Home / اسپيشل افيئر / ننڍي کنڊ ۾ مڊل ڪلاس جو اڀار
above article banner

ننڍي کنڊ ۾ مڊل ڪلاس جو اڀار

Irshad Memonپيٽي بورجوا اصطلاح آهي جيڪا مڊل ڪلاس جي اوائلي شڪل کي ڏنو وئي. پوءِ وارين حالتن ۾ اهو محاورو ۽ مارڪسزم سان تعلق هجڻ سبب بورجوا، پرولتاري ايترو خوار خراب ٿيا جو سندس ويجهو وڃڻ تي ڍونڍ جو احساس ڪر کڻڻ ٿي لڳو. گذريل پنجويهه سالن جي آکاڻي چئجي. طبقاتي بنيادن تي جوڙيل سوويتون ۽ انهن جي يونين کي مليل دنيا جي وڏي ۾ وڏي ملڪ سندي ڍانچي جي تصوير رڳو ست ڏهاڪن اندر ئي ڌنڌلي ٿي، مٽجي وئي. ثابتي ملي ته ڪنهن به رياست کي ڪلاس اسٽرڪچر جي نقشي تي اوساري، اڀو ڪري جٽادار بڻائي قائم ۽ دائم رکي نه ٿو سگهجي. ساڳي ڳالهه مذهبي ٽڪساٽ جي ٽيڪ تي آباد اسٽيٽ لاءِ لکجي ته غلط نه هوندي. وقت لنگهڻ سان، ڪيترائي عنوان آهن جي اسين پنهنجي چوڌاري اوسنا ٿيندي نهاريندا آيا آهيون. زمان ۽ مڪان تن جا نَامَ کڻڻ جي صلاح ڏيندي ڪو نه ملن. اسرائيل جو ڪيس اڄڪلهه چوٽ چڙهيل آهي. معروضي سهارا نه هجنس ته ان جي بقا پڻ ڪڏهوڪو ڀَور ڀَور ٿي چڪي هجي ها. وٽن الهامي ۽ نظرياتي ترڪتال اَوَس هوندا. جڳ جي ڏاهپ جن ڏانهن ٽڪو ڌيان نه ڏيندي.

ملڪ، رياستون، پرڳڻا اتهاس جي ڊگهي عمل، تسلسل جي حاصلات آهن. انهن جي نروار ٿيڻ ۾ هڪ کان وڌيڪ عنصر نهايت سگهاري انداز ۾ ڀرجهلو ٿيندي پسجن ٿا. نسلي جُز، ايڪانامي، ڪلچر، جاگرافي ۽ خود تاريخ پاڻ. تنهن کان ڌار به ڪيترائي ننڍا وڏا تهه آهن جيڪي ڌرتي جي هڪڙي ڀڪ کي جدا، مختلف علائقو، خطو ٺاهي، سنئون ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا. فقط ڌرم يا طبقاتي تاڃي پيٽو اهي طاقتون ڪين آهن جن جي ٿنڀن تي بيٺل ڇت ڪنهن انساني گروهه لاءِ بچاءَ جي تسلي جو وسيلو بڻجي ۽ عالمي ڪڙم ۾ سندن حيثيت کي هڪ اسٽيٽ طور مڃرائي، جڳ جي مامرن ۾ مضبوط رول ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي.

يورپ اونداهي دور مان اک پٽي ته ارڙهين صدي ۾ ٻاڦ واري انجڻ کي انتظاري ڏٺائين. زراعت ۽ مالوندي تي ٻڌل پيداواري رشتن کي بدلجڻو هئو، سي مٽجي ويا. ڪل، مشين هنن لاءِ نوان نياپا آندا. هڪڙو پيغام اهو ته پورهيو وٺندڙ ۽ ڪسب ڪمائيندڙ، بورجوا ۽ پرولتاري وچ ۾ حساب ڪتاب ۽ رابطي رکڻ، انيڪ ٻين ڪمن ڪاڻ اڃا ٽئين طبق جي گهرج هئي. وڻج واپار خاطر پڻ. پراڊڪٽ جو کاپو ڪمرشل سرگرمي سڏي وئي. ايئن نانءُ ڪٺيي پيٽي بورجوا کي ميدان تي اچڻو پيو. بعد ۾ جنهن کي وچولي، مڊل ڪلاس جي شناخت عطا ٿي. ايندڙ ڏهاڪن ۾ سماجي، سياسي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جو خفو به ان طبقي سان تعلق رکندڙ سفيد پوش، چار اکر پڙهيل فردن کي ئي سر تي کڻڻو هئو. کنيائون ۽ پورهيت گهڻائي واسطي غلامي جي زنجيرن کي هلڪو ڪندا ويا. هاڻوڪي زماني ۾ سڌريل ملڪن منجهه اوهان جيڪو ماڻهپو ڏسو ٿا سو مڊل ڪلاس جي پٺن تي لٺيون کائڻ جي نتيجي ۾ حاصل ٿيو اٿن. جنهن ڪرت، شعبي کي سياست ڪوٺجي، وچولو طبقو تنهن لاءِ ڪرنگهي جيتري اهميت رکي ٿو. بورجوا يا مٿئين ڪلاس کي احتجاج ۾ وڃڻ جي لوڙ ناهي هوندي ۽ محنت مزدوري ڪندڙ پرولتاري، هيٺئين پرت وٽ ان طرح جي عياشي ماڻڻ جو سمئه. پوئين ٻن سو سالن طرف ڪنڌ ورائبو ته پيداواري نه سهي، مڊل ڪلاس اٽڪل سمورن معاشرن جي حيات جي ڇٽ کي ڪلهو ڏيئي بيٺو آهي. فرئنچ انقلاب کان وٺي هر نوع جي هلچل، جُهد، تبديلي ڀونچال ويندي عالمي جنگين جي واقعن تائين سندس موجودگي پوري وزن، ڊيگهه ۽ ويڪر سان ملندي.

August 31, 2014   16

انڊيا جو ڪيس ٿورڙي فرق سان پسبو. اوڀر هندستان پهريون ٽُڪر آهي جتي بنگال جي نار وسيلي انڊسٽري پهتي. اوڏانهن ترقي جي شروعات يورپ سان گڏوگڏ ٿيندي نظر ايندي. ارڙهين صدي جي آخر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪلڪتي رسڻ گهڙي اهو ماڳ دنيا جو وڏي ۾ وڏو صنعتي مرڪز هئو. جام آبادي هوندي به ننڍي کنڊ ۾ ڪمرشلائزيشن جي لقاءَ کي پاڙون کوڙڻ ۾ ڏيڍ سئو ورهيه ٻيا لڳڻا هئا. سبب سو ته برٽش راڄ کي هن ملڪ ۾ اقتدار سان لاڳاپيل مونجهارن کي حل ڪندي ايترو گهڻو وقت لڳي ويو جو هنن جي هتان موٽ کائڻ جو ٽائيم اچي پهتو. 1900ع پڄاڻان سامراجي ڦرمار کي بلڪل نانگو ڇڏڻ ممڪن نه رهيو. ٻي مهاڀاري جنگ، گڏيل قومن جهڙي اداري کي سندي گرڀ مان ڪڍيو. يورپ تيستائين صفا ساڻو ٿي چڪو. ايشيا توڻي آفريقا جي بيٺڪيتن مان مثالي تڪڙ وچان واپس ڊڪ پاتائين.

47ع- انگريزن جي هندستان ڇڏڻ جو سال. انڊيا کي ڳڀا ٿيندي سڀني ڏٺو. برٽش ايمپائر هتان معدنيات ۽ ٻيو ڪچو مال اولهه ڏانهن ڍوئڻ ۾ رُڳ ڪيا. گڏيل طور ننڍي کنڊ جي سماج کي بنيادي تبديلين جي آوي مان گذاريو. انساني سڀيتا جي پراچين دور کان ستابو ڪلچر رکندڙ هن خطي ۾ البت ٻه مصيبتون ايئن جو ايئن ڦٽي ڪري ويو. هڪ مذهبي بنيادن تي عناد، وڳوڙ ۽ ٻيو صديون پراڻو، مدي خارج زرعي سرشتو. هندو مسلم ٽڪراءُ ڪارڻي ٽي جدا نقشا وجود ۾ آيا. برطانوي سامراج جي کنڊائپ موجب. انگريز وفادار مقامي دلالن کي جاگيرون عطا ڪرڻ واري بيٺڪي حڪمت عملي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ بدبودار فيوڊل سسٽم ۽ ڪيئان پيل ايگري رشتن ۾ پٿرائين پختگي آئي. زرعي زمين جي سروي ۽ آبپاشي نظام ۾ جدت جن جو وارو ونگو نه ڪري سگهيون. مغل بادشاهت هٿان برباد هندستان ۾ برٽش ايمپائر قدم رکيو. شانائتي هن ڌرتي کي ڏيڍ صدي کان سرس عرصو چڪ هڻي کائيندي رهي. ٽوٽا ٽڪرا ڪيائينس. معاشرتي لحا‎ظ کان گهگهه اونداهه ۾ اڇلائي، ورهاڱي جي اوڙاهه جي چوچڙي ٻاري، ٽاپو ڪري اها ٿي وڃئي سن سترهن سئو ڪجهه ۾ پاڻ هر تو صنعتي زماني ۾ وک وجهندڙ اسان برطانوي حاڪمن جي، اڍائي صديون بعد، تڏا ويڙهه گهڙي پاڻ کي ڍانڍو، خالي ۽ اونداهي، ڌپياري، ساهه منجهائيندڙ ڀانڊي ۾ بند ڏٺو. ڌرم جو ٻارڻ ڌار تکو ته دنيا ۾ گهلندڙ گهڻ رخي واءُ جي تازگي کان ڏور، ڍنڍ جي تري جهڙي حال ۾ پساهه کڻندڙ ٻهراڙيون جدا. تنهن سموري عرصي ۾ ننڍي کنڊ کي مڊل ڪلاس جو ڪجهه مقدار ضرور پلئه پيو. ان جي هوند پر، ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي سبب ايترو نه هئي. جيترو لاٽ صاحبن جي ٻولي يعني انگلش سکڻ ڪارڻي چئجي.

حڪمراني هلائيندڙ لارڊز وٽ عوام جي بي انت بحرکي گهربل، لازمي ضابطي هيٺ رکڻ خاطر مقامي پٺو، ڪارندن جي لوڙ هئي. سول سروس جو بوتو، پوليس قانون ۽ ٻيا کاتا تحرڪ ۾ ڏسڻ واسطي ماڻهن کي علم ۽ سو به انگريزي زبان ۾ پرائڻ لاءِ هر کائڻ شروع ٿيا. اسڪولن جو ڄار وڇايو ويو. بورڊنگ هائوسز، مفت تعليم ۽ وظيفا. برٽش گورنمينٽ اڻکٽ پئسو وهايو. ايئن سفيد پوش نوجوانن جي لوڌ اڳتي آئي. جن جو مول متول اکيون، ٻوٽي، دهلي ۾ ويٺل گوري حاڪم جي سيوا ڪرڻ هئو. اتفاق سان چئجي يا رٿابندي وسيلي، ان طبقي جي موجودگي اتر هوندوستان، بنگال ۽ سنڌ ۾ وڏي تاب سان پسجڻ لڳي. اهو به ته منجهس انڊيا واسي ٻئي نمبر تي گهڻائي رکندڙ مسلم آبادي مان هنن جي مقدار آهر نمائندگي نه هئي. هندن جو تعداد اچرج ڏياريندڙ حد تائين وڌيڪ تسليم ڪجي.

سو برطانوي راڄ جي پنجوڙ ۾ جڪڙيل ننڍ کنڊو هئو. جت، نهايت اهم ڪلاس، وچولي طبقي جو جنم ٻولي جي نُطفي وگهي ٿيو. علائقائي فرق ۽ مذهبي ڪروڌ جو دڪو ڳهي، بانبڙا پائڻ سکيو. غلامي مان ڇوٽڪاري جي آشا جن فردن سان سلهاڙجي، سي لوڪ جي ڳچي ۾ ان جا ڳٽ اڃا پختا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا. جڳ جهان منجهه پيٽي بورجوا، مڊل ڪلاس جي اوسر صنعت ۽ حرفت، انڊسٽري ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي سان سڌي نسبت سانڍڻ جو ڏيک ڏيندي رهي. 47ع ۾ انگريزن جي هندستان ڇڏڻ کان ٿورڙو پهريائين، هي خطو مشيني دور کان ڏورانهون هئو. وٽس وچئين طبقي جو موچارو انگ چئجي. جن سڀ کان وڌيڪ سول سروس ۽ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري وٺڻ ڪاڻ هٿ پير ٿي هنيا. تعلق مخصوص صوبن سان هئن ۽ انهن ۾ مسلمانن جي ڪٿ مناسب ڪوٺڻ رياڪاري ٿيندي.

ايندڙ ڪجهه ورهين وري ٻيو دکدائڪ سنيهو آندو. مثالي لڏ پلاڻ ۽ مذهبي فسادن ڪارڻي وڏو انگ سانڍيندڙ اهي پيٽي بورجوا ڪک پن ٿيڻ لڳا. ڌوڙ ويٺي ته ڌاڻا نڪتل ڪلچر سان سندن نوان مرڪز وجود وٺي چڪا. هڙئي جو هڙئي شهري، اربن. ٻه اڌ ٿيل بنگال ۾. دهلي، انڊيا پاڪستان جا ڏکڻ وارا ماڳ، بمبئي ۽ ڪراچي. بعد جا ڏهاڪا حيرانگي وچان صدين جي ان سجاڳي کي خود غرضي ۽ بي حيائي سان پنهنجو ڀڀ ڀرڻ خاطر مڙئي ليڪا لتاڙيندي ڏسندا رهيا. ڪنهن وٽ ڪا اخلاقيات نه هئي. فقط پاڻ سکيو رکڻ کي سنت ڪوٺيو ويو. مڊل ڪلاس جو سياسي رول سندي بيهڪ ٺاهي نه سگهيو. ٻنهي ملڪن جي شروعاتي سالن کان فيوڊل ۽ سرمائيدار جي ڏاڍ مڙسي کي ٻل حاصل ٿيو. بيورو ڪريسي ۽ فوج سامهون لاٽ صاحبن، خانبهادرن جي غيرمحدود اختيارن جو ماڊل رهيو.عوام جي ڏوڪڙن تي پلجڻ باوجود وٽن پڻ سرڪار ٿيڻ جو حرص وڌي وڻ ٿيو. وقفي وقفي سان جنهن جو هو پورائو گهرندا، ڪندا رهيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو