن جنگ کان اڳ اسان جهڙي حالت ۾ زندگي گذاري رهيا هئاسين ان طرف موٽڻ کان بهتر آهي ته مري وڃون اسان اهو سڀ ڪجهه ٻيهر نٿا چاهيون. اسان آسان هدف هئاسين ۽ اسان جو ڪو به ملهه نه هو. يا ته ان صورتحال ۾ ڪا حقيقي بهتري اچي يا موت ئي اسان لاءِ بهتر آهي. آءُ دانشورن، استادن، عام ماڻهن بابت ڳالهائي رهيو آهيان، هر ڪوئي اها ئي ڳالهه ڪري ٿو.“

اهڙن جذبن جو وڏي پئماني تي اظهار ڪيو ويو آهي. تشدد وسيلي گُهٽجي گهٽجي مرڻ کان بهتر آهي ته وقار سان جان ڏني وڃي.

حقيقت ۾ اسرائيل 40 ورهيه اڳ توسيع بندي کي سيڪيورٽي تي ترجيح ڏيڻ جو بدبخت فيصلو ڪيو. ان وقت مصر کيس والاريل مصري سينائي علائقو خالي ڪرڻ جي بدلي ۾ مڪمل امن معاهدي جي آڇ ڪري رهيو هو.. ان کانپوءِ اسرائيل لاڳيتو ان پاليسي کي جاري رکڻ لاءِ ڪوشان آهي. اسرائيل علائقو خالي ڪرڻ بدران اتي وڏي انگ ۾ ترقياتي، رٿائن ۽ والاريل وستين جي قيام جي شروعات ڪري ڇڏي، اسرائيل جي معاملي ۾ جيڪڏهن آمريڪا دنيا جو ساٿ ڏيڻجو فيصلو ڪري وٺي ته ان جو تمام گهڻو اثر پئجي سگهي ٿو. واشنگٽن اسرائيل آڏو ڪيترائي ڀيرا اهو مطالبو ورجايو آهي ته هو پنهنجي مطالبن تان هٿ کڻي وڃي. ان کانسواءِ اسرائيل وٽ ڪو به چارو نه آهي. اسرائيل جيڪي پاليسيون اختيار ڪيون آهن ان ڪري اهو محبت واري ملڪ بدران هڪ اهڙي ملڪ طور تي سڃاتو وڃي ٿو جنهن مان خوف ٿئي ٿو ۽ اهو ڌوڪيباز پڻ آهن. انهي جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هاڻي ان کي اهڙين پاليسين تي انڌا ڌنڌ عمل ڪرڻ سبب اسرائيل پنهنجو اخلاقي جواز وڃائي رهيو آهي ۽ اهڙين وحشياڻين پاليسين تي عمل جو نتيجو سندس تباهي جي شڪل ۾ نڪرندو.

سوال اهو آهي ته ڇا آمريڪي پاليسي تبديل ٿيندي؟ اهو ناممڪن نه آهي. ويجهڙ جي سالن ۾ عوامي راءِ ۾ تمام وڏي تبديلي آئي آهي، خاص طور تي نوجوانن ۾ جنهن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. ايندڙ ڪجهه سالن اندر آمريڪي عام راءِ جو دٻاءُ آمريڪا کي پنهنجي قانون جي پاسداري ڪندي اسرائيل جي فوجي امداد روڪڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو.

آمريڪي قانون موجب ”ڪنهن به اهڙي ملڪ کي فوجي امداد نٿي ڏئي سگهجي جنهن جي حڪومت عالمي طور انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ ملوث هجي“ اسرائيل ته ورهين کان انساني حقن جون پڇڪڙيون ڪري رهيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ايمنسٽي انٽرنيشنل غزه ۾ اسرائيل جي وحشتناڪ آپريشن دوران اسرائيل (۽ حماس) کي هٿيار مهيا ڪرڻ تي پابندي مڙهڻ جي اپيل ڪئي هئي. ان قانون تي عمل ٿيڻ سان نه رڳو اسرائيل کي پنهنجي عملن جي سزا ملندي بلڪه آمريڪا کي به ان ڳالهه تي مجبور ڪري سگهبو ته اهو عالمي ڪميونٽي ۾ شامل ٿي وڃي. آمريڪا کي عالمي قانون ۽ اخلاقيات جي پاسداري لاءِ مجبور ڪري سگهجي ٿو. ورهين کان ظلم ۽ بربريت جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين لاءِ ان کان وڌيڪ اهم ٻي ڪا ڳالهه نٿي ٿي سگهي.

© International Media

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو