Home / ويندي ويندي / نوڙيءَ مان نانگ ٺاهيو ۽ پوءِ نانگ جو ليڪو ڪُٽيو!
above article banner

نوڙيءَ مان نانگ ٺاهيو ۽ پوءِ نانگ جو ليڪو ڪُٽيو!

سامراجي دماغ وڏو شاطر ٿئي ٿو. هزارن سالن کان ان دماغ اسان پارن سادن انسانن کي اصل ڳالهه معنيٰ طاقت يا اقتدار جي مرڪز تان ڌيان هٽرائڻ لاٰءِ مختلف مسئلن ۾ الجهائي رکيو آهي. مذهب يا عقيدي ۾ الجهائي رکڻ انهن مان هڪ آهي. رومن، يونانين، مصري فرعونن، بابلين، سميرين عربن توڙي اورنگزيب جهڙن مغلن انساني عقيدي جي ڪمزور رڳ کي استعمال ڪندي پنهنجي سامراجي راڄ کي ٽيڪو وٺرايو. انگريزن جڏهن سامراجي سلطنت جي شڪل ورتي ته کين ماڻهن کي مُنجهائڻ ۽ ورهائڻ لاءِ مذهب کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي. عربستان ۾ سندن ڪم عبدالوهاب نجدي سولو ڪيو. ڏکڻ ايشيا ۾ شاه ولي الله ۽ سندس پٽ شاه عبدالعزيز اهو ڪم مٿي تي کنيو. انگريزن پنجاب ۾ سکن جي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ شاه ولي الله جي پوئلڳ سيد احمد شهيد کي استعمال ڪيو جنهن سکن جي سرڪار خلاف جهاد جو اعلان ڪري سکن جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي، آخر ۾ رڳو انگريزن اچي رسمي طور تي پنجابي مسلمانن کي “ڪافر” سکن مان آزادي ڏياري.

August 31, 2014

ٻين مهاڀاري لڙائي کان پوءِ جڏهن انگريز سامراج ڪمزور ٿيو ته سندس منجي تي آمريڪا چڙهي ويهي رهيو. پاليسيون ته ظاهر آ ته ساڳيون رهڻيون هيون سو “جهاد” جي سرپرست اعلي جي حيثيت ۾ آمريڪا مذهبي حضرات تي هٿ رکيو. مسلمان ملڪن ۾ ڪميونسٽ اثر کي روڪڻ لاءِ اخوان المسلمون جهڙي جماعت کي ٽيڪو وٺرايو ويو. اڄڪلهه هي جيڪي به مولوي حضرات ڏسو ٿا جيڪي آمريڪا جا جهنڊا ساڙيندا وتن سي ڏه پندرهن سال اڳ تائين آمريڪي ڊالرن ۾ تُڙڳندا هيا. بشمول حضرت اسامه بن لادن ۽ اسان وارا مودودي جا چيلا. پر وقت وقت جي ڳالهه آ. اسامه ايبٽ اباد ۾ آمريڪين هٿان مارجي ويو ۽ جماعتي هر چوٿين پنجين هفتي مزارِ قائد کان تبت سينٽر تائين آمريڪا تي لعنتون وسائيندا لانگ مارچ ڪندا نظر ايندا آهن.

اڄڪلهه عراق ۽ شام ۾ دائش نالي دهشتگرد تنظيم کي چٿڻ لاءِ آمريڪا سرگرم آهي. اوباما دائش يا اسلامي خلافت خلاف عالمي اتحاد جوڙڻ جي به لابنگ ڪري پيو. پر ڪير کانئن پڇي ته ، بابا! اها دائش آئي ڪٿان؟ دائش جي دائي ڪير آهي؟

اها ڪا آڳاٽي ڳالهه ناهي ته شام جي صدر بشار الاسد جي سيڪيولر آمريت کي هٽائڻ لاءِ آمريڪا، سعودي، قطر ۽ اسرائيل گڏجي عربي توڙي عجمي جهادي ڀرتي ڪري شام جهاد واسطي موڪلڻ شروع ڪيا. اوباما جو انهن مجاهدن لاءِ هيانوَ ڦاٽو پئي. روس جيڪڏهن 2012 ۽ 2013 ۾ ان جنگ ۾ بشارالاسد جي کليو کلايو مدد لاءِ شام ۾ ڪاهي نه پوي ها ته اهي جهادي بشارالاسد سان لبيا جي قذافي يا افغانستان جي ڊاڪٽر نجيب وارو حشر ڪن ها. پر روس مجاهدن تي ڏنڊو کڻي بيهي رهيو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته اهو بشارالاسد جيڪو شام مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ خيريت جو دڳ ملڻ جي خيرات پني رهيو هو تنهن مجاهدن کي شام جي اڪثر حصن مان تڙي ڪڍڻ شروع ڪيو. جهادين ۾ ٽاڪوڙا پئجي ويا. ڀڄي وڃي عراق ۾ پناه ورتائون جتي اسلامي سلطنت قائم ڪري شيعن ۽ ٻين عقيدي وارن جو قتل عام شروع ڪيائون. سندن هٿان ٻه آمريڪي صحافي به ذبح ٿي ويا ۽ پوءِ آمريڪا ڪيسٽ جو پاسو مٽائيندي کين مُجاهد بجاءِ دهشتگرد سڏڻ شروع ڪيو.

مزي جي ڳالهه ته هاڻ آمريڪا ۽ سندن هم نوا انهن “مجاهدن” سان وڙهڻ لاءِ شام ۽ ايران جي مدد وٺڻ لاءِ آتا آهن. ستم ظريفي ته ڏسو ته جيڪي بلائون آمريڪا ، شام ۽ ايران تي بڇيون سي سندس ئي ڳچي ۾ پئجي ويون آهن. هاڻ انهن بلائن کي ٽارڻ لاءِ وتي مرليون وڄائيندو. ٺيڪ ايئن جيئن القائده جي هچائن مان جند ڇڏائڻ لاءِ جنگ جا طبل وڄايا هئائين.

ان مان ڇا سمجهجي؟ يا آمريڪا چريو آهي يا اسان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي؟ پهرين نوڙي وٽيو، نوڙي مان نانگ ٺاهيو ۽ پنهنجي دشمن تي بڇيو، جڏهن دشمن سان نانگ پڄي نه سگهي يا ان کي ڏنگي واندو ٿي اوهان جي ڳچي ۾ پوي ته وارو وارو! ڪيو ، مجاهدن کي مارڻ لاءِ جنگ جوٽيو. واھ آمريڪا تنهنجو عقل! يا تنهنجي سدابهار مُنجهائيو ۽ راڄ ڪريو سامراجي پاليسي؟؟؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو