Home / اسپيشل افيئر / ٿاريلي عورت، جيڪا هڪ سو بلائن جي ڏنگڻ کانپوءِ به جيئري آهي!
above article banner

ٿاريلي عورت، جيڪا هڪ سو بلائن جي ڏنگڻ کانپوءِ به جيئري آهي!

Khalid Kunbharستين واري واٽ ڏئي جيڪڏهن هلبو ته ستين واري وڏين جهونين ڪنڊين کي ڏنل لوڙهي جو پاسو وٺي واٽ وڃي ٿي. انهي ستين جي آستان تي نهٽي وارا وري اڪثر ڪري وسڪاري وارن ڏينهن ۾ مينهن ميڙ جي ڪني ڪندا آهن. چون ٿا اهي ست بيبيون هيون جيڪي اتي زمين اندر ويون هليون. انهي ڪارڙي ڪنڀاڙي واري ڪني ۾ ٻاريا ستين جي لوڙهي کي هر سال وري ڍينگهر هڻندا آهن. اتي مورن جو پورو ولر رهي ٿو. سڄا ڪنڊا مور ئي مور ئي آهن. اتان گهاٽا ٿوهر ۽ ڄاريون آهن. بس ٿوهر ٿوهر سان لڳو پيو آهي. انهي وچان ٻي واٽ آهي جيڪا هونئن کوه تان پاڻي کڻي وڃڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي.

اها واٽ جيڪا قبرن جي وچان ٿيندي مهري ڪولهي واري ڀٽ ڏانهن وڃي ٿي .اتي ڪيسري ڪولهي واري گهرن کان اتريان ڀٽ جي لهندي ۾ هن جو اڪيلو گهر آهي. گهر ڇا آهي؟ بس هڪڙو چونئرو ڪنهن اداري طرفان ڏنل ۽ چار ديوارون آهن جن تي ڪجهـ سڻ آڏا ابتا اڇليل آهن. هن گهر کي لوڙهو به ڏنل ناهي. اسان هڪڙي ڄار جي ڀت جي پاسي ۾ بيهي هن ڏوڪري کي سندس ئي نالي سان سڏ ڪريون ٿا. تيستائين پريان ڀر واري ڀت جي کڏ ۾ پيل ڪتو ڀونڪندو اسان ڏانهن روڙ ڪري ٿو. اسان ڪتي کي ڏسندي ڀر ۾ پيل ڇانڀو کڻون ٿا. تيستائين گهر مان هن جو پٽ نڪري اسان کي چوي ٿو ڏوڪري ته او هوڏانهن سيدن ۾ وئي آهي. اسين هن جي پٽ کي هڪڙي سگريٽ جو آسرو ڏئي سيدن واري پاڙي ڏانهن هلڻ لاءِ چئون ٿا.

August 31, 2014   15

هو اسان تي ڪرڪندو سيدن ڏانهن هلي ٿو. اسان هاڻ ستين جي قبرستان جي قبرن کان مٿين واٽ ڏئي سيدن واري پاڙي ڏانهن گهاٽن ٿوهرن وچان پير واٽ وٺون ٿا. سيدن واري پاڙي جي دڙي تي چڙهي سگريٽ دکائي هڪڙي ٿوهر جي اوٽ وٺي ويهي ٿا رهون. ڇوڪري جي سڏ تي ڏوڪري پريان سيدن جي گهرن مان نڪري ٿي. ڏوڪري کي ڏسندي ئي آئون هڪو ٻڪو ٿيو ٿو وڃان. عمر ۽ غربت ماڻهو جا مهانڊا ئي مٽايو ڇڏي. ڏوڪريءَ کي هڪڙو اڀرڙو چولو ۽ قميص پاتل هجي ٿي. هڪڙي رنگ جي قميص ۽ ٻي رنگ شلوار پر هي شهري ميڊمن وانگر فيشن ۾ پاتل ٽو پيس ڪونه هو. پير ۾ رٻڙ جي چپل پاتل هئي. اسين اتي ئي ڏوڪريءَ سان ريٽ تي ٿوهر جي ڀر جهلي ڪچهري ڪرڻ شروع ڪريون ٿا. ڏوڪري ڳالهـ ڪرڻ جي ڇوٽ آهي. ڪنهن بـ ڳالهه ۾ بلا وارو ور ڪونهي. سڌي ڳالهه پر هڪڙي پِٽ آهيس ته ڳالهه ۾ وڌاءَ ڪري ٿي. هي ڏوڪري نهٽي جي ويجهي تر ۾ هڪڙي ٻن ڳالهين جي ڪري نالي چڙهي آهي. هڪڙو دائيپي جي ڪري . ويندي مال جا آڏا ابتا ڦر به هن ڏوڪري سوهي ڪڍيا هوندا. ڏوڪري چوي ٿي مون گهوڙي جا ڦر بـ ڪڍيا آهن.

هڪڙي اها ڳالهـ دايون ته ٻيون به گهڻيون پر تر جا ماڻهو چون ٿا ته هن ڏوڪري کي ايڪويهه بلائون کائي ويون آهن. هڪڙا چون ٿا پٽ آهي . پر ڏوڪري چوي ٿي تـ مونکي دعا آهي جو ايتريون بلائون کائن کانپوءِ به اڃا جئيري آهيان. ملتان جي ڪنهن پير جو نالو کڻي ٿي . ڏوڪري چوي ٿي ته هاڻ ته مونکي بلائن کائڻ جو انگ سئو کي ويجهو هوندو هر سال بلائون کائن ٿيون . ڏوڪري کي اها رات چٽي ياد آهي جڏهن هن کي پهريون دفعو بلا ڪکيو تڏهن هي چوي ٿي تـ آئون پنهنجي گهر واري جا جهاڙولا کڻڻ وئي هيس.

جهاڙولن اندر بلا ويٺي هئي. منهنجو جهاڙولن ۾ هٿ وجهڻ ۽ ٺڪا ڪرايئي آڱر تي، رت جي سيڙه هلي وئي. اتي ئي هٿ تي پگهر ٿي ويو. تڏهن اسين ساڙهات ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين. بس جڏهن بلا ڪکيو ته گهر وارن مون مان آسرو پلي ڇڏيو . مونکي تڙ ڏئي جنازي نماز لاءِ رکي ڇڏيو هو. پر الله جنت نصيب ڪري ڪونڊي واري نبي محمد شاه کي جنهن منهنجي حياتي بچائي. هو آيو ته جنازي نماز پڙهڻ هو پر هن منهنجي نرڙ تي مکڻ رکيو. جڏهن مکڻ پگهرڻ لڳو ته سائين نبي محمد شاه چيو، مائي ته جيئري آهي . پوءِ هن هڪڙي پير تي بيهي يڪو پڙهائي ڪئي.

اهو مونکي موت جي منهن مان ڪڍي آيو. انهي کانپوءِ گرمين ۾ منهنجو سڄو جسم سڄڻ لڳندو آهي ۽ ايتري جسم ۾ اوسي ٿيندي آهي جو ڀانئيان ته سڄو ڏينهن پئي وهنجان. هن ڏوڪري جو چوڻ آهي ته هيستائين سٺ کن بلائون کائي ويون آهن. پر سٺ نه به کڻي هن جي ڳالهـ ڪرڻ مان اهو سهي ڪري سگهجي ٿو ته هن کي ايتريون بلائون کائي ويون آهن جو هن کي به ياد ناهن. پر هن کي پهرئين بلا کانپوءِ اهو ڪارو نانگ ياد آهي جنهن هن جي ٻوٽي جي ٻوٽي ڪڍي ورتي هئي. جڏهن هي مال لاءِ گاه ڪري رهي هئي. ڏوڪري چئي ٿي ته ڪاري نانگ لاءِ هونئن تـ چون ٿا ماري يا کاري پر هن مونکي نه ماريو نه کاريو. پر انهي ڌڪ کانپوءِ لونءِ لونءِ مان رت سمي رهيو هو.

پوءِ هلڻ تـ هو ڪونه پوءِ هٿ جي ترين سان ٻني تان گسڪندي گسڪندي گهر تائين پهتي هيس. انهي نانگ کي حاجي صاحب بندوق سان ماريو هو. پوءِ ڀوپو هو ڪولهي اميدو، وڏو هوشيار ڀوپو هو انهي منهنجي چوڌاري ليڪو ڪڍي ٽي ڏينهن پڙهائي ڪئي هئي انهي سان ٺيڪ ٿيس. ڪنن مان رت هليو هو . پهرين بلا کاڌو هو انهي کان پوءِ جڏهن بـ پيٽ سان ٿيندي هيس تـ زهر اٿلي پوندو هو. ٻانهن سڄي پوندي هئي. ڪاري نانگ کان پوءِ ته ماني کائڻ بـ ڏکي هئي ڏندن جي مهارُن مان رت وهندو هو جيڪو ماني جو گراه چٻاڙيندي هيس سو رتو رت ٿي ويندو. هن جو ته اهو چوڻ آهي انهي ڪري مون پنهنجا سڄا ڏند ڪڍرائي ڇڏيا. پوءِ وڃي مهارُن جي رت مان جان ڇٽي. اڄ به گرمين ۾ ڏينهن ۾ ڏه دفعا وهنجندڙ هي ڏوڪري چوي ٿي. اڄ به جڏهن گوڙ ۽ کنوڻ ٿيندي آهي ته ڪنڌ ۾ سور پوندو آهي. اکين جو نور به ويندو رهيو. هاڻ انڌن جي لڳندڙ ڪيمپ مان اکيون ڪرائي آئي آهي. ملتان واري اجمل شاه جي دعا سمجهندڙ هن ڏوڪري کي هڪڙي دفعي ٿر واري ٻني جي سوڙه ڪندي به هن کي بلا ڪکيو آهي. ڪيترين بلائن، جهاڙن، ڦيڻن ۽ پڙهيل پاڻين جي ڳالهه ڪجي يا ڪاري نانگ جي مڻ ڪيئن ڪکجڻ واري ڏنگ تي رکندي هئي.

پر هي پنهنجي ماضي جا اهي سکيا ڏينهن نٿي وساري جڏهن ڪڇ جي چاندي جي جُتي ۽ روپي ٻانهين چوڙن جي پائيندي هئي ۽ ٽي سئو ڍڳيون پهرنديون هيون. هي چوي ٿي تـ هن جي مڙس اها سڄي ٻيڙي ٻوڙي. هن هڪڙي چنگ تي ڀلي ڍڳي ڏني. اهو چنگ بـ اهڙو ڪو خاص نـه هو، سينيو ٽيپ جي سيلن تي دڪان واري کي پنج تولا سون ڏنو. هوءَ ته چوي ٿي ته انهي دڪان واري کي منهنجي مڙس هن جي شادي ۾ نينڍ ۾ ڍڳي ڏني ۽ اهو وري دڪان وارو منهنجي پٽ جي شادي ۾ ئي نه آيو. ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون ڏوڪري وٽ آهن. هن جي مڙس هڪڙي گر واري گونري تي ڪيئن ٽي ڍڳيون ڏنيون. بس هن وٽ هن جي مڙس جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن. هن ملڪيت جا چرو ڪئين واچ، ٽيپ، چنگ ۽ سنگتن ۾ اڏائي ڇڏي. وڏا داستان مڙس وٽ هن جا آهن. پر جڏهن هن جي مڙس کي وسڪاري ۾ مال کي پهرائي ويو هو ته ڪيئن بلا کاڌو هو ۽ هو وڃي نبي محمد شاه جي اوتاري تي رات ٽڪيو هو.

آخر ۾ اها ڏوڪري پنهنجي هٿن ۽ پيرن تي بلائن جي ڪکجڻ جا نشان ڏيکاري ٿي ۽ بت تي رت جون ڦُرڙيون ڏيکاري ٿي. هن جي هٿن ۽ پيرن تي رڳو نشان ئي نشان آهن ۽ سڄي بت تي رڳو ڳاڙهيون ڦُرڙيون ئي ڦُرڙيون آهن. اهي نشان ڏسي اسان واپس ورون ٿا ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري خبر پوي ٿي ته انهي ڏوڪري کي وري بلا ڪکيو آهي. هاڻ هن کي نقلي رٻڙ وارين بلائن کان به ڊپ ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن هن سان ڪير نانگ بلا جو ذڪر ڪري ٿو ته هن کي وهم ٿئي ٿو ته هن کي وري بلا کائيندي سو هو نانگ بلائن جي ذڪر ٻڌڻ ۽ ڪرڻ کانپوءِ بـ ڊڄي ۽ لهرائي ٿي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو