Home / سياسي افيئر / پنجاب ۾ کاٻي ڌر جو زوال ۽ ساڄي ڌر جو بول بالا!
above article banner

پنجاب ۾ کاٻي ڌر جو زوال ۽ ساڄي ڌر جو بول بالا!

هونئن ته سموري دنيا ۾ کاٻي ڌر جون قوتون پوئتي ڌڪجڻ وارين حالتن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. هر طرف ساڳين مسئلن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. مثال طور قبوليت پسند ساڄي ڌر جي قوتن اسان جي زبان استعمال ڪرڻ شروع ڪئي آهي. ڪارپوريٽ ميڊيا وٽ اسان جي خيالن جي گنجائش بنهه گهٽ آهي، سياست ۾ مزدورن بدران وچولي طبقي جو وڌندڙ نظرياتي اثر وغيره پر ڪيترن ئي هنڌن تي کاٻي ڌر جو بحران وڌيڪ گهرو آهي. منهنجي خيال ۾ پاڪستاني پنجاب هڪ اهڙو علائقو آهي جتي جو سياسي ميدان اسان جهڙن ماڻهن لاءِ ويران ٿيندو پيو وڃي، اهو ڇو ٿي رهيو آهي. ان لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ وقت جي اهم ضرورت اها آهي ته ان لاءِ اسان کي گڏجي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي.

هونئن ته اسان لاءِ وڏو چيلينج طاهر القادري، عمران ۽ شريف ڀائرن جهڙن قبوليت پسندن جي صورت ۾ آهن. چيلينج ان حوالي سان ته انهن سڀني جي دعويٰ آهي ته هو پاڪستان جي (يعني پنجاب) جي غريب اڪثريت کي ڪجهه ڏيڻ چاهن ٿا ۽ نظام ۾ تبديلي جي ڳالهه به ڪن ٿا ۽ عوامي سياست جا علمدار بڻجڻ لاءِ هڪٻئي سان سخت مقابلو به ڪن ٿا.

اها ڳالهه ڇڪتاڻ طور تي ٽي وي تي هلي رهي آهي. نتيجن طور سمورو سياسي ميدان ساڄي ڌر جي قبوليت پسندن جي ور چڙهيل آهي. حالت اها ٿي وئي آهي ته پڙهيل لکيل نوجوانن کي خبر ئي نه آهي ته کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي سياست ۾ ڇا فرق آهي؟ ڇو ته سندن هڪ ئي طرز جي سياست سان واسطو پئي ٿو. جتي ڪو نظرياتي سوال اڀري ٿو ته اهو طالبان ۽ انتهاپسندي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اڀري ٿو. پر انهن مسئلن تي بحث ۾ ڪا گهرائي نه آهي. يعني ان ڳالهه کي ڪو مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهي ته انتهاپسند ڌڙا پنجاب ۾ ايترا سگهارا آهن جيترا ٻين علائقن ۾ آهن. اهو تاثر عام آهي ته انتهاپسند فاٽا جي ڏورانهن علائقن ۾ کڏ کوٽيون ويٺا آهن. ڌماڪا ۽ آپگهاتي حملا ڪرڻ وارا سمورا انهن ڏورانهن علائقن مان اچي وڏن شهرن ۾ وارداتون ڪندا آهن، اهو حال آهي پنجاب جي سياسي تجزين جو. حافظ سعيد ۽ مسعود اظهر جهڙا ڪيترائي انتهاپسند سرڪاري تقريبن ۾ ايندا ويندا آهن. پر ڪو مٿن آڱر نه ٿو کڻي. حڪومتي سطح ۽ ميڊيا جو ڏوهه آهي ته اهو به مڃڻ گهرجي ته پنجابي سماج ۾ انتهاپسند نظريا گردش ڪري رهيا آهن. پر طالبان وغيره کي پشتونن جو مسئلو تصور ڪيو وڃي ٿو. شريف ڀائر، عمران خان ۽ طاهر القادري جهڙا اڳواڻ مسئلي کي ايئن رکڻ چاهين ٿا. ملڪ جي ٻين حصن ۾ بهرحال صورت حال مختلف آهي. اول ته هتي ڳالهه واضح آهي ته سنڌ، بلوچستان، سرائيڪي، گلگت ۾ رياست جي نوعيت، معاشي سياسي جوڙجڪ جي حوالي سان تنقيدي نقطئه نظر سماج ۾ ان ڪري موجود آهي ته قومي سوال انهن سمورن علائقن ۾ عروج تي آهي. مجموعي طور تي ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر کي ميڊيا ۽ سياسي حلقن ۾ بهرحال ڌر طور ڏٺو وڃي ٿو. يقينن کاٻي ڌر انهن علائقن ۾ به ڪمزور آهي. جيڪڏهن پنجاب سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته محسوس ٿيندو آهي ته کاٻي ڌر جي نظرين کي پوءِ به ڄاتو وڃي ٿو ۽ ان تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي.

August 31, 2014   9

سرد جنگ دوران کاٻي ڌر جو اثر عروج تي هجڻ وقت به پنجاب ۾ کاٻي ڌر لاءِ ڪم ڪرڻ نسبتن ڏکيو هيو. ڇو ته پنجاب ۾ رياستي نظريا وڌيڪ گردش ڪندا آهن ۽ ڪميونسٽن کي هميشه ملڪ دشمن ۽ لادين جهڙن الزامن کي منهن ڏيڻو پوندو هين، پوءِ به ڪيترين ئي کاٻي ڌر جي پارٽين هڪ حد تائين سماج ۾ نه رڳو پنهنجو وجود مڃرايو پر چڱو خاصو اثر به ڇڏيو، مثال طور ٻهراڙين ۾ هاري ڪاميٽيون نعپ جي دور ۾ قائم ٿيون ان ۾ ڪم ڪندڙ کاٻي ڌر جي ڪارڪنن کي چڱو خاصو ٻڌو ويو. اهري ريت ايس اين ايف ۽ اين ايس او جهڙيون شاگرد تنظيمون کي وڏي عرصي تائين سماج ۾ جدوجهد ڪنديون رهيون. اڄ به انهي زماني ۾ کاٻي ڌر جي نظرين کان متاثر ٿيندڙ نوجوان ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سماج ۾ اظهار ڪندا رهندا آهن.

بحرحال ڏٺو وڃي ته ان زماني ۾ به کاٻي ڌر کي پنجاب ۾ وڏي پذيرائي نه ملي جيڪي قومي سوال کي کڻندا هئا. ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته سنڌي، بلوچ، بنگالي قومن جي آزادي کي پنجاب ۾ اجاگر ڪرڻ جي کين سزا به ملي. ماضي جي صورتحال ڪهڙي هئي ؟ان تي وڌيڪ بحث ڪرڻ جي ضرورت ڇو نه آهي پر مان رڳو ايترو چوندس اڄ به قومي سوال پاڪستان اندر شدمد سان موجود آهي پنجاب ۾ نظرياتي ويراني کي چيلنج ڪرڻ جو شايد سڀ کان سٺو طريقو آهي ته اسين کاٻي ڌر جا ماڻهو قومي سوال کي سگهاري ۽ زوردار طريقي سان کڻون. مثال طور اسان کي اها ڳالهه ڪرڻي پوندي ۽ ڪرڻ به گهرجي ته انتهاپسندي جو مسئلو رڳو وزيرستان يا سوات ۾ نه آهي پر پنجاب جي دل ۾ موجود آهي، عام راءِ کي پنجاب ۾ ان حوالي سان چيلينج ڪرڻ جي ضرورت آهي. “فرقيواريت” ۽”دهشتگردي“ الڳ الڳ آهن ۽ اهي هڪ ئي ذهن کي ظاهر ڪن ٿيون. اسان کي اهو به چوڻو پوندو ته بلوچستان، فاٽا وغيره ۾ هر ڏينهن رياستي دهشتگردي ٿئي ٿي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو انهن علائقن جا ماڻهو پاڪستان کان بدظن ٿي رهيا آهن. پر پنجاب جي اندر اها ڳالهه چٽي ڪرڻي پوندي ته رياست جي دشمن رويي جو خسارو پنجاب کي ان ڪري ڀوڳڻو پوندو جو اهو تاثر وڌندو ٿو وڃي ته پنجاب اندر پاڪستاني رياست جي مڙني پاليسين جي حمايت ڪئي وڃي ٿي.

اسان کي ڄاڻ آهي ته پنجاب ۾ سمورا ساڄي ڌر جا ليڊر پنجاب تي پنهنجو قبضو ڄمائڻ چاهن ٿا. کين ان ڳالهه جي پرواهه نه آهي ته پنجاب جي محنت ڪش ۽ مظلوم قومن سان رشتو جوڙيو وڃي. اهو ته کاٻي ڌر جو مسئلو آهي ته پورهيت عوام ۽ مظلوم قومن کي بالادست علائقي ۾ ڳنڍجڻ گهرجي ۽ منهنجي راءِ آهي ته اڄ جي حالتن ۾ اسان ان جو مقابلو اصولي سياست ڪندي ڪري سگهون ٿا.

هونئن ته اها سوچڻ جي ڳالهه آهي ته پنجاب جي اندر انتهاپسندن ۽ مين اسٽريم پارٽين جو ميلاپ سماج کي آخري ڪيڏانهن وٺي ويندو. اسين اڪثر ڪري چوندا آهيون ته پنجاب صوفين جي ڌرتي آهي ۽ هتي سماج جي اڪثريت انتهاپسند خيالن کان گهڻو وڌيڪ متاثر نه آهي. اهو ڪنهن حد تائين ٺيڪ آهي پر ڪنهن حد تائين اسان جي خام خالي به آهي. ممتاز قادري کي جيڪڏهن حمايت حاصل ٿي ته اها پنجاب مان ٿي ۽ طاهر القادري جهڙا مداري به پنجاب ۾ نئين “بريلوي انتهاپسندي” کي سگهارو ڪري رهيا آهن. ها اڄ به سماج اندر رواداري جا بنياد موجود آهن. جيڪڏهن شعوري طور تي ان کي اجاگر نه ڪيو ويو ته اهي مسلسل انتهاپسندن جي حملي سبب بنهه ڪمزور ٿيندا ويندا. ياد رهي ته پنجاب جي ساڄي ڌر جي پشت پناهي ڪندڙ بي رحم ٻاهريون طاقتون موجود آهن ۽ اهي به پنهنجو اثر رسوخ وڌائينديون وڃن ٿيون جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سعودي عرب ۽ ٻيون عرب بادشاهتون آهن جيڪي سياست جي معيار کي تباهه ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪنديون آهن. تضاد وڌندا ويندا آهن ته انقلابين لاءِ گنجائش وڌندي آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پنجاب ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مختلف رانديگرن جي وچ ۾ وڏا تضاد سامهون اچي رهيا آهن ۽ اهو به سچ آهي ته انهن رانديگرن سياسي ميدان ۾ ساڄي ڌر جي اهڙي هڪ هٽي قائم ڪري ورتي آهي جنهن کي ٽوڙڻ ضروري ٿي ويو آهي ۽ اهو ڪم ايترو سولو نه آهي. ڇاڪاڻ ته تعليمي ادارن۽ ميڊيا ۾ ڪا جاءِ ڪا نه آهي جو کاٻي ڌر جي خيالن کي هٿي وٺرائجي پوءِ به انهن ڏکيائين جي باوجود پنجاب جي کاٻي ڌر جو تاريخي ڪردار بهرحال رهيو آهي ۽ ان کي پورو ڪرڻ بنا پنجاب ۾ اسين پورهيتن ۾ نوان مورچا ٺاهي سگهنداسين، نه وري پنجاب کان ٻاهر عوام سان جڙي سگهنداسين. ڇاڪاڻ ته اسان کي ثابت ڪرڻو پوندو ته اسين رياستي جي جبر جامخالف آهيون، اهو کاٻي ڌر جو ڪمال ٿي سگهي ٿو ته هو جمهوريت، عورت جي آزادي، سيڪيولر ازم، قومي آزادي ۽ طبقاتي جبرجي خاتمي جي سمورن حدفن کي جدلياتي طور ڳنڍي پنجاب ۾ سياست ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ عقل فهم ۽ تخليق جي ضروت آهي.

عاصم سجاد اختر/س ب کوسو

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو