Home / شوبز / ڀارت کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهان ٿي: عمائمه ملڪ
above article banner

ڀارت کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهان ٿي: عمائمه ملڪ

August 31, 2014   6پاڪستاني ماڊل اداڪارا عمائمه ملڪ جو چوڻ آهي ته بالي ووڊ ۾ هاڻ منهنجون مصروفيتون وڌي ويون آهن ۽ ڀارت هاڻ پنهنجو ٻيون گھر محسوس ٿيندو آهي. ڀارتي ميڊيائي رپورٽن موجب عمائمه ملڪ هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو ته سندس بالي ووڊ ۾ مصروفيتون ايتريون وڌي ويون آهن جو ڀارت هاڻ ٻيون گھر محسوس ٿيڻ لڳو آهي. پهريان گھڻو تڻو وقت پاڪستان، ڀارت ۽ دبئيءَ جي وچ ۾ سفر ۾ گذرندو هو پر هاڻ ڪم جو وزن وڌڻ ڪري ڀارت ۾ رهڻ جو وقت گھڻو آهي. اداڪارا وينا ملڪ، ميرا ۽ بالي ووڊ ۾ ڪم بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ عمائمه چيو ته مان رڳو هڪ ئي پاڪستاني اداڪارا کي ڄاڻان ۽ مڃان ٿي جنهن باوقار انداز ۾ بالي ووڊ ۾ ڪم ڪندي مشهوري ۽ عزت ڪمائي ۽ اها زيبا بختيار آهي، مان به زيبا بختيار جيان بالي ووڊ ۾ پنهنجي ڪم سان پنهنجي جڳهه ٺاهڻ چاهيان ٿي.

ياد رهي ته عمائمه ملڪ جي پهرين بالي ووڊ فلم ”راجا نٽور لال“ 4 ڏينهن اڳ ئي سئنيما گھرن جي زينت بڻجي چڪي آهي جنهن ۾ هن عمران هاشميءَ سان اداڪاري ڪئي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو