Home / اسپيشل افيئر / ڪوٽڏيجي جو قلعو: ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي
above article banner

ڪوٽڏيجي جو قلعو: ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي

Majid Samoقديم آثارن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪا به عمارت، دڙو يا ڪو به ماڳ گهٽ ۾ گهٽ اڌ صدي اوائلي آهي ته ان کي قديم آثارن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، قديم آثارن جي حوالي سان سنڌ به ڏيهان ڏيهه مشهور آهي، پر بدقسمتي اها آهي جو سنڌ جيترو قديم آثارن جي حوالي سان مالامال آهي اوترو ئي اهي قيمتي آثار بي ذوق ماڻهن جي ور چڙهيل آهن.

خيرپور ضلعي ۾ ميرن جو ٺهرايل ڪوٽڏيجي قلعو به ڏينهون ڏينهن مسمار ٿي رهيو آهي. ڪوٽڏيجي جو قلعو خيرپور ضلعي ۾ سنڌو درياءَ کان اٽڪل 25ن ڪلو ميٽر اولهه واري پاسي آهي،هي ڪوٽ مير سهراب خان ٽالپر 1975ع کان 1995ع جي عرصي ۾ اڏايو هو. محقق لکن ٿا ته خيرپور رياست جي پهرين حڪمران مير سهراب خان پنهنجي رياست جي حدن جي حفاظت لاءِ ڪجهه قلعا تعمير ڪرايا هئا، جن مان ٿر جي علائقي ۾ ”امام ڳڙهه“ ججوڌپور جيسلمير جي دنگ تي ” شاهه ڳڙهه“ ۽ احمد آباد نالي قلعو ڪوٽڏيجي ۾ ٺهرايائين. هن قلعي جي ڊيگهه 5 فوٽ ويڪر3 فوٽ ۽ اوچائي زمين کان 70 فوٽ آهي،هي قلعو جڏهن جڙي راس ٿيو ته ان جو نالو احمد آباد قلعو رکيو ويو.

ميرن جي زماني ۾ خيرپور رياست جي حفاظت لاءِ هن قلعي تي 100 توبن سان گڏ 500 سپاهي مقرر هوندا هئا. تاريخي حوالي سان هن قلعي بابت گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي، پر سوال اهو آهي ته هن قلعي جي لاوارثي بابت ڪا به رپورٽ يا خبر نه آئي آهي ۽ ميڊيا به ان قديم آثار کي لاوارث حال ۾ ڇڏي ڏنو آهي.

18هين ترميم کان پوءِ قديم آثارن جي مالڪي صوبائي سرڪار ڏانهن منتقل ٿي چڪي آهي ۽ سمورا فنڊ سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيا ويا آهن، پر اهي سمورا فنڊ ڪنهن به قديم آثار جي مرمت يا ان جي مالڪي تي خرچ نه ٿي سگهيا آهن.

”ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي“ ڪوٽڏيجي جي قلعي ۽ ڪوٽڏيجي جي آثارن سان به اهائي ڪار ٿي آهي، هن قديم آثارن جي بچاءُ لاءِ سرڪار ته فنڊ کائڻ سبب ڪو به مرمتي ڪم نه ڪرائي سگهي آهي، پر پنهنجي وڏڙن جي نشانين کي بچائڻ لاءِ ميرن به ڪو ڪردار ادا نه ڪيو آهي، هن قديم آثار جي قصي بابت جڏهن پرڏيهي سياحن کي ڄاڻ ٿي ته اهي مختلف وقتن تي گهمڻ لاءِ پهچن ٿا، گرمي هجي يا سردي پر هن قلعي جي ڀرپاسي نه ڪو سرڪاري ريسٽ هائوس آهي نه ئي ڪو پارڪ آهي.

اڄ کان ٻه سال اڳ رياست جي اڳوڻي والي مير علي مراد ٽالپر جي پٽ پرنس مهدي رضا ٽالپر پنهنجي وڏڙن جو ٺهرايل قلعو ڏيکارڻ لاءِ پرڏيهي وفد کي قديم آثار گهمڻ جي دعوت ڏني هئي ۽ ان وفد ۾ ورلڊ بئنڪ جو ڪنٽري هيڊ جان وال به پنهنجي گهر واري سميت پهتو هو، تڏهن ڪوٽڏيجي جي قلعي کي پرڏيهي ماڻهن کي ڏيکارڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ تڙ تڪڙ ۾ 56 لک روپيا منظور ڪرايا ويا جن مان وکريل سرن کي سيمينٽ لڳائي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جان وال جڏهن پنهنجي وفد ۽ گهرواري سان گڏ قديم آثار گهمڻ لاءِ پهتو ته ان وقت جال وال ڪوٽڏيجي جي قلعي تي ڊٿل سرن تي جي مرمتي ڪم ڏسي حيرت جو اظهار ڪيو، جال وال سرن تي لڳايل واري هٿ سان ان کي هوا ۾ اڏاريندي ميڊيا کي چيو ته هي سيمينٽ نه پر واري استعمال ٿيل آهي،ان وقت ڪوٽڏيجي جي آثارن جو اهڙو حال ڏسي جال وال سرڪار کي ڪوٽڏيجي ۽ موهن جي دڙي سميت سمورن قديم ماڳن جي مرمت لاءِ سهڪار جي آڇ ڪئي هئي، جان وال تڏهن صحافين کي اهو پڻ چيو هو ته وفاق جيڪڏهن کين درخواست ڪري ته هو سنڌ جي سمورن قديم ماڳن تي تحفظ لاءِ فنڊ ڏيڻ لاءِ تيار آهن پر حڪومت هن وقت تائين ساڻن ڪو به رابطو ناهي ڪيو.

August 31, 2014   14

18هين ترميم کان اڳ جڏهن قديم آثارن جي سار سنڀال جا اختيار وفاق حوالي هوندا هئا تڏهن سنڌ سرڪار اهو راڳ آلاپيندي هئي ته اختيار سمورا وفاق وٽ آهن، پر 18هين ترميم کان پوءِ ڪوٽڏيجي جي قلعي سميت سمورن ماڳن جي ڀينگ وارو سلسلو اڄ به جاري آهي، سنڌ جي ٻين ماڳن جي تباهي کان وڌيڪ ڪوٽڏيجي جي قلعي جي تباهي تي افسوس ان ڪري به وڌيڪ ٿي رهيو آهي جو هن قلعي جا والي وارث اڄ به حال حيات آهن، ميرن جو نسل اڄ به خيرپور ضلعي ۾ هڪ ڌار سڃاڻپ رکي ٿو پر هن آثارن کي بچائڻ لاءِ انهن به ڪو ڪردار ادا نه ڪيو آهي، باقي پنهنجو قد ڪاٺ وڌائڻ لاءِ پرڏيهي سياحن کي دعوتون ڏيڻ جا شوق برقرار رکندا پيا اچن.

” افيئر“ جي ٽيم جڏهن قديم آثارن جي رپورٽنگ لاءِ پهتي ته ڪوٽڏيجي جي قلعي ۾ داخل ٿيڻ کان ويندي آخري تائين نه ڪو چوڪيدار ڏٺو نه ئي وري آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ جو ڪو ٻيو ملازم ڏٺو، هن ماڳ ۾ جڏهن اوهان داخل ٿيندا ته ٿورو اندروڃڻ وقت قديم ۽ قيمتي سرن جا ٽڪرا ٽڪرا اوهان کي هيٺ وکريل نظر ايندا، قديم قلعو ڏسڻ لاءِ ڪجهه اهڙا ٽرڙا ڇوڪرا به آيل هئا جيڪي قلعي جون سرون هٿن سان پٽي اهي هيٺ اڇلائيندا رهيا ۽ انهن سرن جا ٽڪرا ٽڪرا ڪندا رهيا، هي سرون پاڻمرادو ڀڄڻ واريون نه آهن ۽ انهن کي هٿ سان ئي تباهه ڪيو پيو وڃي. ڪوٽڏيجي جي قلعي جو پهريون دروازو داخل ٿيڻ کان پوءِ ٻيو دروازو اچي ٿو جنهن جي سامهون هڪ ٿاڌل وارو شاميانو لڳائي ويٺل آهي ۽ ان شامياني جا رسا قديم ماڳ جي گنبذن ۾ ٻڌل آهن جنهن سبب ڪجهه گنذن جون سرون پڻ ڊهي پٽ پئجي ويون آهن.ميرن هي قلعو رياست جي تحفظ لاءِ جوڙايو هو ۽ ان وقت جڏهن حملا ٿيندا هئا تڏهن هاٿين تي سوار ٿي اچبو هو تنهنڪري دروازن کي هڪڙا تکا قلعا (سوئا) پڻ لڳايا ويا جيئن ان دروازن کي هاٿيون ٽڪر نه هڻي سگهن، پر اڄ انهن سوئن مان ڪيترائي سوئا اتان ڪڍي چوري ڪيا ويا آهن، انهن دروازن ۾ اڃا ٻيا به ڪيترائي سوئا لڳل آهن اهي ايترا مضبوط آهن جو اهو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي ته اهي پاڻ ٽٽي پوندا، تنهنڪري اها ڳالهه پڪ سان ثابت ٿئي ٿي باقي سوئا چوري ڪيا ويا آهن.

هن قديم قلعي جي مرمت لاءِ مختلف وقتن تي لکين ڪروڙين روپيا منظور ڪيا ويا آهن جيڪي اڄ تائين خبر ناهي ڪٿي خرچ ٿيا، باقي ڪاغذي ڪارروائي ۾ جيڪڏهن ڏٺو ويندو ته خرچ ايترو ڏيکاريل هوندو جو اڃا به سرڪار عملدارن جي قرضي نڪري پوندي.

قديم قلعي جي بلڪل ڀر ۾ ڏيجي جا آثار آهن جن جي به ڪا وارثي نه آهي، جتان ڀرپاسي جا ماڻهو قيمتي واري جي ڍوئي ڪري رهيا آهن جنهن سبب ڏيجي جي آثارن ۾ کڏا پئجي ويا آهن، انهن آثارن کي بچائڻ جي بهاني سان پ پ جي اڳوڻي دور ۾ اڍائي ڪروڙ روپيا منظور ڪيا ويا پر هن وقت تائين چوديواري به مڪمل نه ٿي سگهي آهي، ڄاڻ ناهي ته اهي پئسا ڪير کائي ويو..؟ ” افيئر“ جا ذريعا ٻڌائين ٿا ته خدابخش ڦلپوٽي نالي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ آفيسر ڪم ڪندو هو جنهن قديم ماڳ جي حفاظت لاءِ آيل 55 لک پنهنجي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرايا ۽ ان کان پوءِ جاچ کان بچڻ لاءِ هي همراهه پنهنجي بدلي ڪرائي هليو ويو. مشرف جي زماني ۾ قديم قلعي جي حفاظت ۽ مرمتي ڪم لاءِ 6 ڪروڙ روپين جي پي سي ون تيار ٿي هئي جن مان پهرين قسط 53 لک روپيا جاري ڪئي ڪئي وئي باقي ٻيا پئسا ڪيڏانهن ويا ان جو ڪو به سرڪاري رڪارڊ نه ٿوملي. قديم ماڳ کي بچائڻ لاءِ نه آرڪيالاجي ڊپارٽمنيٽ ڪو قدم کنيو نه ئي وڏي وزير، نه ئي وساڻن ۽ نه ئي وري ميرن.

هن ماڳ کي عام ماڻهن ، چورن ۽ تخريبڪارن کان بچائڻ لاءِ جيڪڏهن اتان جا ٽالپر چندو ڪري رات ۽ ڏينهن جو 10 _10 هزارن وارا ٻه چوڪيدار رکرائي ڇڏين ها ته به انهن جي وڏڙن جي نشاني بچي پوي ها، پر سياڻا سهي چئي ويا هئا ته ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو