Home / اسپيشل افيئر / ڪتابن جي ڪٻاڙ بازار- علمي خزانو فوٽ پاٿ تي!
above article banner

ڪتابن جي ڪٻاڙ بازار- علمي خزانو فوٽ پاٿ تي!

Amina Shaikhڪتاب انسان جي ذهني پرورش ۾ تمام وڏو تخليقي ڪردار ادا ڪري ٿو .جيتوڻيڪ علم پرائڻ جو مکيه ذريعو پڙهڻ آهي، پر ٻيا به طريقا علم پرائڻ جا ڪافي آهن. مثال طور: مشاهدو، جيڪا شيءِ يا واقعو انسان پاڻ ڏسي، اهو سندس علم ۾ وڌارو ڪري ٿو. باقي اهو علم فائدو ڏئي ٿو يا نقصان، انهيءَ تي انسان پاڻ غور ڪري. ٻيو ذريعو علم حاصل ڪرڻ جو ڪچهرين ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي آهي. ٻين جا احساس، خيال، تجربا ۽ قول ٻـُـڌجن ، انهن جي به ڇنڊ ڇاڻ ڪري، پنهنجي علم ۾ سواءِ ڪري سگهجي ٿو. ٽيون طريقو سير و سفر جو آهي. ان کان سواءِ ٻيا به جديد طريقا علم حاصل ڪرڻ جا آهن.

تاريخ جو مطالعواسان کي ڪتابن جي افاديت سمجهائي ٿو .بيشڪ دنيا ڏينهون ڏينهن پنهنجي رفتار سان ترقي ڪري رهي آهي ،سائنس نت نين ايجادن سان پنهنجا پيرکوڙيندي وڃي پئي- ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار نه آهي ته هاڻي زمانو ايجاد جو آهي. ڪيترن علمن توڙي هنرن کي استعمال ڪري پنهنجي علم ۾ واڌارو ڪري سگهجي ٿو، جهڙوڪ: ريڊيو، ٽي. وي، انٽرنيٽ، سيٽلائيٽ وغيره ، ان جي باوجود جيڪا اهميت ۽ ترجيح ڪتاب پڙهڻ کي آهي، اها ڪنهن ٻئي ذريعي کي نه آهي.

هزارين سالن کان وٺي ڪتاب لکجن ۽ پڙهجن پيا. ڪتاب گذريل زمانن جا واقعا، قصا، جنگين جا احوال، بادشاهن، وزيرن ، درويشن، چڱن انسانن ۽ سپهه سالارن جي ڪارنامن بابت آگاهي ڏين ٿا. جن مان وڏو سبق ملي ٿو ۽ مستقبل جي رٿا بندي ۽ حال کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. ڪتاب پڙهڻ جو مشغلوهونئن به پاڻ سان گڏ وڏي دلچسپي رکي ٿو. ڪتاب پڙهندڙ پنهنجو پاڻ ۾ رڌل رهي ٿو، ٻئي جي ڪمن ڪارين ۽ عادتن ۾ دخل نٿوڏي، پنهنجي علم ۽ سياڻپ ۾ اضافو ڪري ٿو ۽ اجاين، بي سود ڳالهين کان پاسيرو رهي ٿو.

هونئن ته اسان جي ملڪ ۾ ڪتابن جي خريد ۽ وڪري جا کوڙ سارا مرڪز آهن پر انهن کانسواءِ ڪجهه جڳهيون اهڙيون به آهن جيڪي نالا کڻڻ سان تاريخي ڪتابن جي ياد ڏيارين ٿيون .ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي جتي کوڙ سارا اشاعتي ادارا پڻ موجود آهن. دنيا جي مختلف پڙهيل لکيل ماڻهن جي اچ وڃ رهي ٿي .جتي هر نئين ڇپجندڙ ڪتاب جي اهميت آهي اتي پراڻن ڪتابن جي پڻ الڳ حيثيت آهي .

August 15, 2014   555

ڪراچي جو مشهور ريگل چوڪ جيڪو وڏو ڪاروباري ۽ واپاري مرڪز هجڻ ڪري ماڻهن جي آمدرفت سان ڀريل نظر پيو ايندو آهي. هي علائقو آچر واري ڏهاڙي عام موڪل هئڻ ڪري بند هوندو آهي ، پر هتي ڪيترن ئي سالن کان لڳندڙ پراڻن ڪتابن جي بازار هن علائقي کي چار چنڊ لڳايو بيٺي آهي .هتي هڪ گهٽي آهي جتي پراڻا ڪتاب وڪري لاءِ رکيا ويندا آهن جنهن ڪري ان کي پراڻن ڪتابن واري مارڪيٽ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. آچر ڏهاڙي ڪو ڪارونهوار هلندو آهي ته اهو انهن پراڻن ڪتابن جي خريداري جو هوندو آهي .هن بازار ۾ مختلف ماڻهوپراڻا ڪتاب سستي اگهه تي خريد ڪري پنهنجن اسٽالن تي لڳائين ٿا .هاڻي هن بازار جي اهميت ايتري وڌي وئي آهي جو هتي نون ڪتابن کي به وڪري لاءِ رکيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ نون ڪتابن جي خريداري ايتري نه آهي پر ماڻهن جي رش ۽ دلچسپيءَکي ڏسي پبلشر نون ڪتابن جي نمائش پڻ ان مارڪيٽ ۾ ڪن ٿا جنهن جي ڪري کين فائدو پهچي ٿو .هونئن به چوڻي آهي ته ڪتاب انسان جو اهڙو دوست آهي جو ان کي ڪنهن به ٻئي دوست جي ضرورت نه پوندي آهي .جيڪڏهن ڪنهن پڙهندڙ کي سستي قيمت ۾ معياري ڪتاب ملي وڃي ته اهو سندس لاءِ غنيمت هجي ٿي.

هن بازار جي اهميت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪو سوير پهچندو اهو ئي ڪو تاريخي ۽ قيمتي ڪتاب حاصل ڪري سگهندو، ملڪ جا ڪيترائي ناميارا ۽ مختلف ٻولين سان تعلق رکندڙ اديب ،دانشور ،مضمون نگار ،صحافي ۽ عام شاگرد مرد توڙي عورتون پڻ ڪنهن نه ڪنهن آچر تي انهن ڪتابن جي اٿل پٿل ۾ نظر ايندا آهن.

مون ان بازار جو دورو ڪيو جتي مختلف مڪتب ِ فڪر سان تعلق رکندڙن جون ٽوليون نظر آيون، هر ڪو پنهنجي دلچسپيءَ واري موضوع سان لاڳاپيل ڪتاب جي ڳولا ۾ رڌل هو. پراڻا ڪتابن پنهنجي دور جي نمائندگي ڪندي به نظر آيا، جنهن مان اهو معلوم ٿي رهيو هو ته ان دور ۾ ڇپائي جو عمل ڪيڏو نه مشڪل هو .ڪتاب جي اها بناوٽ اڄ جي جديد دور ۾ به حسناڪيت جو زندهه مثال آهي. ڪڏهن ته اهڙا ڪتاب اچي وڃن ٿا جن کي ڏسي وٺندڙ منجهي پوي ٿو ته هو ڇا ڇا وٺي، ڇا ڪاڻ ته ٻئي آچر تائين ان ڪتاب جو موجود هجڻ ناممڪن ٿي وڃي ٿو .

ڪتابن جي تمام وڏي بازار هونئن ته اردو بازار آهي پر هتي علمي ڪتاب سستي اگهه ۾ ملي وڃڻ پڻ هڪ معجزو آهي .ڪتاب وڪرو ڪندڙ ڪجهه جهونن جو چوڻ هو ته هوٽن ڏهاڪن کان اهي ڪتاب وڪڻي رهيا آهن، جڏهن ته اڌڙوٽ /10 12 سالن کان اهو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن.هنن ٻڌايو ته مختلف سياسي حڪومتن جي دورن ۾ هنن ڪتابن کپائڻ وارن کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪجهه عرصو اڳ هي بازار موجوده جاءِ کان پر ڀرو روڊ تي لڳائي ويندي هئي، پر هاڻي ڳچ عرصي کان هن گهٽي ۾ لڳائي وڃي ٿي .ڪتا ب کپائيندڙ تمام گهڻو مطمئن نظر ايندا آهن، ڇاڪاڻ ته کين نه ڪو دڪان جو ڪرايو ڏيڻو پوي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن اسٽال جي بڪنگ ڪرڻي پوي ٿي. مطلب ته هو انهن سمورن لوازمات کان آجا ٿي ڪاروبار ڪن ٿا ۽ هي فٽ پاٿ(گهٽي) هنن جي روز جي ڪمائي جو ذريعو آهي . ڪپڙو وڇائي صبح سوير پهچي پلٿي هڻي ويهن ٿا، جڏهن ته سج لهڻ کان پهرين گهر ڀيڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا .هتي دنيا جي هر موضوع تي ڪتاب ملي وڃن ٿا ، جهڙوڪ سائنس،سماجيات،ادب، شاعري ،فلسفو ،مارڪسزم ،تاريخ ،مذهب ،جاگرافي، ٻوليون،آتم ڪهاڻيون ، بين الاقواميت ، اقتصاديات ،قانون،انسائيڪلوپيڊيا،بزنس،بينڪنگ،طب، ،ڪمپيوٽرٽيڪنالاجي ۽ ٻين کوڙ سارن موضوعن تي دستياب هونداآهن.رستي تي لڳندڙ هيءُ بازار علم ۽ ادب جي واڌاري ۾ تمام گهڻو واڌارو ڪري ٿي ، جنهن جو اندازو ماڻهن جي خريد ۽ فروخت مان لڳائي سگهجي ٿو.ڪتاب جي حالت ۽ ان جي موضوع جي اهميت جي لحاظ کان بازار ۾ 10 روپين کان وٺي هڪ هزار روپين جي قيمت تائين ڪتاب وڪرو ڪيا ويندا آهن.هن بازار ۾ تحقيق ۽ علم ادب جو ذوق رکندڙن کانسواءِ اهي ماڻهو پڻ ايندا آهن جيڪي نوان ڪتاب خريد ڪرڻ جي سگهه نه رکندا آهن.ڪتابن جي هن بازار ۾ سستن ۽ پراڻن ڪتابن جي وڪري لاءِ ڪنهن به دڪان يا اسٽال جي ضرورت ناهي، بس دڪانن جي اڳيان فٽ پاٿ تي پراڻي چادر وڇائي ان تي ڪتاب سجائي رکندا آهن.

ڪتابن جي بازار ۾ ان وقت موجود نوجوان صحافي الله بخش راٺوڙ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته “مان تقريبن پندرهن سالن کان هت اچان ٿو.مذهبي ڪتابن کان وٺي فلاسفي تائين هر طرح جا ناياب ڪتاب ملندا آهن .اهي ڪتاب جيڪي لائبررين مان غائب ٿي ويندا آهن اهي به هتي ملن ٿا. هتي ٺل، ڪنڌڪوٽ، ڪوئٽه، حيدرآباد ،بدين ۽ لاڙ جا ماڻهو پڻ اوهان کي ملندا .هتي نه صرف ڪارل مارڪس کان وٺي شيڪسپيئر تائين،صحافت کان وٺي ادب تائين ۽ بادشاهن جي دور جا قلمي نسخا به ملي ويندا آهن.اوريانا فلاسي کان وٺي دنيا جي وڏن وڏن ليکڪن جا ڪتاب پڻ اوهان کي ملي ويندا”.

ڪتاب وڪرو ڪرڻ واري هڪ دڪاندار هن بازار بابت ٻڌايو ته “مان سترهن سالن کان هن بازار ۾ ڪتاب وڪرو ڪري رهيو آهيان .ڪاروبار سٺو هلي رهيو آهي.هن بازار ۾ هر طرح جا ماڻهو ڪتاب خريد ڪرڻ ايندا آهن.ڀٽي صاحب جي دور کان هيءَ بازار لڳندي آهي.مختلف ذريعن کان ڪتاب حاصل ڪري هت اسان وڪرو ڪندا آهيون.هڪ ذريعو اهو آهي ته جيڪي ماڻهو ڪتابن جا شوقين هئا ۽ هاڻي اهي هن دنيا ۾ نه رهيا آهن، انهن جا سانڍيل ڪتاب سندن گهر وارا ڪتابن کي ڪچرو سمجهي اسان کي ڏئي ويندا آهن پر حقيقت ۾ اهي ڪتاب تمام گهڻا قيمتي هوندا آهن”. ڪتابن جي اهميت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي.اڄ جي هن جديد دور ۾ انٽرنيٽ تي به ڪتاب موجود آهن پر تنهن هوندي به اصل ڪتاب جو ڪو به مٽ ڪونهي.ڪتاب ڪلچر کي فروغ ڏيڻ لاءِ هن ڪتابن جي بازار جي اهميت تمام گهڻي آهي.وڏن وڏن محققن کان وٺي عورتون ۽ ٻار به هن بازار ۾ معياري ڪتابن جي کوجنا ڪندي نظر ايندا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو