Home / اسپيشل افيئر / ياسمين لاري، ماهر آرڪيٽيڪٽ، جنهن آفتن کان محفوظ گهر ڊزائن ڪيا!
above article banner

ياسمين لاري، ماهر آرڪيٽيڪٽ، جنهن آفتن کان محفوظ گهر ڊزائن ڪيا!

ياسمين لاري قدرتي تباهڪارين کي روايتي طريقي سان منهن ڏيڻ تي تنقيد ڪندي چوي ٿي ته ٻوڏ ۾ تباهيءَ کانپوءِ ٻيهر تعمير واري روايتي ٽرينڊ بجاءِ اڳواٽ ٻوڏن جي نقصان کان بچڻ لاءِ تياري ڪرڻ اهم آهي، ياسمين 40 هزار سستا گهر مٽي، گاري ۽ لڪڙن سان ٺاهيا آهن. “توهان کي مضبوط گهر ٺاهڻ لاءِ ڪاٺ، سيمينٽ ۽ لوهه جي ضرورت ئي نه آهي” هوءَچوي ٿي.

لاري پهرين عورت آهي جنهن پاڪستان ۾ آرڪيٽيڪٽ جي شعبي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي آهي، هاڻي هوءَ پنهنجي هڪ سماجي تنطيم “هيريٽيج فائونڊيشن” هلائي رهي آهي. 2010 جي ٻوڏ ۾ آيل تباهڪارين، جنهن ۾ 2 هزار ماڻهو موت جو کاڄ ٿي ويا هئا ۽ هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا هئا، هن جي ٽيم جي ماهر آرڪيٽيڪٽ انجنيئرن بي گهرماڻهن لاءِ گهر ٺاهڻ جي سلسلي ۾ نئين مٽيريل سان تجربا ڪيا ۽ هڪ سال اندر ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر ٺاهي ورتا.

هوءَ گذريل سال سنڌو درياهه جي ڪناري تي موجود ڳوٺ دريا خان شيخ پڻ وئي جتي 2010 جي ٻوڏ کانپوءِ ڊٺل گهر هيريٽيج فائونڊيشن جي مدد سان ٻيهر تعمير ڪيا ويا هئا. “ٻوڏ دوران ڳوٺ ۾ چئن فوٽن تائين پاڻي بيٺل هو، ليڪن سندن گهر، اناج ۽ پاڻي محفوظ رهيا” ياسمين لاري “دي ٿرڊ پول ڊاٽ نيٽ” کي ٻڌايو. “بس رڳو گهر جي ديوارن کي ٻيهر راڳو ڪرڻو پيو”.

August 31, 2014   1

ياسمين لاري طرفان هيريٽيج فائونڊيشن 1980ع ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن جو اصل ڪم ثقافتي ماڳن جو تحفظ ڪرڻ آهي، ليڪن 2005 ۾ خيبر پختونخواهه ۽ ڪشمير ۾ 7.8 اسڪيل تي آيل زلزلي سبب جيڪا تباهي آئي ان کانپوءِ هن تنظيم نئين سر تعميرات واري پاسي هلي وئي. لاري جي ٽيم مقامي سستو مٽيريل استعمال ڪيو. “مٽي ٻيهر به استعمال جوڳي هجي ٿي ۽ اها هر هنڌ دستياب به هجي ٿي. لڪڙا ڏاڍو مضبوط ۽ ماحولياتي طرح به پائيدار هجن ٿا. بانس جي لڪڙن جو فصل پڻ هر ٻئي سال حاصل ڪري سگهجي ٿو” هوءَ وضاحت ڪري ٿي. “چونو واحد مٽيريل آهي جنهن کي ٿورو گرم ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي، باقي هروڀرو وڻ ڪٽڻ جي به ضرورت نه آهي”.

لاري، ڪراچي جون ڪجهه مک عمارتون پڻ ڊزائن ڪيون آهن، جيئن سگنيچر گلاس ۽ گرينائيٽ ايڊيفيس، جيڪي پنهنجو مثال پاڻ آهن، هن چواڻي هاڻي شايد هو اهڙيون عمارتون ڊزائن نه ڪري سگهي. هن سال 2000ع ۾ ڪمرشل آرڪيٽيڪٽ کي خيرباد چئي پنهنجو وقت لکڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هاڻي سندس نوان ڪلائينٽ انتهائي غريب ماڻهو آهن “آءُ غريبن کي به اوتري ئي اهميت ڏيان ٿي جيتري ڪارپوريٽ ڪلائينٽس کي ڏيندي هيس، منهنجو مقصد ڳوٺاڻن ماڻهن کي اهو سمجهائڻ آهي ته اهي پنهنجا مضبوط گهر ڪيئڻ ٺاهي سگهن ٿا”. هوءَ چوي ٿي.

“توهان هر سال نئين تعمير کانسواءِ غربت مان ٻاهر نٿا نڪري سگهو. بس هڪ ئي گس آهي ته ڪميونٽي جي فني مهارت وڌائجي ۽ سندن Capicity پڻ وڌائجي جيئن اهي قدرتي آفتن وارن ڏينهن ۾ مشڪلاتن کي سولائي سان منهن ڏئي سگهن” هوءَ چوي ٿي.

موسمياتي تبديلين سبب سڄي دنيا خطرن جي منهن ۾ آهي، دنيا جي اهڙن ئي ملڪن مان پاڪستان پڻ هڪ آهي جتي پڻ موسمياتي تبديليون خطري جو سبب بڻيل آهن. جڏهن ته اڪثر عالمي امدادي ادارا جيڪي پاڪستان ۾ ڪنهن به قدرتي آفت کانپوءِ نئين سر تعمير ۾ مدد ڪن ٿا، اهي لوهه ۽ سيمينٽ جو گهڻو استعمال ڪن ٿا، جنهن سبب ڪاربان ۾ واڌ اچي ٿي. ڇو ته ڪاربان جي گهڻائي ئي قدرتي آفتن جو سبب بڻبي آهي. لاري چواڻي تباهڪارين کانپوءِ رليف واري موجوده طريقه ڪار کي بدلائڻو پوندو. “هتي ڪيتريون ئي اين جي اوز ۽ عالمي ادارا جيڪي سٺي سوچ سان نئين سر اڏاوت ڪرڻ جي ڪم ۾ رڌل آهن، پر ان ۾ جيڪو طريقو استعمال ڪيو وڃي ٿو، اهو ڪاربان ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿو”.

آفتون ڪميونٽيز جي فوڊ سيڪيورٽي، صحت ۽ انفرااسٽرڪچر کي متاثر ڪن ٿيون، ان ڪري انهن کي مد نظر رکي ڪم ڪرڻ گهرجي. لاري، جي ٽيم ۾ 100 کان ٽي سو ماڻهو آهن جيڪي سنڌ جي ٻن ضلعن ميرپور خاص ۽ ٽنڊوالهيار ۾ ٻوڏ ۽ آفتن کان محفوظ گهر ٺاهڻ ۾ رڌل آهن. انهن اتي محفوظ گهر، ماحوليات دوست ٽوائلٽ ۽ گهرن ۾ اوچا ٿلها ٺاهيا آهن جيئن سندن اناج، پيئڻ جو پاڻي، مال متاع ۽ انهن جو چارو ٻوڏ دوران محفوظ رهي سگهي. مذڪوره تنظيم ماڻهن کي گهرن جي ڇتين تي ديسي ڀاڻ وسيلي ڀاڄيون پوکڻ جي تربيت پڻ ڏئي رهي آهي ۽ پاڻي کي سج جي روشني سان صاف ڪرڻ ۽ هٿرادو صابڻ جو طريقو پڻ کين سيکاري ٿي.

“اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ٿا ته جيئن ڪميونٽيز پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلين، استادن تي پريشر وجهون ٿا ته اهي اسڪول ۾ حاضر رهن ۽ ٻارن کي پڙهائين، اهڙي ريت اتي جيڪڏهن ڪا سرڪاري ڊسپينسري وسيلي صحت جي سهوليت آهي ته ان ۾ دوائن کي يقيني بڻايون ٿا ۽ غير حاضر ملازمن جي مٿي رپورٽ ڪيون ٿا”. هوءَ چوي ٿي.

ساڳي وقت عورتن کي Empower ڪرڻ به سندن حڪمت عملي جو حصو آهي جنهن سبب سندن منصوبو جلد ڪاميابي سان همڪنار ٿيو آهي. هيريٽيج فائونڊيشن طرفان ڳوٺاڻن لاءِ ماحوليات دوست چلها ۽ ننڍڙا آئوٽ ڊور ڪچن پڻ ڊزائن ڪيا ويا آهن. “ماڻهن کي اها خبر ئي ناهي ته رڌپچاءُ وقت عورت ڪيتري تڪليف مان گذري ٿي، اسان جون اهي پراڊڪٽس ڪٽنبن جي زندگي سهل بڻائن ٿيون” لاري چوي ٿي. اهي چلها مٿاهين جاءِ تي ٺاهيا وڃن ٿا، جيئن ٻوڏ جي پاڻي کان به محفوظ رهن، جڏهن ته انهن ۾ لڳل چمني وسيلي دونهون به ٻاهر خارج ٿي وڃي ٿو. هاڻي ته هر ڳوٺ ۾ ماحول دوست چلها ٺاهيندڙ ڪاريگر پڻ تيار ڪيا ويا آهن. لاري ٻڌائي ٿي ته هاڻي اهي پيرين اگهاڙا چلهن جا ڪاريگر ٻين ماڻهن کي پڻ 200 روپين ۾ چلهو ٺاهڻ سيکارين ٿا. مقامي عورتون پڻ مٽيءَ مان سرون ٺاهڻ سکي ويون آهن. “اسان نهايت خوش آهيون ڇو ته اڏاوت بهترين آهي ۽ فني مهارت به سٺي ڪتب آندي وئي آهي. اهي ڳوٺاڻا پڻ خوش آهن، ڇو ته اهي محنت سان هاڻي ڏوڪڙ پڻ ڪمائي سگهن ٿا” لاري ڌيڪ چوي ٿي.

زوفين ٽي ابراهيم

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو