Home / شوبز / ڪروڙين ماڻهن کي کلائيندڙ رابن وليمز جو پراسرار آپگهات!
above article banner

ڪروڙين ماڻهن کي کلائيندڙ رابن وليمز جو پراسرار آپگهات!

سچ چيو اٿن ته جيڪي ماڻهو ٻين کي کلائيندا آهن اهي پنهنجي اندر ۾ درد جا انبار رکندا آهن، جن جي دنيا کي ڪا ڪل ئي ناهي هوندي. اهڙو ئي هڪ ڪردار جيڪو دنيا جي ڪروڙين ماڻهن کي کلائي کلائي کيرو ڪندو هو، سو پاڻ هڪ اهڙي موت جو شڪار ٿيو، جنهن تي سڄي دنيا اداس آهي.

ٻارن جي ڪيترين ئي فلمن ۾ مزاحيه اداڪاري ڪندڙ آسڪر ايوارڊ يافته هالي ووڊ اداڪار ۽ ڪاميڊين روبن وليمز 63 سالن جي ڄمار ۾ پراسرار خودڪشي سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو. هڪ آمريڪي صحافي روبن بابت لکيو آهي ته: ”جڏهن آءُ ٻه سال اڳ ساڻس مليس تڏهن مون کي اندازو ٿيو ته هو ڪنهن اجنبي سان به نهايت پيار سان ملندو آهي، ليڪن سندس اداس اکيون ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان“ حقيقت ۾ روبن هر عمر جي ماڻهن ۾ هڪ جيترو مقبول هو. هو ڪيليفورنيا ۾ پنهنجي ٽين گهرواري سان گڏ رهندو هو. رپورٽن موجب سندس موت ساهه گهٽجڻ سبب ٿيو ۽ ڊپريشن سبب هن آپگهات ذريعي پنهنجي زندگي جو ڏيئو پاڻ اجهائي ڇڏيو.

August 15, 2014   show

روبن 1951ع ۾ ڄائو. هو آمريڪي ايڪٽر، اسٽينڊ اپ ڪاميڊين، فلم پروڊيوسر ۽ رائٽر هو”Morkand Mindy“ نالي شو سبب کيس ڪاميڊين طور تمام گهڻي مشهوري ملي. روبن ٽي ڀيرا اڪيڊمي ايوارڊ فاربسٽ ايڪٽر لاءِ نامزد ٿيو ۽ آخرڪار کيس گڊول هنٽنگ لاءِ اڪيڊمي ايوارڊ فار سپورٽنگ ايڪٽر مليو.

ان کانسواءِ ٻن ايمي ايوارڊن، چئن گولڊ گلوب ايوارڊز، ٻن گلڊ ايوارڊز، سميت گريمي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا. هن ڪيترين ئي فلمن ۽ ڪارٽون فلمن ۾ يادگار ڪردار پڻ ادا ڪيو. هو شڪاگو ۾ ڄائو سندس امڙ هڪ ماڊل هئي جڏهن ته سندس والد فورڊ موٽر ڪمپني ۾ سينيئر ايگزيڪيوٽو هو. جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ شاهوڪار گهراڻي جو هيو ۽ قسمت جي ديوي مٿس هميشه مهربان رهي. ان جي باوجود به آپگهات ڪرڻ هڪ وڏو سوال آهي.

کلمک هي اداڪار جنهن کلائڻ وسيلي ڪروڙين دلين تي راڄ ڪيو، اهو ڊپريشن جي مرض ۾ انهي حد تائين مبتلا هو، نفسياتي ماهر سندس موت تي ڏک سان گڏ وگڏ اهو تصور به ڪري رهيا آهن ته جهڙي ريت هن زندگي گذاري، ان کانسواءِ روبن جو آپگهات ڪيترائي سوال ڇڏي ويو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو