Home / ڪرنٽ افيئر / چين، سنڌ ۾ 11-بلين ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪندو!
above article banner

چين، سنڌ ۾ 11-بلين ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪندو!

Shujauddin qureshiويجهڙ۾ ئي سنڌ حڪومت جي هڪ اعليٰ سطحي وفد جنهن جي سربراهي پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سندس والد آصف علي زرداري ۽ وڏو وزير قائم علي شاهه ڪري رهيا هئا، چين جو دورو ڪيو جنهن جو مقصد چين کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري لاءِ قائل ڪرڻ هو. 26 کان اڳ 31 آگست 2014 تائين ڪيل دوري کان واپسي تي سرڪاري عملدارن اعتماد جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته کين چين جي سيڙپڪارن ۽ سيڙپڪار ڪمپنين طرفان انفرااسٽرڪچر ۽ توانائي واري شعبي ۾ اربين ڊالرز جي سيڙپڪاري جو يقين ڏياريو ويو آهي. آئين ۾ 18 ترميم کانپوءِ صوبائي حڪومتون صوبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ سيڙپڪارن سان معاملا طئي ڪرڻ جي سلسلي ۾ خودمختيار آهن. ويجهي ماضي ۾ پنجاب ان سلسلي ۾ ڪافي اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ هن پنهنجي صوبي جي توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ترڪي، چين، ڏکڻ آفريقا ۽ ٻين ملڪن ۾ سيڙپڪاري ڪرائي آهي. واضح هجي ته گذريل سال سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه، هڪ وفد سان گڏ چين ويو هو ۽ هن اتي چيني حڪومت سان ڪوئلي ۽ پن چڪي وسيلي 6000 ميگاواٽ بجلي پئدا ڪرڻ جي معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون هيون، جڏهن ته سنڌ حڪومت ٻين شعبن جهڙوڪ مائنز، ڪوئلي جي ذخيرن کي استعمال ڪندي بجلي پئدا ڪرڻ بابت پڻ پرڏيهي سيڙپڪارن کي آڇ ڪري سگهي ٿي. هن وقت پاڪستان جي ڪوئلي مان بجلي پئدا ڪرڻ بابت ڪاڪردگي بلڪل نه هئڻ جي برابر آهي، جڏهن ته دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڪوئلي مان پنهنجي ضرورت آهر جهجهي بجلي پئدا ڪري رهيا آهن. اهو به نه وسارڻ کپي ته پاڪستان کي ڪوئلي مان بجلي پئدا ڪرڻ وقت ماحولياتي اثرن کي مدنظر رکي ماحولياتي هاڃيڪارين تي پڻ ضابطو آڻڻو پوندو. ٻئي طرف پاڪستان جي بجلي گهڻو تڻو پرڏيهه مان امپورٽ ڪيل فرنس يا ڊيزل آئل تي پئدا ڪئي وڃي ٿي جيڪا تمام گهڻي مهانگي پوي ٿي، جڏهن ته صنعتي ڪارخانن، گهريلو ۽ ٽرانسپورٽ ۾ تمام گهڻي استعمال سبب گئس جا ذخيرا پڻ ختم ٿي رهيا آهن.

August 31, 2014   5

سرڪاري انگن اکرن موجب ٿرپارڪر ضلعي ۾ 175 بلين ٽن بهترين ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن، جيڪي ايندڙ 300 ورهين لاءِ هڪ لک ميگا واٽ بجلي پئدا ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. ساڳي ريت 180 ڪلوميٽر تي پکڙيل سنڌ جي ساحلي پٽي پڻ پَن چڪي ۽ سولار وسيلي بجلي پئدا ڪرڻ لاءِ سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا آڇي ٿي.

حقيقت ۾ سنڌ حڪومت جي ويجهڙ ۾ چين ويل وفد وڌيڪ اهميت رکي ٿو ڇو ته ان ۾ پ پ جي اعليٰ قيادت سميت سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ سنڌ بئنڪ جا اعليٰ علمدار پڻ شامل هئا، جن چين جي سيڙپڪار ڪمپنين ۽ انفرادي سيڙپڪارن کي سنڌ حڪومت جي سندن محفوظ سيڙپڪاري بابت سنجيدگي ۽ ضمانت مهيا ڪرڻ کان آگاهه ڪيو. سيڙپڪارن کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته 90 ملين ڊالرز تائين پرڏيهي سيڙپڪاري تي ڪنهن به گارنٽي جي ضرورت نه آهي، باقي ان رقم کان مٿي رقم جي منصوبن لاءِ پاڪستان حڪومت کي ضمانت مهيا ڪرڻي پوندي. چين جون بئنڪون پڻ ڪنهن ضمانت کانسواءِ قرض ڏيڻ کان ڪترائن ٿيون. سيڙپڪارن کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته سنڌ بئنڪ 1 بلين ڊالرز جي ڊپازٽ تي، چين جي سيڙپڪارن کي ضمانت ڏيندي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو سيڙپڪارن جي ساراهه ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري کي تحفظ مهيا ڪرڻ لاءِ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ايڪٽ پڻ منظور ڪيو آهي. سنڌ حڪومت پڻ چيني سيڙپڪارن جي جذبي جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته چيني سيڙپڪاري وڌائڻ خاطر ۽ چين جي سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ ۾ الڳ “چين ڊيسڪ” پڻ قائم ڪئي ويندي.

سرڪاري ذريعن موجب سنڌ حڪوت چين جي سيڙپڪارن سان ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ماس ٽرانزٽ پروگرام شروع ڪرڻ، بجلي، روڊس، فلاءِ اوور ۽ ٻين انفرااسٽرڪچر ڊيولپمينٽ پراجيڪٽس سنڌو دريا جي پاڻي ۽ ٻين قدرتي پاڻي جي وسيلن کي محفوظ ڪرڻ بابت سيڙپڪاري ڪرڻ جي سلسلي ۾ نه رڳو پڪ پڪاڻي ورتي بلڪه ڪيترائي معاهدا پڻ ڪيا ويا.

واضح رهي ته سنڌ حڪومت جي مذڪوره وفد چين ۾ ٻه لڳ سيڙپڪاري ڪانفرنسون بيجنگ ۽ شنگهائي ۾ پڻ منعقد ڪيون، جنهن ۾ چين جي سيڙپڪار ڪمپنين، گروپن ۽ سرڪاري عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

“سنڌ حڪومت 9 کان 11 بلين ڊالرز جي سيڙپڪاري معاهدن تي صحيحون ڪيون” سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ ۾ چين ڊيسڪ جو ڪو آرڊينيٽر ابرار احمد شيخ چوي ٿو.

هو تفصيل ٻڌائيندي چوي ٿو ته وفد جي چين جي دوري دوران 9 معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، جن ۾ ڪراچي ٽرانسپوريشن امپرووَمينٽ منصوبو، جنهن ۾ وري ماس ريپڊ ٽرانزٽ پراجيڪٽ، بس ريپڊ ٽرانزٽ پراجيڪٽ، انٽرسٽي بس پراجيڪٽ، ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي، ٻه لائيٽ ريلوي ٽريڪ ٺاهڻ، ميرپورخاص سانگهڙ روڊ کي 69 ڪلوميٽر ٻٽو ڪرڻ، هن وقت اهو سنگل روڊ آهي. گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل لنڪ روڊ سميت، حيدرآباد-بدين روڊ پراجيڪٽ جيڪو 98.5 ڪلوميٽر تعمير ٿيندو، جنهن ۾ حيدرآباد کان ماتلي روڊ کي ڊبل ڪيو ويندو، جنهن جي ڊيگهه 51.2 ڪلوميٽر هوندي. بدين ۾ 330 ميگاواٽ بجلي پئدا ڪرڻ ۽ ڪوئلي جي کوٽائي لاءِ بدين ڪول فيلڊ ٺاهي ويندي، جنهن ۾ هڪ سو چورس ڪلوميٽرن ۾ سهولتون مهيا ڪيون وينديون، بلاڪ iv ۾ ٿرڪول فيلڊ، ٿرپارڪر ضلعي ۾ واڌو سروي ۽ فزيبلٽي اسٽڊي جا ڪم پڻ ڪيا ويندا.

ابرار شيخ “افيئر” کي وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ۽ چين جي انسٽيوٽ آف واٽر ريسورسز اينڊ هائڊرو پاور ريسرچ وچ ۾ پاڻي جي ريسورسز، هائڊرو پاور ٽيڪنالاجي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سائنسي، تعليمي ۽ ثقافتي معاملن ۾ سهڪار ڪرڻ بابت پڻ الڳ سان معاهدا ڪيا ويا.

ٻئي طرف ليڪسن انويسٽمينٽ جي چيف انويسٽمينٽ آفيسر خرم شهزاد جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت طرفان چين جي سيڙپڪارن سان سيڙپڪاري جا گهڻا معاهدا ٿيڻ ڪا اتساهه جوڳي ڳالهه نه آهي ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ گورننس جا ڪيترائي پيچيده مسئلا آهن جيڪي پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻبا. هن چواڻي ممڪن آهي ته سنڌ حڪومت جي اعليٰ سطحي وفد جي چين جي دوري جا ڪي مثبت نتيجا نڪرن پر في الحال ته رڳو معاهدا ئي صحيح ٿيا آهن.

خرم شهزاد چواڻي جيتوڻيڪ سنڌ ۾ تيل، گئس، توانائي، لائيو اسٽاڪ، بجلي پئدا ڪرڻ ۽ انفرااسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جهڙوڪ ريلوي، روڊس، ۽ پلن ۾ تمام گهڻي سيڙپڪاري جي گنجائش موجود آهي، پر سنڌ حڪومت ان حوالي سان غير سنجيده آهي. انهي حد تائين جو سنڌ حڪومت پنهنجي سالياني ترقياتي بجيٽ ئي خرچ نٿي ڪري سگهي ته اها ايڏي وڏي پرڏيهي سيڙپڪاري کي ڪيئن استعمال ڪندي؟

جڏهن ته سنڌ ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشب جا به ڪيترا ئي موقعا موجود آهن ليڪن ان حوالي سان سيڙپڪارن جو مُک مسئلو امن امان جو آهي، جيڪو ڪراچي ۾ ته ڊگهي عرصي کان هڪ مسئلو بڻيل آهي، جيتوڻيڪ گذريل هڪ ورهيه کان رينجرز ۽ پوليس ڪراچي ۾ امن امان جي حوالي سان آپريشن پڻ ڪري رهيا آهن، باوجود ان جي اڃا تائين شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ اغوائن جو سلسلو بند نه ٿيو آهي، حالانڪه ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي. ساڳي صورتحال صوبي جي ٻين شهرن جي آهي، جيڪا يقيني طور تي سيڙپڪار کي پاڻ ڏانهن نه ڇڪيندي.

سنڌ حڪومت جي اعليٰ عملدارن پرڏيهي سيڙپڪاري کي سنڌ ۾ هٿي ڏيڻ لاءِ سياسي رضامندي جو اظهار پڻ ڪيو آهي ۽ کين سهولتون مهيا ڪرڻ جي ڪمٽمينٽ پڻ ڪئي آهي، باوجود ان جي پرڏيهي سيڙپڪاري کي سنڌ آڻڻ لاءِ حڪومت کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو. جيتوڻيڪ سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي سربراهي هن وقت ارشد علي حڪيم (نادرا جو اڳوڻو سربراهه) جهڙو پروفيشنل ماڻهو ڪري رهيو آهي، جيڪو نهايت پراميد آهي ته سنڌ ۾ چين جي سيڙپڪاري سميت پرڏيهي سيڙپڪاري بهتر انداز سان ٿيندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو