Home / اسپيشل افيئر / نينان گردي ۽ ميڊيا گردي!
above article banner

نينان گردي ۽ ميڊيا گردي!

Aziz Solangiاها انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن “آواره گردي” لفظ يا ته رولاڪين لاٰءِ استعمال ٿيندو هو، يا وري گوسڙو شاگردن تي استادن جي جاري ڪيل “چارج شيٽ” ۾ اهو لفط استعمال ڪيو ويندو هو. اها هاڻوڪن غيباتي ماسترن (Ghost Teachers) جي ڳالهه نه آهي، پر انهن استادن جي ڳالهه آهي، جن جو ذڪر ايندي ئي انهن جا شاگرد ٿڌو ساهه کڻي چوندا آهن: “ڪاش! تعظيم جو سجدو جائز هجي ها…!!”

جڏهن 1951ع ۾ ڀارت ۾ فلم “آواره“ رليز ٿي، ته ان ۾ مڪيش جو ڳايل گيت “آواره هون” تمام گهڻو مشهور ٿيو. مشهور ڇا، ايئن سمجهو ته شهرت جي بلندين تي پهچي ويو. سوويت يونين، چين، رومانيا، ترڪي، وچ اوڀر ۾ افغانستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان جو مقامي Version به آندو ويو. چيئرمين مائو جي حوالي سان اها ڳالهه مشهور ٿي ته، ان کي فلم “آواره” ۽ ان جو گيت تمام گهڻو پسند هئا. اها ان زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن لفظ “آواره” جو ناڪاري مفهوم ۾ بنهه گهٽ استعمال ٿيندو هو.

آوارگي رومانس بڻيل هئي، نوجوان پنهنجي رنگين ريشمي قميصن/ڪڙتن جي پُٺ تي درزي کان ڀرت ۾ “آواره هون” لکرائي پائي هلندا هئا. تڏهن آوارگيءَ جو وينا ملڪ وارو Version اڃا ايجاد نه ٿيو هو. تڏهن لفظ “آواره گردي” به ڪو گهڻو اُگرو نه هوندو هو. اها انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن آواره گردي ۽ غنڊه گرديءَ کانسواءِ “گرديءَ” جي پُڇ وارا گهڻا لفظ عام استعمال هيٺ نه هئا. ها البت، شام جو جڏهن سهڻيون پاڻ سينگاري نڪرنديون هيون ته چوندا هئا ته، “نينان گردي” ڪرڻ نڪتيون آهن. اها انهن نيڻن جي ڳالهه آهي، جن لاءِ شاهه لطيف چيو آهي ته، “ڪَجَلَ هَڏ مَ هيرِ، تنهنجي رُکين ئي رڻ ڪيو”. نينان گردي کانپوءِ هاڻي ته، دهشتگردي، پوليس گردي، رياست گردي، گلو گردي ۽ ڌرڻا گرديءَ وارن اصطلاحن جو استعمال عام جام آهي، بلٽ پروف ڪنٽينر ۾ لڪي هر وقت بيقراريءَ سان شهادت جو انتظار ڪندڙ علامه (؟) قادريءَ لاءِ ته عام اعتراض آهي ته، اهو ‘زبان گردي’ ٿو ڪري پر ڪجهه وقت کان ‘ميڊيا گرديءَ’ جو اصطلاح پڻ ايجاد ٿي چڪو آهي. ان الزام جي احاطي ۾ صرف چند ٽي وي چئنل ٿي آيا، پر اسلام آباد واري ڌرڻاگرديءَ کي رپورٽ ڪرڻ وارا نداز ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته، ان حمام ۾ سڀ هڪجهڙا آهن.

August 31, 2014   19

يا محبوبا کي ڪنهن مشهور نيوز چئنل تي اينڪر پرسن بڻائجي، يا وري ڪنهن اينڪر پرسن کي محبوبا بڻائجي، ٻنهي صورتن ۾ سياستدانن جا مزا ئي مزا آهن. اهي سمجهن ٿا ته، ايئن ڪرڻ سان ٽي وي چئنل سندن مطيع بڻجي نه به رهن، پر مُڏا ضرور ٿي ويندا ۽ سندن محبوبائون اتي پهچي تعلق جا نوان نوان چئنل کولينديون. جڏهن ته ميڊيائي سيٺيا اهو سمجهن ٿا ته، مفادن جي مومل ماڻڻ لاءِ “زبان گردي” ۽ “نينان گرديءَ” جا نوان نوان محاذ کولڻ ضروري آهن ۽ انهن ان اخلاقيات جي به پاسداري نه ڪئي ته، هنن جيڪا دنيا ڏانهن دري کولي ڇڏي آهي، ان مان ڇا ڇا پيو نظر اچي!

سورمن کي وڳوڙي ڪري پيش ڪرڻ وارن مثالن سان تاريخ ڀري پئي آهي، پر هن ڀيري ته ملڪ جي اليڪٽرانڪ ميڊيا ته وڳوڙين کي سورمو ڪري پيش ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي، نيوز چئنل تفريحي چئنل بڻجي ويا. ڌرڻي بازي پٺيان اصل راند کان اڻ ڄاڻ، نعرا هڻي جهومندڙ ۽ نچندڙ، توڙي نچي ۽ جهومي نعرا هڻندڙ ڇوڪرين جي ڳلن تي ٺهيل سياسي پارٽيءَ جي رنگين جهنڊن کي ميڊيائي ڪئمرائن پل پل ۾ فوڪس ڪري ايترو ته گليمرائيز ڪيو، ته جيئن ماڻهن کي وندر جو سامان مهيا ٿئي، قطع نظر ان ڳالهه جي ته ان سان ماڻهن ڏانهن ڪهڙو پيغام ويندو! ڌرڻن جي رپورٽنگ ۾ ميڊيائي نمائندا ايترا ته پرجوش نظر آيا‏، ڄڻ اهو ميڊيا جو پنهنجو ڪاڄ هجي. ڪپتان جي کنگهه تي به تبصرا هئا ۽ اهڙا ته تبصرا پئي ڪيا ويا، ڄڻ آزادي ٻُنڀي ٻاهران اچي پهتي هجي! ڪنٽينر ڪوڏئي قائد جي زبان گرديءَ کي شعلا بياني سڏيو ويو. اهم ۽ تازين خبرن جي شهه-سرخين بدران عورتن جي ‘ڌيان طلب’ بيانن جي اشتهارن کي ان جي آخري لفظن تائين پڙهڻ جو ذوق رکندڙ خلق کي وندر جو سامان ملي ويو، ٻيو کين ڇا کپي؟ بس واهه واهه ٿي ويئي. صحافتي اخلاقيات جو ڪريا ڪرم ڪيو ويو، ميڊيائي سيٺين جا مفاد حاوي ٿي ويا، جڏهن ڌرڻي باز ڏاچين ‘ڏهه’ ٿي هنيا، ته ميڊيائي توڏا ‘تيرنهن’ هڻڻ لڳا. انهن سڀني ڳالهين باوجود به ميڊيا جون سڀ مدايون معاف ٿي ويون. ميڊيا جي ٻِرَ ۾ ڪير هٿ وجهي!! ميڪ اپ آرٽسٽ، جيڪا انور مقصود جهڙي سدا جوان پوڙهي جي آڱر ۾ جهلي اداڪاريءَ جي ‘رنگ مِنچ’ تي آئي، هوسٽ طور به نالو ڪڍيائين، سا پوءِ پرويز مشرف کان “متاثر” ٿي آل پاڪستان مسلم ليگ ۾ شامل ٿي، سا Host cum Politician جڏهن شراب جي بوتلن سان پڪڙجي ٿي ته، ملڪ جي اعليٰ ترين منصف جو قرار کسجي وڃي ٿو ۽ اهو پاڻمرادو نوٽيس وٺي حسن کي مئخواريءَ جي الزام مان آجو ٿو ڪرائي،. اها آهي ميڊيا جي طاقت (يا حسن جي طاقت؟) ۽ ان هوسٽ کي ميڊيا، سياست ۾ موڪليو، يا وري سياست ان کي ميڊيا مان جهٽيو، ان بابت ابن بطوطه خاموش آهي. پر اها حقيقت آهي ته، جتي سياست ۽ رياست ميڊيا “سيڙپڪاري” ڪئي آهي، اتي ميڊيا به رياست ۽ سياست ۾ ‘سيڙپ’ ڪئي آهي.

گنگا رام سمراٽ پنهنجي ڪتاب “سنڌو سو وير” ۾ موهن جي دڙي (واري شهر) جي هڪ سڱ واري ڏند ڪٿائي ڍڳي جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو انتهائي طاقتور ۽ اَجهل هوندو هو، جيڏانهن ويندو هو ته، تباهي پکيڙندو، وسنديون ويران ڪندو ويندو هو. ان قديم تهذيبي دور جا ماڻهو ان کي پڪڙڻ لاءِ ان جي واٽ ۾ ڪا انتهائي خوبصورت ڇوڪري ڇڏي ڏيندا هئا ۽ اهو اَجهل ڍڳو سونهن کان ايترو ته مرعوب ٿيندو هو، جو اهو ان ڪامڻيءَ جي جهول ۾ پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندو هو ۽ صرف ان ئي حالت ۾ موهن شهر جا ماڻهو ان کي پڪڙي، قابو ڪري سگهندا هئا. اها ته هئي هزارين سان پراڻي ڳالهه، پر اسان وٽ هاڻي به ميڊيائي مالڪ اقتدار ۽ سياست جي شهزور ڍڳي کي پنهنجي وس ڪرڻ لاءِ ڇوڪرين، يعني حَسين اينڪر پرسنز….. يا وري زبان گردي ڪندڙ ‘مڙس ماڻهو’ اينڪرز، جيڪي انهن جا PET هوندا آهن (PAT وارا پاڻ ڏانهن ڇو ٿا سمجهن؟) ميدان تي آڻي زبان گردي ۽ نينان گرديءَ جي ذريعي ميڊيا گردي ڪندا آهن، جڏهن ته سياست ۽ رياست جا راڻا ميڊيا جي شهزور ڍڳي کي ڏانوڻ وجهڻ لاءِ ساڳيوئي طريقو استعمال ڪن ٿا.

ميڊيائي طوطن اهڙي ته Sensitization پيدا ڪئي آهي، جو ماڻهو نفسياتي مريض بڻجي ويا آهن، سڄي ملڪ جي ماڻهن کي انهن غير يقينيءَ جي ڪُنَ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. هاڻي ته انهن کان ننڊ به موڪلائي وئي آهي، اهي اهو سوچي سمهن ئي نٿا ته، متان کين رات جو ننڊ اچي وڃي ۽ اهي پراڻي پاڪستان مان نئين پاڪستان ۾ وڃڻ واري لمحي جو مشاهدو نه ڪري سگهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو