Home / ڪتاب / يادگيرين جا البم- هڪ اڀياس!
above article banner

يادگيرين جا البم- هڪ اڀياس!

Shafqar Khosoچوندا آهن ته ابي امڙ جا پاڇا اولاد ۾ ڏسي سگهبا آهن. عنايت بلوچ ۽ هدايت بلوچ کي ادبي ماحول سندن والد غلام نبي اداسي مهيا ڪري ڏنو هو جيتوڻيڪ هو خود به گمنام صحي پر ڏاڍو پختو شاعر هو. سندن گهر ۾ ادبي رسالا هندستان کان به ٽپال رستي ايندا رهندا هئا. اهو ادبي ماحول سندن والد جي وفات کانپوءِ سندن چاچي مصطفيٰ مهجور به برقرار رکيو.

اداسي صاحب ٻنهي پٽن کي پاڙهيو ۽ ڪاڙهيو هيو، عنايت بلوچ ته سندن چيچ جهلي تڏهن جي تَرَ ۾ ٿيندڙ طرحي مشاعرن ۾ شرڪت ڪئي.

هنن ڀائرن جا ديوانن وارا ڪم آهن تڏهن ئي ته عنايت بلوچ صاحب ڪسٽم جهڙي ڪمائتي نوڪري ڇڏي ريڊيو جي ملازمت اختيار ڪئي. شايد من ۾ آيو هجيس ته: “اي ڪامل ڪم نه سندوءِ جيئن پهس پڇاڙئين پوتئين”.

ريڊيو ۾ سندس علمي ادبي اڃ ته اجهامندي رهي پر اهو سودو سراسر گهاٽي وارو هو. ڇا پئسو سڀ ڪجهه آهي؟ بلڪل نه… ڪنهن سچ چيو هو ته: “پئسو پناهه گاهه ته ٿي سگهي ٿو پر اتساهه نٿو بڻجي سگهي. سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۾ موچارو ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪندڙ هدايت بلوچ توڙي جو دنيا جا سير سپاٽا خوب ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ آمريڪا، برطانيه، جرمني، فرانس، سوئٽرز لينڊ، جاپان، آذر بائيجان، ڀارت، عمان، سعودي عرب جڏهن ته سنگاپور ۽ ڍاڪا ۾ ته PIA جي ڪنٽري مئنيجر طور ٽي چار سال مقرر به رهيو. پر پوءِ به هي شخص حال مست رهندڙ آهي، کيس شخصي طور اڄ يا سڀان جو فڪر ناهي هوندو، نه رڳو اڄ سڀان اسان ته هن کي اڳئين جهان جو الڪو ڪندي به ناهي ڏٺو.

ان مان اهو نه سمجهيو وڃي ته هدايت ڪو احساس کان خالي آهي، هو ته فقيرن، لاچارن ۽ اڌ اگهاڙن کي ڏسي جهري پوندو آهي ۽ ڪائنات جي غير واجب ورهاست تي پنهنجو ڪروڌ قلم وسيلي ڪڍندو آهي. سندس مشهور نظم ”ٻه فقيرياڻيون” فرمائش ڪري هر هر کانئس ٻڌو ويندو آهي.

August 15, 2014   55

شاعري ۾ مزاحمت هدايت بلوچ جي سڃاڻپ بڻيل آهي، هن سنڌ جي مسئلن تي سدائين بي خوف ٿي شاعري ڪئي آهي، سندس شاعري ۾ واڪو ۽ ووڙ آهي، اڻ برابري خلاف ڌڪار آهي، سندس شعر سالن کان نئين زندگي، مهراڻ، سوجهرو ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپبا رهيا آهن، سندس قطعا، هلال پاڪستان، جاڳو، عوامي آواز، سنڌ ۽ خبرون اخبارن ۾ پڻ ڇپجندا رهيا ان سان گڏ هدايت بلوچ عوامي آواز ۾ ڪالم به لکندو رهيو آهي، انهن ڪالمن ۾ سنڌ جو آواز، سنڌ جي درد جي دانهن هدايت کان هٿان ناهي ڇڏائي.

انهن ڪالمن تي ٻڌل ڪتاب “يادگيرن جا البم” نالي، تازو ئي پوپٽ پبليڪيشن خيرپور جي سرواڻ قربان منگي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. 415 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ ڏاڍا ڪارائتا مضمون شامل آهن جن کي پڙهڻ کانپوءِ اوهان کي هدايت بلوچ هڪ اونو رکندڙ وطن پرست محسوس ٿيندو، هن مضمونن ۾ سنڌ جي آئيندي جي سنبت ۽ تياري لاءِ صلاحون آهن نه رڳو ايترو پر هدايت خود پاڻ کي به اهڙي ذميواري لاءِ پيش ڪري رهيو آهي.

ڪتاب ۾ پاڪستان جي سياست، ملن جا هاڃا، افغانستان، عراق ۽ ٻين ڪيترن ملڪي عالمي موضوعن تي معلومات ۾ واڌارو ڪندڙ ليک شامل آهن، ڪي تاريخي، سياسي ته ڪي شخصيتن تي ٻڌل هنن مضمونن ۾ گهڻا هلندڙ حالتن تي لکيل آهن. بلڪل اخبار جي ايڊيٽوريل وانگر جيئن مان “ڪٿي لٽيو آهيان؟” عنوان هيٺ لکيل ڪالم توڙي جو ليکڪ سان سنئون سڌو واسطو رکي ٿو جڏهن هن جي گهر ۾ ڌاڙيل ٽپي اچن ۽ ڌاڙو هڻن ٿا. پر هدايت صاحب جنهن فراخدلي ۽ منفرد سوچ سان انهي واقعي جو ذڪر ڪري ٿو سو پڙهڻ ۽ ساراهڻ جوڳو آهي. ڪي جملا اوهان جي ذوق لاءِ : “03 جولاءِ تي سنڌي ڳالهائيندڙ ڀائر هٿيارن سان مسلح تقريبن صبح جو ساڍي ٽين وڳين ڇت ٽپي منهنجي اڱڻ ۾ گهڙي آيا، ڏيڍ ڪلاڪ جي ڪارروائي ڪري ڪاغذ جن تي “بينڪ دولت آف پاڪستان” لکيل هوندو آهي ۽ ڪجهه ڪاغذ جن کي پرائيز باند ٿا چون ۽ ڪجهه جنهن کي “سون” ٿا چون کڻي ويا. مان کين ڌاڙيل نه چوندس اهي انتهائي فضيلت ڀريا نوجوان ضرورتمند هئا جيڪي پنهنجي ضرورت پوري ڪري هليا ويا، پوليس ٿاڻن ۾ وردين وارا ڦرين ٿا. ٽريفڪ پوليس وردين ۾ ڦري ٿي، ڪامورا ۽ ٺيڪيدار سول ڪپڙن ۾ ڦرين ٿا. ويڪائو صحافي ۽ ويڪائو اديب ضمير جا سودا ڪري قلم سان ڦرين ٿا“.

سندي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ ڌاڙيلن لاءِ ايئن لکڻ هدايت جي ترقي پسندي عملي طور پڌري ٿي رهي آهي ۽ واقعي پٺيان اسباب ۽ سماجي ناهمواري کي به هو خوب سمجهي ٿو.

خرچ ۾ ڏاڍو سخي، يارن جون مهمانيون هٿ سان نه پر هينئين سان ڪندڙ هدايت ڪيترن کان گهڻو مختلف آهي. نازڪ، خوش، پوشاڪ، چرچا ڪندڙ هن شخص کي ڀٽائي ڏاڍو ياد آهي، تمام ٿورا ماڻهو ڀٽائي کي درست اچار سان پڙهي سگهندا آهن انهن ۾ بي شڪ هدايت کي ڳڻائي سگهجي ٿو.

يادگيرين جا البم ڪتاب پنهنجي نالي ۾ ڏسندڙ کي گمان ۾ وجهيو ڇڏي ته جيون ڪهاڻي يا پنهنجي ڪهاڻي هوندو. ايئن نه هوندي به ڀانيان ٿو ته ايئن ئي آهي. ڀلا سنڌ جي ڪهاڻي يا سنڌين جي ڪهاڻي اسان سڀني جي پنهنجي ڪهاڻي ناهي…..؟

انهن ڪالمن ۾ هڪ ڪالم “پيڙه جو پٿر” دراصل سنڌي ادبي سنگت (عمارت)جو پيڙهه رکڻ تي لکيل آهي، لکي ٿو: ادبي سنگت عمارت جي پيڙهه جو پٿر پيو خوشي ٿي، پر هي جو سموري سنڌ جي جياپي جي پيڙهه جو پٿر پٽيو پيو وڃي تنهن جوڇا ٿيندو“

اڳتي پڙهو: ”جيستائين اسان وڙهنداسين نه تيستائين اسان کي اسان جا حق نه ملندا”.

قلمڪار جي اک ايندڙ کي اڳواٽ سمجهندڙ هوندي آهي ۽ اپائن سان علاج، ڪي ڦڪيون ڏسيندڙ ليکڪ جو دماغ چئي ٿو: “ پيڙهه جو پٿر پٽيو پيو وڃي علاج اٿو وڙهڻ”

ايڏي دليري سان ڊي ڊپو ٿي لکڻ هدايت بلوچ جو وڙ آهي. هن اقتداري ڌرين ۽ سگهارين قوتن کي نشانو بنايو آهي، انهن ئي ڪالمن ۾ هن ملن جا وکا پڌرا ڪيا آهن. ايئن ڀوتارن، مخدومن کي به جي چوڻو پيس ته ڪين مڙيو ۽ کين ڦهڪائي ڏنائين، لکيائين: “پاڪستان جي ڀينگ ڪرڻ ۾ باريش بزرگ ئي ذميوار ناهن، پر ان ۾ مقتدر قوتن جو به وڏو هٿ آهي”.

هڪ قلمڪار ڀلا قلم وسيلي ان کان وڌيڪ ڇا لکي؟ منهنجي نظر ۾ اها فرد جرم آهي اقتداري ڌرين ۽ سگهارين ڌرين تي، ليک تاريخ جو حصو ٿيو وڃي، هدايت پنهنجي ڄڻ FIR ڪٽرائي ڇڏي آهي گڏوگڏ اپاءُ به ٻڌائي ڇڏيا اٿائين.

هدايت جي گهر ۾ هڪ سٺي لائبريري آهي، ڪتاب خريد ڪرڻ تي خاصو خرچ ڪندو آهي. شال نه کيس ڪنهن ڪتابي ميلي جي خبر پوي، وڃي نڪرندو جتان ڍڳ ڪتاب خريد ڪري ايندو ۽ ڏينهن تائين سيراندي کان رکيل انهن ڪتابن جون پيو پڙهايون ڪندو.

شيڪسپيئر ۽ ٻين انگريزي ٻولي جي شاعرن جا ڪيترائي شعر کيس ياد آهن، ٻين ٻولين ۽ ادب جو به ڳوڙهو مطالعو رکندڙ آهي، ٻولي جي باري ۾ ڏاڍو حساس آهي تڏهن ئي “مارئي ميلا” ڪارڊ جي ٻولي تي به کيس اعتراض آهي، لکي ٿو ته مارئي ميلو هئڻ گهرجي، خبر ناهي ڪيئن پر ڪجهه هنڌن تي سندس مضمونن ۾ مارئي ميلا وانگر سنڌي ٻولي کان اوپرا لفظ لکي ويو آهي. ادب سان عرض رکجي ته، هيٺيان لفظ يا محاورا سوال اٿارين ٿا. جهڙوڪ: ڏکي توءِ ڏڪار مضمون ۾ “جمال نقوي روئڻا رنا” فلسطين جو آواز ۾ “موذي مرض هڪ ڏينهن سندس جان وٺندو” يا آمريڪا جي دوگلي پاليسي ” اهي اصطلاح اسان جا ڪين آهن.

سچل ادبي ڪانفرنس خيرپور ۾ ڪرائڻ جو جن رواج وڌو انهن ۾ جمال ابڙي جو نالو هدايت صاحب کان گسي ويو آهي. تاريخ جي درستگي لاءِ عرض رکجي ٿوته دراصل اهو رواج جمال ابڙي وڌو هو، جڏهن هو خيرپور ۾ جج مقرر هيو.

هدايت بلوچ، ڀٽائي جي شاعري مان گهڻن مضمون جا عنوان مقرر ڪيا آهن ۽ هر موقعي جي ضرورت هيٺ ڀٽائي جي ئي شعرن سان پنهنجي من جي ڳالهه سمجهائي ٿو ۽ اهو شعر ائين ٿو بيهاري جيئن منڊي تي ٽڪ. ايئن جيئن پاڻ سهڻو، سٻاجهو ۽ سمجهدارآهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو