Home / افيئر / ڌرڻا سياست ڪهڙا رنگ ڏيکاريندي؟
above article banner

ڌرڻا سياست ڪهڙا رنگ ڏيکاريندي؟

aijzپارليامينٽ هائوس آڏو “ڌرڻو هڻندڙن ڇا حاصل ڪيو اهو تاريخ ٻڌائيندي پر ڌرڻا هڻائيندڙ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ڌرڻا هڻائي 2014ع ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت، ترقي پسندي، روشن خيالي، قومپرستي ۽ حقيقي آزادي ۽ انقلاب چاهيندڙ ڪمزور آهن. اسٽيبلشمينٽ مضبوط آهي. ڇو ته تحريڪ انصاف جو سرواڻ عمران خان طالبان جو زبردست حامي آهي ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جو علامه طاهر القادري جمهوريت جي سڌي ريت مخالفت ڪري رهيو آهي. سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته هڪڙو همراهه طالبان جي حمايت سبب سياست ڪري پيو پر اهو به پاڻ کي جمهوريت جو پاسبان ٿو سڏي. ٻيو همراهه چوي ٿو ته جمهوريت فراڊ آهي. سڄو نظام ڊاهي هڪ اهڙو قانون آڻيو جو سڄو ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي. 23 صوبا ٺاهڻ جو اهو ئي مطلب آهي. 14 هين آگسٽ کان وٺي 12 هين آگسٽ تائين هفتي ۾ ڇا وهيو واپريو ان تي ڳالهائڻ ۽ تفصيل ۾ وڃڻ ۾ ڪو فائدو ڪونهي ڇو ته پاڪستان جي سرمائيدارائي ميڊيا ڌرڻن ۾ حقا پيئڻ، تيل، صابڻ کان وٺي نسوار وٺڻ تائين ڏيکاريندا رهيا.

پر اها ڳالهه منظر تي نه آئي ته آخر اهي ڌرڻا لڳا ڇو؟ مقصد ڇا هئو؟ ڇا حاصل ٿيو ڇا وڃايو ويو؟ اصل ۾ ته مقصد نواز شريف جا ٽپڙ گول ڪرڻ هئا. پاڪستان جي اسٽيبلمينيٽ هميشه پهلوانن کي ميدان ۾ لاهڻ کانپوءِ ڏسندي آهي هاڻي کيس ڪهڙي قسم جو فائدو ٿيندو؟ مثال طور عمران خان چوي ٿو ته تبديلي اچي وئي آهي ۽ طاهر القادري چوي ٿو ته انقلاب اچي ويو آهي. هاڻي ماڻهو سوال ٿا ڪن ته تبديلي ڪٿي آئي، انقلاب ڪٿي آهي. ته جلسن ۾ٿيندڙ رقص، عطا الله عيسيٰ خيلوي جي ڪلامن، اداڪارن ۽ فنڪارن جي ڏوهيڙن کي تبديلي چيو وڃي ٿو. طاهر القادري چوي ٿو انقلاب جو سج اڀري ويو آهي ڇو ته اسان جو پارليامينٽ هائوس تائين پهچي ويا آهيون. ٻنهي ڳالهين جو مظهر اهو آهي ته هو ٻڌائين ٿا ته سندن مقصد حاصل ٿي ويو، جيتوڻيڪ پاڻ سڀني کي بظاهر اهڙي شيءَ نظر نه ٿي اچي جو ائين لڳي ته ڪجهه بدليو به آهي. پر ڪجهه اهڙو ضرور ٿيو آهي جيڪو عمران خان، طاهر القادري ۽ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي ته نظر اچي رهيو آهي پر پاڪستان جي عوام کي نظر ڪو نه ٿو اچي.

August 15, 2014   13 new

آصف علي زرداري ۽ سراج الحق جون ڪوششون حڪومت جون ڳالهيون، عمران خان ۽ طاهرالقادري جا مطالبا به ڪي نظر نه ايندڙ شيون ته ناهن. نه ڪي هاڻي پاڪستان جي فوج جو موقف ڳجهه رهيو آهي، ڇو جو آءِ ايس پي آر بيان به جاري ڪري ڇڏيو. هڪ هفتي دوران نواز شريف، شهباز شريف ۽ چوڌري نثار جون 21 ملاقاتون به ٿي چڪيون آهن. ان ڪري ان کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهي. سپريم ڪورٽ به عالم آشڪار موقف اختيار ڪري چيو ته سياستدان وڃي پاڻ ۾ نبرو. هاڻوڪي چيف جسٽس پاڻ کي افتخار چوڌري ٿيڻ کان بچائي ورتو سو سپريم ڪورٽ کي به نظر نه ايندڙ ڏنو ٿو چئي سگهجي ملڪ ۾ اپوزيشن پارٽين به پاڻ کي چٽو ڪري ڇڏيو ، هو سرڪار ڊاهڻ جو ساٿ نه ڏيندا. فضل الرحمان ۽ الطاف حسين به اهو ٿا چون، ٻين کي ته ڇڏيو ان جو مطلب چٽو ٿيو ته سرڪار في الحال ڪا نه وڃي پئي. سرڪار ڪڏهن ويندي اهو في الحال نظر ڪو نه ٿو اچي پر عمران خان ۽ طاهر القادري کي 14 هين آگسٽ کان وٺي 19 آگسٽ تائين سرڪار ڊهندي نظر اچي رهي هئي پر آءِ ايس پي آر جي بيان کين ڪمزور ڪري ڇڏيو. 19 هين آگسٽ کانپوءِ ٻنهي ڌرڻن لاءِ سوال سياسي طور زنده رهڻ جو اڀريو. ان ڪري هو هٺ ڌرمي ڪري پارليامينٽ هائوس آڏو ويٺا ئي رهيا. پر سندن ڪارڪن بيزار رهيا. تحريڪ اسڪوائر جو ڊرامو ۽ ڊائلاگ بوکلائيندا رهيا. جنهن مان هنن اهو تاثر ڏنو ته هتي مصر جهڙي صورتحال هوندي- نظر نه ايندڙ قوتن جو خيال آهي ته نواز شريف جي سرڪار هينئر نه ته جلد ڊهندي ان ڪري نئين ايندڙ سرڪار لاءِ رٿابندي ضروري آهي.

هڪ خيال اهو آهي ته 2015ع کانپوءِ جيڪو منظر نامو هوندو اسٽيبلشمينٽ ان جي قيادت ۾ رڌل آهي. جيتوڻيڪ نواز شريف به ڪو ترقي پسند ۽ روشن خيال ناهي نه ڪي آصف زرداري ڪو انقلابي آهي. پر “جمهوريت” سندسن مجبوري آهي. اسٽيبلمينٽ کي اهڙي جمهوريت نه گهرجي جنهن ۾ فيصلو سڌي ريت عوام جي هٿ ۾ هجي. اسٽيبلمينٽ لاءِ 5 سال هضم ٿيڻ جوڳا ناهن. ڇو ته آصف علي زرداري کانپِوءِ نواز شريف به پنج سال پورا ڪري ويو ته نظر نه ايندڙ ڌريون ڪمزرو ٿينديون. ان ڪري انهن هاڻي هن ملڪ ۾ عمران خان ۾ طاهر القادري جهڙا مشهور ليڊر ٺاهي ورتا آهن. جن کي جلد هن ملڪ جي عوام تي مڙهڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. “ قومي حڪومت” ۽ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي رينگٽ پڻ ان راڳ جو حصو آهي. جنهن کي “تبديلي” چيو وڃي ٿو هاڻي اچون ٿا ته اصل سوال تي، آخر تبديل ڇا ٿيو؟ تبديل اهو ٿيو آهي جو ملڪ ۾ جمهوريت پسند، لبرل ۽ قومپرست قوتون ڪمزور ٿيون آهن. انهن جي جڳهه تي بنياد پرست ڌرين جو اتحاد مضبوط ٿيو آهي. جنهن ۾ طاهر القادري، عمران، جماعت اسلامي وغيره اتحادي آهن. ايم ڪيو ايم فضل الرحمان ۽ ٻيون ڌريون به اتحادي بڻجي وينديون. سندن خيال آهي ته نواز شريف سرڪار جي خاتمي کانپوءِ کين وارو ملي. جڏهن ته پيپلز پارٽي. مسلم ليگ (ن)، ايي اين پي، بلوچ ۽ پشتون قومپرستن جو خيال آهي ته کين ٻيهر وارو ملندو. پيپلز پارٽي پنجاب ۾ اڃا تائين پير کوڙي نه سگهي آهي. ان ڪري پنجاب ۾ ئي سڄي جنگ جاري آهي. تبديلي جي نالي تي اهو ڊرامو شروع پنجاب کان ئي ٿيندو آهي. 1999ع ۾ ان ساڳي پنجاب نواز شريف جي سرڪار ڊاهڻ ۽ مشرف جي مارشلا ۾ ڪردار ادا ڪيو هئو.

عمران خان ۽ طاهر القادري تڏهن کان وٺي فوجي حمايت يافته جماعتون ٿيون هيون. مشرف جي حمايت ڪيائون ۽ هاڻي به فوج کي پڪارين پيون. سندن سڄي جنگ ۾ مشرف جي آزادي جو رستو صاف ٿي ويو آهي. نواز شريف جو سياسي موقف ڪمزور ٿيو آهي. طالبان خلاف جاري آپريشن به ڪمزور ٿيو آهي. طالبان جو سياسي مهانڊو عمران خان بڻجي ويو. جنهن ملڪ ۾ جمهوري ادارن جو تقدس پائمال ڪري کين بڇڙو ثابت ڪيو. جنهن آزادي جي حقيقي جدوجهد کي “مجراپارٽي” جي شڪل ڏني. پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اسلام آباد کان وٺي ڪراچي تائين رقص ڪندڙن کي ڪڏهن ڪٿان به ڪا ڌمڪي ڪا نه ملي. هڪ طرف آپريشن ضرب عضب ڪري طالبان کي پٺتي ڌڪيو ويو ۽ ان جو سياسي فائدو پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي ڏيڻ بدران سياسي فائدو به انهن کي ڏنو ويو جيڪي طالبان جا حامي آهن. طالبان مخالف قوتن کي پٺتي ڪرڻ کانپوءِ جيڪڏهن طالبان زندهه رهيا ته اهو عمران خان جو فائدو هوندو ۽ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جو فائدو هوندو. سياسي، لبرل ۽ جمهوريت پسند ڌرين کي بنياد پرستن آڏو جهڪڻو پوندو. پاڪستان کي آمريڪي ايجنڊا تحت ڪمزور ڪري بنياد پرستن جي تابع ڪرڻ جو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهه حد تائين ڪاميابي حاصل ڪئي وئي. جنهن کي عمران خان ۽ طاهر القادري تبديلي چون ٿا.

اها تبديلي ايندڙ وقت ۾ پنهنجا رنگ ڏيکاريندي. ڀارت ۾ مودي سرڪار سان هٿ ملائيندڙ نواز شريف کي اک ڏيکاري وئي، هو شايد آئينده اهڙي همٿ نه ڪري سگهي. حاصل مطلب اهو نڪتو ته ڌرڻن ۽ لانگ مارچن سبب جمهوريت ڪمزور ٿي آهي. ان جو فائدو به وري سنڌين، بلوچن کي نه پر پنجاب کي ٿيندو ۽ پٺاڻ هميشه پنجاب اسٽيبلمينٽ جو اهڙن مامرن ۾ اتحادي رهندو آهي، ڇو ته اسٽيبلمينٽ ۾ پٺاڻ ڀاڱي ڀائيوار آهي. سنڌين جي قمست ۾ پيپلزپارٽي ۽ بلوچن جي مقدر ۾ مالڪ بلوچ جهڙا لڳل آهن جن مان عوام بيزار آهي. عوامي بيزاري جو فائدو به پنجاب اسٽيبليمينٽ کي پنهنجي مهرن ذريعي کڻڻو آهي. سو تبديلي اها آئي جو ڌرڻا ڪرائيندڙ اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري ويا جيڪو سندن فائدي ۾ هو. عوام کي ڪجهه به حاصل نه ڪو نه ٿيو، عمران ۽ طاهر القادري ايندڙ اقتدار جا اميدوار بڻجي ويا. اڳتي هلي سندن جنگ انهن اميدوارن سان ٿيندي جيڪي اقتدار ۾ هئڻ جو تجربو رکن ٿا. سو هي ڌرڻا اسٽيبلشمينٽ جا ڌرڻا هئا ۽ اسٽيبلمينٽ لاءِ زبردست فاعدي مند ريهرسل ثابت ٿي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو