Home / ڪرنٽ افيئر / ڪراچي ، جتي سڀ ٺيڪ نه آهي!
above article banner

ڪراچي ، جتي سڀ ٺيڪ نه آهي!

Sameer Mandhoroآگسٽ جي آخر ۾ سنڌ پوليس جي سربراهه غلام حيدر جمالي نمبر گيم جي ذريعي مهارت سان سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته سڀ ٺيڪ ٿي ويو ۽ سائين چيو ته اڇا! شاباس، گذريل اٺن سالن کان نه صرف سنڌ جا آفيسر بلڪه ايم پي اي ۽ وزير اهو ئي ڪندا رهيا آهن، جن کي هدايتون ملنديون آهن جو اهي صاحب جيڪو به ڪم سرنجام ڏيندا آهن ته ميڊيا کي وڏي فخر سان اطلاع ڪندا آهن ته ”وڏي وزير“ جي هدايت تي ايئن ڪيو ويو.

جمالي! شاهه صاحب کي ٻڌايو ته گذريل ٽن مهينن ۾ ڪراچي ۾ بلڪل امن ٿي چڪو آهي جنهن جو مثال هن اهو ڏنو آهي ته شهر مان ڀنگ لاءِ اغوا تاوان سميت ڀتي جون وارداتون نه پيون ٿين. هن مطابق 472 ڏوهارين کي سيپٽمبر 2013ع جي آپريشن شروع ٿيڻ کانپوءِ تائين ماريو ويو. جڏهن ته آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ واري 2013ع جي مهينن ۾ 126 ڏوهاري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ماريا ويا. ڏوهارين کي ماوراءِ عدالت مارڻ تي به شاهه صاحب مطمئن نظر آيو. جڏهن ته گذريل مهيني هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان اهو الزام هنيو آهي ته پوليس ۽ رينجرز مقابلن ۾ مارجي ويندڙ کي ڪنهن به صورت ۾ ”قانوني” نٿو چئي سگهجي. ڪراچي جي لساني تنظيم به انهي قسم جا الزام هڻندي رهي آهي ته هنن جي ڪارڪنن کي ڪوڙن مقابلن ۾ ماريو پيو وڃي. ٻئي طرف ڪجهه علائقن ۾ اهي به اطلاع مليا آهن ته ڪافي ڪيسن ۾ ڏوهارين کي ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ هنن کي مقابلن ۾ ماريو وڃي ٿو.

August 31, 2014   10

اهڙن مقابلن جون شڪايتون نه اچڻ جا به ٻه سبب سامهون آيا آهن. هڪ ته مارجي ويلن جا مائٽ ڄاڻن ٿا ته مارجي ويل ضرور ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث هوندا ۽ اهڙي طريقي سان پوليس يا رينجرز طرفان مقابلي کي جيڪڏهن ڪنهن به صورت ۾ چيلينج ڪيو ويو ته کين وڌيڪ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو. ٻيو ته آپريشن کانپوءِ يا اڳ پڻ اهڙو ڪو به ادارو موجود ئي ناهي جو ايمانداري ۽ غير جانبداري سان اها تحقيقات ڪري ته پوليس مقابلو واقعي ئي اصل هو يا جڙتو؟ هتي اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي سامهون آئي آهي ته جن ڏوهارين جي سرپرستي ڪا سياسي يا مذهبي ڌر ڪري رهي هوندي آهي ته ان شخص لاءِ گهڻو ڪري. “مقابلي” جي نوبت گهٽ ٿي اچي ۽ جيڪڏهن اهو صرف ڏوهارين يا ڪنهن ننڍڙي گروهه سان لاڳاپيل آهي ته سمجهو نمبر گيم لاءِ ويو ۽ ظاهر آهي اهڙي صورت ۾ انهي جي بيواهه، معصوم ٻار يا والدين جيڪي يقيني طور هڪ ڏوهاري جي ڪيل گناهن جا شريڪ ناهن پو پوءِ به گهڻو ڪجهه ڀوڳين پيا. جن جا اکين ڏٺا منظر سول اسپتال ڪراچي جي مرده خاني جي اندر، ٻاهر ۽ ايڌي سرد خاني جي ٻاهر به ڏسي سگهجن ٿا.

ڏوهارين کي صرف مارڻ ئي ڪافي آهي ته اها انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. ڇو ته مون اسپتال جي ٻاهران انهن مري ويلن جي مائٽن جي اکين ۾ بيحد نفرت ڏٺي آهي. مون اهو چوندي به ٻڌو آهي ته جيڪڏهن رياست چاهي ها ته هو ڏوهاري نه ٿئي ها يا جيڪڏهن هن ڏوهه ڪيو ئي هو ته قانون مطابق ان کي ڦاهي تي چاڙهيو وڃي ها. ٻي طرف پوليس جو “سمجهه” ۾ ايندڙ موقف آهي ته عدالتون کين ڇڏي ڏينديون وغيره.

هڪ ٻي ڳالهه غلام حيدر جمالي جي بريفنگ دوران متضاد نظر آئي، هڪ طرف هن چيو ته گذريل ٽن مهينن ۾ امن بحال ٿي چڪو آهي ۽ ڏوهن ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته پاڻ ئي ان ڏينهن چيائين ته چوويهن ڪلاڪن ۾ 69 ڇاپا هنيا ويا جن ۾ پنج پوليس مقابلا به شامل هئا. هڪ ڏينهن ۾ ايترا ڇاپا؟ هن وقت به شهر ۾ چار کان پنج ماڻهو قتل ٿين ٿا. قانون لاڳو ڪندڙن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. اغوا جا ڪيس اڃا تائين ٿين پيا، ڀتي جي وارداتن ۾ ڪمي انهي ڪري نظر ٿي اچي ته ڏوهاري هاڻ قانون لاڳو ڪندڙن کان ٻه نه بلڪه ڏهه قدم اڳيان هلن پيا. هو ڀتو منظم انداز سان وٺن ٿا يعني ڀتو ڏيندڙ پهچائين ٿا.

هڪ ڳالهه سان سمهت ٿجي ٿو ته سنڌ جي گادي واري هنڌ ۾ ڏوهن ۾ ڪنهن حد تائين گهٽتائي ضرور ٿي آهي. پر انهي جو سبب پوليس يا صوبائي حڪومت هرگز ناهي. هونئن ته ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ امن امان جي ذميواري کانپوءِ نيٺ رينجرز کي اضافي اختيار ڏيندي 5 سپٽمبر تي آپريشن مختلف علائقن ۾ شروع ڪيو. ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته سمورن قانون لاڳو ڪندڙن جي شمولت کانپوءِ ڪراچي ڏوهارين کان پاڪ ٿي وڃي ها. پر هن وقت تائين اسٽريٽ ڪرائيم عام آهي. هن وقت به شهر جي مختلف علائقن ۾ قبضا مافيا ڇانيل آهي. هن وقت به شهر مان گاڏيون چوري ٿين پيون. سي پي ايل سي موجب موبائل فون جي ڦرلٽ ۾ واڌ ٿي آهي. هن وقت جا ڏوهه جيڪي آپريشن کان اڳ ٿي رهيا هئا اهي اڄ به جاري آهن. صرف قتل عام ۾ جوڳو فرق آيو آهي انهي جو سڀ کان وڏو سبب اهي ٽارگيٽ ڪلرز آهن جيڪي وقتي طور تي ڇپر ٿي چڪا آهن. هتي هڪ ٻي اهم ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته اطلاعن موجب رينجرز ۽ پوليس انهن ڏوهارين کي وڌيڪ نشانو بڻايو آهي جيڪي ڪنهن به طرح قتل جهڙين وارداتن ۾ شامل رهيا هئا. اطلاع اهي به آهن ته اهڙن ماڻهن کي مقابلي ۾ ماري اهو نياپو ڏنو پيو وڃي ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ ڏوهن طرفا لاڙو رکندڙ سيکڙاٽ ڪجهه سبق سکي سگهن.

هتي هڪ ٻي ڳالهه به قابل غور آهي ته پوليس موجب جيڪي 472 ڏوهاري قتل ٿيا آهن انهن جي علائقن جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ناهي ڏني وئي. اهو به ناهي ٻڌايو ويو ته انهن جو تعلق ڪهڙي گروهه يا ڌر سان هو.

ذريعن موجب اڪثريت جو تعلق لياري سان آهي. ٻي ڳالهه ته اهو آپريشن شروع لياري کان ٿيو هو ۽ هي سٽون لکڻ وقت به ٻن ڏوهارين کي مقابلو ڪري زخمي حالت ۾ گرفتاري ڪيو ويو. مطلب ته ڏوهه به ٿين پيا ۽ ڏوهاري به موجود آهن.

آپريشن دوران هڪ ڳالهه سامهون آئي ته رينجرز هن سڄي سال ۾ نه صرف ڏوهارين تي بلڪه عام شهرين تي پڻ پنهنجو خوف مسلط ڪرڻ ۾ ڪامياب ويئي آهي. مختلف علائقن ۾ آپريشن دوران نقاب پوش سپاهين سان گڏوگڏ هڪ عدد ايمبولينس به ڏٺي وئي آهي ۽ جتي اهڙي قسم کي چر پر ڏٺي وئي آهي اتي ڪجهه دير کانپوءِ مقابلي جا به اطلاع مليا آهن.

هو ڪنهن به ڏوهاري ۾ هٿ وجهن ٿا ته انهي جي مڪمل ڄاڻ پهرين حاصل ڪن ٿا ۽ ڄاڻ وٺڻ لاءِ انهي علائقي جا مخبر به هٿ ڪن ٿا جن کي هنن جو آشيرواد به رهي ٿو. مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران بنيادي حقن جي پائمالي، چادر ۽ چار ديواري جو تقدس نه رکڻ جون به شڪايتون مليون آهن. کوڙ علائقن ۾ ٽريفڪ جي ذميوارن سميت منشيات جي وڪري کي روڪڻ لاءِ حد کان وڌندڙ قدم به هنن کنيا آهن. مثال طور، ڪنهن دوست ٻڌايو ته هڪ ٻن علائقن ۾ رينجرز اهلڪارن ڪجهه نوجوانن کي پان ۽ گٽڪو ٿوڪيندي ڏنو ۽ کين سندس شرٽ سان صاف ڪرايو يا ڪڪڙ بڻايو وغيره.

جمالي صاحب جي ڪجهه انگن اکرن کانپوءِ انهي تي فخر ڪرڻ به عجيب ٿو لڳي، کل ۽ حيرت ٿي ٿئي ته سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شموليت جي باوجود تمام ٿوري ڪمي نظر آئي آهي. يعني چيو ويو آهي ته آپريشن دوران 1245 ڀتي جا واقعا ٿيا. جڏهن ته آپريشن کان اڳ 1303 واقعا ٿيا. يعني ڪروڙين روپيا خرچ جي باوجود صرف 58 واقعن جي گهٽتائي ؟ ڀنگ لا ‎ءِ آپريشن دوران 99 ماڻهو اغوا ٿيا جڏهن ته آپريشن کان اڳ اهو انگ 101 هو. يعني ايترو وقت وٺڻ جي باوجود ٻه ماڻهو گهٽ اغوا ٿيا؟ سڄي آپريشن دوران آفيسرن سميت 117 پوليس جا جوان شهيد ٿيا آهن، رينجرز اڃا تائين پنهنجي شهيد جوانن جا انگ ظاهر ناهن ڪيا. پوليس جيڪا سنيپ چيڪنگ دوران لٽ مارجي بازار گرم ڪئي آهي انهي جي باري ۾ ذڪر ڪير ڪندو؟ انهي جي خبر ناهي، پر اهو پتو پيو آهي ته انگ اکر ٻڌائي قائم علي شاهه صاحب کي انهي تي راضي ڪيو ويو آهي، ته هو فنڊز جاري ڪندا رهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو