Home / سنڌ افيئر / ڪوهستان پڪاري پيو!
above article banner

ڪوهستان پڪاري پيو!

Sameer Mandhoroاسڪولن ۽ اسپتالن ۾ عملو نه هئڻ ته سڄي سنڌ جو مسئلو آهي پر هتي جو سڀ کان وڏو مسئلو بک آهي. جنهن گذريل ٽن سالن کان ڪوهستان ۾ ديرا ڄمائي رکيا آهن.

آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ ٿاڻو بولا خان جي مختلف ڳوٺن ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو، ٿاڻو بولا خان شهر ۾ خوبصورت گهر ڏسي لڳو ته سمورو علائقو ۽ انهي ۾ رهندڙ ماڻهو انتهائي خوشحال هوندا. پر انهي جي ابتڙ جيئن ئي شهر ڇڏيوسين ته روڊ جي ٻنهي پاسي هزارن جي تعداد ۾ سانڊن کان سواءِ ڪا به ساهه واري شيءَ نظر نه آئي. ڪٿي ڪٿي ٻڪرين جي ولرن سان ڪو ڌنار به نظر آيو ٿي. ڪنهن روڊ جي ڪنڊ ۾ ڪي ٻار جهولي جهلي خيرات گهرندي به نظر آيا ٿي.

تقريبن 40 ڪلو ميٽر مفاصلو طئي ڪرڻ کانپوءِ دينو هوٽل اسٽاپ تي پهتاسين، جتي مختلف ڳوٺن جي چاليهه پنجاهه ڳوٺاڻن سان ملاقات ٿي. جمعي نماز جي وقت هئڻ سبب سواءِ چند جي باقي سڀ حال احوال ڪرڻ کانسواءِ هٿن ۾ ڪرا کنيو نڪري ويا. ڳوٺ ريڪ جو ئي جو چاچو علو اسان سان کٽ تي ويهي درد ونڊڻ لڳو. چيائين ته برسات نه پوڻ سبب صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. “گهرن ۾ سواءِ چند جانورن ۽ بک جي ٻيو ڪجهه به ناهي رهيو” هن جي لفظن ۾ ڪا خيرات گهرڻ جي چالاڪي نه هئي. چيائين ته برساتون پونديون ته صورتحال ٺيڪ ٿي پوندي. “نه ته مالڪ خير ڪندو”.

ڳوٺاڻن ٻڌايو ته بک سبب بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن. ست هزارن جو جانور هو ٽي کان چار هزار ۾ وڪڻي رهيا آهن. “سموري ملڪيت ڍور ۽ ڍڳا آهن. انهن کي وڪڻي پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پاليون ٿا. پر هاڻ ته چارو نه هئڻ سبب اهي به مري رهيا آهن. جيڪي زندهه آهن اهي ڪمزور ٿيندا ٿا وڃن. ” هن سموري ڪوهستان جي صورتحال جو مثال ڏيڻ لاءِ ڪمال جو منظر ڏيکاريو. “هي چانهه جو هوٽل ڏسين ٿو؟ گذريل ڪيترن ڏينهن کان بند آهي…” هن ٻڌايو ته هوٽل بند ٿيڻ جا ٻه سبب آهن هڪ ته کير جي کوٽ ۽ ٻيو ماڻهن وٽ ايترا ڏوڪڙ ناهن جو هو چانهه پي سگهن، علو ٻڌايو ته ڪيترن ئي گهرن ۾ هاڻ ڪاري چانهه پيتي وڃي ٿي.

August 15, 2014   36

يونين ڪائونسل مول ۽ تونگ جي مختلف ڳوٺن ۾ گهمڻ دوران هڪ ڳالهه دل ڏکائيندڙ نظر آئي. ڪوهستان جا نوجوان مرد ۽ عورتون بکون برداشت پيا ڪن. هڪ ڳوٺ ۾ هڪ دوست طرفان ڪجهه بسڪيٽ ڪجهه نوجوانن ۾ ورهاياسين ته انهن مان ڪن ته اهي سنڀالي رکيا. ڪن اتي ئي وڏي شوق سان کاڌا ته ڪن وري جلدي ۾ گهرن ڏانهن رک ڪيو. “بسڪيٽ ڪا اهڙي شيءَ ناهي جيڪا سان پهرين ڀيرو ڏٺي هجي. هي بک آهي ادا “ هڪ نوجوان پنهنجو نالو پهلوان ٻڌائيندي جواب ڏنو. ڳوٺ پيسو آڪلاڻي جي امان زينت جيڪي لفظ چيا اهي شايد سموري زندگي وسري سگهن. هن منهنجي دوست طرف ڏسي انتهائي ڏکوئيندڙ آواز ۾ چيو ته “منهنجا پٽ به توهان جيان سهڻا ۽ تندرست ٿي سگهن. ٿا پر ڏس هنن جا هٿ چليهه تي آهن.”

هن جي هڪ ڍڳي ڪجهه ڏينهن اڳ مري چڪي هئي. ٻي ڍڳي جي اڳيان گاهه رکندي امان زينت جي پٽ مامون ٻڌايو ته هي ڪچرو آهي جيڪو هن جهنگ مان ڪٽيو آهي، هن ٻڌايو ته هن جا سمورا جانور هاڻ بيمار ٿي چڪا آهن. چاري جي شديد بحران تي ڳالهايئندي هن ويٺل ڳئون کي پنهنجي سئوٽ جي مدد سان اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اها اٿي نه سگهي. “هتي جانور به نٿا رهي سگهن، اسين انسان رهون پيا” امان زينت هٿرادو مسڪراهٽ سان تبصرو ڪيو.

اڱڻ جي اڳيان اس ۾ امان زينت پنهنجي تنهن سان گڏ جوئر صاف ڪندي ٻڌايو ته هنن اها ڳوٺ ڀرسان پراڻي ٻني مان ٽن ڏينهن ۾ ميڙي گڏ ڪئي آهي. پنج کان اٺ ڪلو جوئر ڏهن ڀاتين جو ڪٽنب ٽي ڏينهن هلائيندو. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته عيدالفطر تي هنن جي گهرن ۾ ڪا به مٺي شيءِ کائڻ لاءِ نه ٺهي جڏهن ته ٻارن سڀني سمورو پراڻن ڪپڙن ۾ عيد ڪئي. هو گوشت (شايد) عيد تي کائيندا. “جڏهن مريضن کي اسپتال کڻي ويندا آهيون ته ڊاڪٽر فروٽ لاءِ چوندا آهن. پر انهن کي (ڊاڪٽرن) کي اها خبر ناهي ته اسان وٽ پئسا ناهن” هن پوڙهي بيوسي مان چيو.

ڪوهستان ۾ پاڻي جو وڏو ذريعو برسات آهي. جڏهن ته گذريل ٽن سالن کان برسات نه پوڻ سبب زير زمين پاڻي جي سطح گهٽجي وئي آهي. ڳوٺاڻن مطابق هنن کي تقرين 450 فوٽن کان پوءِ پاڻي ملي ٿو. وڏن وڏن ڳوٺن ۾ هڪ کوهه جڏهن ته ڪٿي ڪٿي هڪ کوهه مان ڀرپاسي جا ڪيئي ڳوٺ انسانن ۽ جانورن لاءِ پاڻي کڻن ٿا. ڪجهه ڳوٺن ۾ ٽيوب ويل لڳل آهن. ڳوٺاڻا پاڻ ۾ چندو ڪري ٽيوب ويل جي تيل جو بندوبست ڪندا آهن. ڪن هنڌن تي انهن ٽيوب ويلن کي کيتي لاءِ پڻ به استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڳوٺ پانڌي خان جي جهوني چاچا رسول بخش ٻڌايو ته هنن جي ڳوٺ ۾ موجود کوهه ذوالفقار علي ڀٽو دور ۾ ٺهيو. جڏهن ته مرمت لاءِ رکيل پوڻا ٻه لک مان هن تي صرف پنجاهه هزار 2009ع ۾ مليا. هن کوهه مان سو کان وڌيڪ خاندان پنهنجي استعمال لاءِ روز پاڻي ڪڍن ٿا. جڏهن ته سندن جانورن لاءِ پڻ هن تي واحد ذريعي کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ کوهه نه هئڻ سبب عورتن ۽ ٻارن کي ڪيئي ميل پنڌ وڃڻو پوي ٿو. هن وقت تائين نه حڪومت ۽ نه ئي ڪنهن اين جي او اها چڪاس ڪرڻ جي زحمت ڪئي آهي ته ڪوهستان جا لکين ماڻهو جيڪو پاڻي استعمال ڪن ٿا اهو انهن جي صحت لاءِ هاڃيڪار ته ناهي؟

سڄي سفر ۾ ڪٿي به پوليس نظر نه آئي. هتي جا ماڻهو چون ٿا ته بک هئڻ جي باوجود هو چور ناهن. ڪيتريون سرڪاري عمارتون اهڙن حالن ۾ موجود آهن جن کي ڏسي ائين ٿو لڳي ته ڄڻ اڄ ٺهي راس ٿيون هجن. هو چون ٿا ته اهي عمارتون هنن جي ڀلائي لاءِ ٺهيون آهن سو هو انهن سان هٿ چراند نه ڪندا. هنن مطابق هتي ڏوهه گهٽ ٿين ٿا.

سرڪاري اسڪول ڪافي ڳوٺن ۾ نظر آيا. پر پڙهيل لکيل ماڻهو ايڪڙ ٻيڪڙ ئي مليا. ٻار اسڪول نٿا وڃن. استاد مهينن ۾ اسڪول اچڻ جي زحمت ڪن ٿا، گهڻو ڪري ويزا تي ويل آهن. ڪيترن استادن جو تعلق ته وڏن شهرن سان آهي. انهي ڪري هو گهر ويٺي پگهار کڻن ٿا. ڇوڪرين لاءِ اسڪولن ٻن وڏن شهرن ۾ آهن. جڏهن ته پڙهيل لکيل عورتن جي فقدان سبب شهرن جون عورتون استاد رکيل آهن، جيڪي پڻ اچڻ کان لنوائن ٿيون. ڪجهه ڳوٺن ۾ اسڪول تي بااثرن ماڻهن جو قبضو به ٻڌڻ ۾ آيو. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته تعليم کاتي جا آفيسر امتحانن وقت نظر اچن ٿا. هنن جو خيال آهي ته تعليم صرف اميرن لاءِ آهي. ايئن ناهي ته ڪوهستان جا ماڻهو پنهنجن ٻارڙن کي اسڪول نٿا موڪلڻ چاهين. پر هو اها شڪايت ڪن ٿا ته استادن جي کوٽ، نه اچڻ سبب هتي جا ماڻهو اڻپڙهيل آهن. هو اهو به ڀلي ڀت سمجهن ٿا ته تعليم نه هئڻ سبب هنن لاءِ ڪافي مسئلا پيدا ٿيا آهن. جنهن ۾ سر فهرست نوجوان جو وڏن شهرن(ڪراچي ۽ حيدرآباد) ۾ روزگار لاءِ نه وڃڻ به شامل آهي.

ڪوهستان ۾ صحت جون سهولتون اڻ لڀ آهن. ڪٿي ڪٿي بيسڪ هيلٿ يونٽ آهن. جتي وري ڊسپينسر ڊاڪٽر بڻيل آهن. “ڪو گهڻو بيمار ٿيندو آهي ته ڀرواري ڳوٺ مان موٽر سائيڪل تي ڊاڪٽر وٺي ايندا آهيون. هن جي فيس ٻه هزار آهي.“ پهلوان ٻڌايو ۽ اشارو ڪندي هڪ عمارت لاءِ چيائين ته اها 25 سال اڳ ٺهي هئي. “اها اسپتال آهي. سالن کان آسري ۾ آهيون ته هلندي ۽ اسان جو علاج ٿيندو.” اسپتال جي ويجهو اچڻ سان خبر پئي ته سنڌ ايرڊ زون ڊولپمينٽ اٿارٽي ٺهرائي هئي.

ٿاڻي بولا خان جي شيخ عبدالله مطابق سموري ڪوهستان ۾ ٻه ليڊي ڊاڪٽر هيون، پر انهن جو تعلق ڪراچي سان هو ۽ انهن جي سفارشي شهري جماعت هئي ۽ گذريل ڪيترن ئي سالن کان صحت واري وزارت انهي ڌر وٽ آهي سو نه صرف اهي ڊاڪٽرياڻيون بلڪه ٻيا ڪيترائي آفيسر آشيرواد هئڻ سبب نٿا اچن. ڳوٺاڻن مطابق پي پي ايڇ آءِ جي ڪري ڪٿي ڪٿي بيسڪ هيلٿ يونٽن ۾ واضح فرق نظر آيو آهي.

ڪوهستان ماڻهو بنهه سادا ۽ سچا آهن. هو بک باوجود پنهنجا ڳوٺ ڇڏڻ نٿا چاهين. باوجود انهي جي ته هو ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن هو اڄ به ملڪ اسد سڪندر جيڪو هنن جو سردار آهي جي بيحد عزت ڪن ٿا. باوجود بند اسڪولن ۽ اسپتالن جي هو حڪومت کي برو ڀلو نه ٿا چون. ٿرين جيان هو به سمجهن ٿا ته جيڪڏهن صرف پاڻي جو مسئلو حل ٿي وڃي ته هنن جا باقي ڏک دور ٿي ويندا. دينو هوٽل تي ويٺل پپو جا لفظ ٻڌي ائين لڳو ته هو دنيا جون خبرون به رکن ٿا.

هن چيو ته هن جي ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتون ناهن پر پوءِ به هو آمريڪا ۽ ورلڊ بئنڪ جو قرضي آهي. “اسان اڃا ڪراچي به ناهي ڏٺي. هن وقت هڪ وڏو الڪو آهي ته جيڪڏهن برسات نه پئي ته وڏي تباهي ٿيندي. هو سمجهن ٿا ته حڪومتي ڪمن سان هنن جا مسئلا وڌندا. هڪ ڳوٺاڻي ٻڌايو ته ڪوهستان ۾ حڪومت گذريل ڏهن سالن کان ڪجهه ڊيم ٺاهي پئي پر هن وقت تائين هنن کي بجاءِ فائدي جي رڳو نقصان ٿي رهيو آهي.س رڪاري ۽ سماجي ادارن کي ڪوهستان پڪاري پيو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو