Home / ڪرنٽ افيئر / مڪلي: پير جي خليفي جي بغاوت اصل حقيقتون ڇا آهن؟
above article banner

مڪلي: پير جي خليفي جي بغاوت اصل حقيقتون ڇا آهن؟

Yousif Sindhiسنڌ ۾ پيرن، ميرن ۽ وڏيرن جي نجي جيلن ۾ واڙيل پورهيتن جي حوالي سان ماضي قريب ۾ ڪافي خبرون اينديون رهيون هيون ۽ سنڌ جي ساڃهه وندن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ سماج سڌارڪن پاران ان سلسلي ۾ احتجاج ڪيا ويا ۽ ڪيترائي قدم پڻ کنيا ويا. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي نجي جيل ٽٽا ۽ ڪيترائي قيدي هاري مرد توڙي، عورتون آزاد ٿيا. اهو اِشو ڪيترو ئي عرصو ميڊيا تي ڇانيل رهيو. پر هن وقت جيڪو اِشو منهنجي اڳيان آهي، اهو مڪلي ۾ قائم نورائي شريف جي پيرغلام جيلاني جي هڪ اڳوڻي خليفي ۽ بقول سندس ته 37 سالن تائين جيلاني هائوس جي خدمت ڪندڙ فقير علي اڪبر ميمڻ جي پير صاحب کان بغاوت ۽ ڪيل پريس ڪانفرنس ۽ ان جي جواب ۾ پير غلام جيلاني جي خليفن ۽ مريدن جي ڪيل جوابي پريس ڪانفرنس آهي، جنهن ۾ فقير اڪبر جي پير تي لڳايل الزامن کي رد ڪندي اڪبر کي ٺڳ، دوکي باز، ماڻهن کان مختلف ڪمن جي سلسلي ۾ لڳ ڀڳ نوي لک روپيا وٺي کائي وڃڻ سان گڏ کيس بدڪار قرار ڏيئي، سندس پير غلام جيلانيءَ تي لڳايل الزامن جي ترديد ڪندي مٿس قدم کڻڻ جي گهر ڪئي آهي.

ٻنهي ڌرين جون پريس ڪانفرنسون پنهنجي جاءِ تي، پر فقير علي اڪبر جي پريس ڪانفرنس ۾ لڳايل الزام گهڻو سنجيده نوعيت جا آهن. ’گهر ڪا بيدي لنڪا ڍهائي‘، جيان، کڻي اسين اهو تصور ڪريون ته فقير علي اڪبر جي لڳايل الزامن ۾ سئو سيڪڙو سچائي نه به هجي، پر ڪجهه ته حقيقتون ضرور هونديون. فقير علي اڪبر جو وڏو الزام اهو آهي ته جيلاني هائوس جا تهه خانا عياشيءَ جا اڏا آهن. جتي عورتن کي داسيون ڪري رکيو وڃي ٿو ۽ کين مبينه طور جنسي عمل جو شڪار بنايو وڃي ٿو. 37 سالن کان ”جيلاني خانقاه“ جي خليفي کان جڏهن پُڇيو ويو ته هن جڏهن اِهو سڀڪجهه ڏِٺو پئي ته پوءِ هو ايترو ڊگهو عرصو خاموش ڇو رهيو ته هن وراڻيو: عقيدت سبب منهنجون اکيون انڌيون ٿي ويون هيون ۽ ايترو عرصو پردي پوشي ڪرڻ سبب آئون به ڏوهاري آهيان. پر هاڻ جڏهن هنن منهنجي نياڻين کي آڻڻ لاءِ چيو ته منهنجون اکيون کُليون ۽ منهنجو ضمير مونکي ملامت ڪرڻ لڳو ۽ جڏهن مون اهڙن غير فطري ۽ غيرشرعي ڪمن تي اعتراض واريو ته اها ڳالهه اُتي رهندڙ ٻين خليفن ۽ ٻين فردن کي نه وڻي. پير صاحبان ته اڳ ۾ اهڙن عملن جي حوصلي افزائي ڪندا رهيا. جڏهن ڳالهه منهنجي وس کان چڙهي ۽ ڳالهه جڏهن منهنجي پنهنجي عزت، عصمت ۽ رشتن تي آئي ته آئون ٽي مهينا اڳ مڪلي تي پنهنجو گهر، جنهن جي ماليت 30 لک روپيا آهي، اهو رات جي اونداهيءَ ۾ ڇڏي پنهنجي جان ۽ عزت بچائي نڪري اچي سجاول ۾ مسواڙي گهر ۾ ويٺس ”جيڪا ڳالهه هنن کي نه وڻي ۽ هنن پويان منهنجي گهر تي قبضو ڪري ورتو، ۽ پوءِ هو منهنجي پويان هٿ ڌوئي ڪاهي پيا ۽ مونکي مختلف نمونن سان هيسائڻ ۽ ڌمڪائڻ شروع ڪري ڏنائون ۽ پوءِ مڪلي هائوس تي خليفن جو ميڙ ڪوٺائي مونکي واجب القتل قرار ڏنو ويو ۽ هاڻ آئون غريب لڪندو وتان ۽ هو مونکي مارڻ جي لاءِ ڳولهيندا وتن“.

August 15, 2014   14

ان سلسلي ۾ فقير علي اڪبر ميمڻ چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ، گورنر سنڌ، وزيراعليٰ سنڌ، چيئرمن سينيٽ، چيف آف آرمي اسٽاف، ڪور ڪمانڊر حيدرآباد، ڊي. آءِ. جي سنڌ، ڊي.سي ۽ ايس پي ٺٽو، سميت انساني حقن جي ڪميشن جي چيئرمين کي درخواستون موڪلي ساڻس ٿيل روئداد کان واقف ڪندي ۽ چيو آهي ته سندس جان کي سخت خطرو آهي، کيس تحفظ ڏنو وڃي ۽ جي هو قتل ٿي وڃي ته سندس قتل جو ڪيس پير غلام جيلاني ۽ سندس پُٽن، پير حقاني، پير رضواني، پير رحماني تي داخل ڪيو وڃي..

پريس ڪانفرنس ۾ فقير اڪبر ميمڻ اهو به ٻُڌايو ته سجاول ۾ سندس گهر تي ٻه ڀيرا پير جي مريدن حملو ڪيو ۽ منهنجي پٽ ۽ نياڻين کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ رات ۽ ڏينهن منهنجي گهر واري گهٽي ۽ روڊ تي سندس هٿياربند ماڻهو هلندا ٿا رهن. جنهن جو سڄو اوڙو پاڙو ۽ سجاول شاهد آهي ۽ عيدالفطر جي ڏينهن عيد نماز پڙهڻ دوران مون تي قاتلانه حملو ڪرايو ويو. جنهن ۾ شهرين جي هجوم سبب آئون بچي ويس. فقير علي اڪبر ٻُڌايو ته هو ساڻس ٿيندڙ زيادتين جون دانهون ضلعي ٺٽي ۽ سجاول جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن کي ڏيندو رهيو آهي، تنهن کانسواءِ مون پيرن جي تنظيم نيشنل مشائخ ڪائونسل جي صدر پير غلام مجدد سرهندي ۽ ٻين کي پڻ دانهن ڏِني، پر ڪٿان به منهنجو ڪو داد فرياد نه ٿيو. نيٺ مجبوريءَ جي حالت ۾ آئون پنهنجو معاملو ميڊيا جي اڳيان کڻي آيو آهيان“.

جيلاني هائوس پاران فقير اڪبر جي ان بغاوت ۽ پريس ڪانفرنس کانپوءِ سندس ڀاءُ غلام حسين ميمڻ کي گرفتار ڪرايو ويو ۽ مٿس دٻاءُ وجهي کيس ان شرط تي آزاد ڪرايو ويو ته هو فقير اڪبر جي خلاف پريس ڪانفرنس ۾ گڏ هلندو ۽ پوءِ فقير اڪبر جي خلاف جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، ان ۾ لکت ۾ جيڪا پريس ڪانفرنس صحافين کي ڏني ويئي، ان ۾ فقير اڪبر جي ڀاءُ جو نالو به هو، پر نه فقير جي ڀاءُ کي صحافين جي اڳيان پيش ڪيو ويو ۽ نه ئي وري صحافين ئي ڪو اهڙو سوال ڪيو ته فقير اڪبر جو ڀاءُ غلام حسين ميمڻ ڪِٿي آهي؟

ڄاڻو حلقن جو چوڻ آهي ته 37 سالن تائين جيلاني هائوس جي خدمت ڪندڙ فقير علي اڪبر ميمڻ وٽ ”خانقاه جيلاني“ مڪلي جي حوالي سان ايترا ته راز آهن، جو گادي نشين اهو قطعي برداشت نه ڪندا ته اهي ڪنهن نموني فاش ٿين. ٻي پاسي فقير علي اڪبر پاران هڪ سنڌي اخبار 11 آگسٽ جي اشاعت ۾ ’خانقاه جيلاني‘ جي حوالي سان پنهنجي لکيل ڪتاب ”روحانيت جي آڙ ۾ ٿيل ويڌن“ جو اشتهار پڻ ڇپيو آهي ۽ جيڪو اشتهار ۾ ڄاڻايل فون نمبرن تي بار بار رابطو ڪرڻ جي باوجود به راقم کي ملي نه سگهيو. فقير علي اڪبر جي ان ڪتاب جو اشتهار، پڙهي مونکي محمد عثمان ڏيپلائي جو ڪتاب ”شيخ المشائخ“ ياد اچي ويو. سنڌ ۾ پيرن ۽ گادي نشينن جي ڪُڌن ڪرتوتن خلاف ڏيپلائي صاحب جيڪو قلمي جهاد ڪيو، اهو ڪتاب به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي هو ۽ هاڻ جي علي اڪبر جو ڪتاب آيو ته ان ۾ ڪهڙن رازن تان پردو کنيل هوندو، ان لاءِ ڪتاب پڙهي ئي ڪا راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي.

پير غلام جيلاني جي حوالي سان اها ڳالهه به اهم آهي ته پاڻ پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ ”درگاهه نورائي شريف“ جي گادي نشيني جي حق جتائڻ کانپوءِ، اختلافن سبب لڏي اچي مڪلي تي ويٺو. جڏهن پاڻ مڪلي تي آيو ته هڪ عام پير هو ۽ پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ سندس مريدن جو دائرو به وڌندو ويو ۽ فقير علي اڪبر به پير صاحب جي شروعاتي مريدن مان آهي ۽ مٿس پير صاحب جو ايڏو ته ڀروسو ٿي ويو، جو هو سندس فرنٽ مين جو ڪم ڪرڻ لڳو ۽ پير صاحب جي ٻين ڪمن ڪارين کانسواءِ سندس ڪتاب ڇپائڻ ۽ شاعري کي سهيڙڻ سان گڏ، ڪيترن ئي اديبن کي پير صاحب جي ڪتابن جي مهورتن ۽ سالگرهن جي تقريبن ۽ جيلاني هائوس تي ٿيل مشاعرن ۾ پڻ وٺي ويندو هو پير جيلاني کي ٽي پُٽ آهن. جن مان هڪ پير رضواني پ پ ضلعو ٺٽي جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. کيس 2004ع جي چونڊن ۾ جاتي چوهڙ جمالي واري تڪ تان صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ پڻ ڏني ويئي هئي. اهو ارباب غلام رحيم جو دور هو ۽ ارباب جي بيهاريل اميدوار محمد علي ملڪاڻي کان کٽي نه سگهيو. 2013ع جي چونڊن ۾ هن شيرازين جي پ پ ۾ اچڻ سبب ڪاوڙجي پي. پي ڇڏي، نواز ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ نواز ليگ جي پليٽ فارم تان صوبائي اسيمبليءَ ۾ بيٺو ۽ ٺٽي ۾ نواز شريف کي گهرائي وڏو جلسو پڻ ڪرايائين.مبصرن جو رايو آهي ته جي پير رضواني، پ پ نه ڇڏي ها ته اها سيٽ، پ پ جو عبدالخالق سومرو سولائي سان کٽي وڃي ها. جيڪا شيرازي گروپ جي اعجاز شاهه شيرازي کٽي. پوءِ جڏهن سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ٺهي ته نواز ليگ ڇڏي ٻيهر پ پ ۾ شامل ٿيو. سندس ٻيو پٽ پير حقاني بلدياتي کاتي ۾ چيف آفيسر جي پوسٽ تي مقرر هو ۽ جڏهن سجاول ٽائون ڪميٽي ۽ شاهبندر تعلقي جو چيف آفيسر هو ته گهوٻين جي الزامن ۾ کيس آغا سراج دراني هٽائي ڇڏيو ۽ اڃا تائين بحال نه ٿي سگهيو آهي. تنهن کانسواءِ پير صاحب جي پٽن تي مبينه طور مڪلي جي پلاٽن تي قبضا ڪرڻ ۽ ماڻهن کي دٻائڻ، هيسائڻ ۽ لڏائڻ جا پڻ الزام لڳندا رهيا آهن.

ان سڄي صورتحال ۾ هڪ غريب فقير جو پنهنجي بچاءُ ۾ ڪيترو ٿو هٿ پير هلي سو ته وقت ٻُڌائيندو. بهرحال، هتي سوال اِهو پيدا ٿو ٿئي ته حقيقتون ڇا آهن؟ ۽ اڪبر فقير جي لڳايل ڪنهن به الزام جي جيلاني هائوس پاران هنن سٽن لکجڻ تائين نه ترديد ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ڪا وضاحت.

جيئن مون مٿي چيو ته فقير اڪبر ميمڻ جا لڳايل الزام بي حد سنجيده نوعيت جا آهن ۽ هن ايڪهينءَ صدي ۾ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ ۾ پير اڃا به ٻانهيون يا داسيون رکن ٿا؟ ۽ انهن کي جنسي عمل جو نشانو به بنايو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ نه رڳو حڪومت کي فوري طور تي نوٽيس وٺڻ گهرجي، پر عورتن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي به اڳيان اچڻ ۽ انهن الزامن جو جائزو وٺڻ ۽ تحقيقات ڪرڻ گهرجي. ٻي طرف خانقاه جيلاني طرفان ’واجب القتل‘ قرار ڏنل فقير اڪبر کي جيڪو جان جو خطرو آهي، تنهن کي پڻ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ گهرجي ته جي ان وچ ۾ فقير اڪبر گم ٿي وڃي ٿو يا سندس زندگي ختم ڪئي ٿي وڃي ته اهو سمجهڻ ڪو ڏکيو نه آهي ان عمل جي پويان ڪنهن جو هٿ هوندو، ڇاڪاڻ ته بقول فقير اڪبر جي پير صاحب طرفان کيس ”واجب القتل“ قرار ڏنو ويو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو