Home / اسپيشل افيئر / ڪيپٽن هينڊز، سون جا بٽڻ ۽ گم ٿيل گورا قبرستان!
above article banner

ڪيپٽن هينڊز، سون جا بٽڻ ۽ گم ٿيل گورا قبرستان!

Akhtar Balochگورا قبرستان جو نالو ٻڌندي ئي ذهن ۾ شاهراهه فيصل تي موجود “عيسائين جي قبرستان” جو ذهن ۾ خيال اچي ٿو. جيتوڻيڪ ان جو سرڪاري نالو، مسيحي قبرستان آهي، ليڪن ان کي عام طور تي گورا قبرستان ئي سڏيو وڃي ٿو. منهنجي صحافي دوست سعيد جان ڪيترائي ڀيرا مون کي چيو ته گورا قبرستان تي لکڻ گهرجي ليڪن سمجهه ۾ نه ايندو هو ته ڪنهن عام پڙهندڙ لاءِ ان ۾ دلچسپي جي ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.

قبرستان ڪڏهن قائم ٿيو، ڇو ٿيو؟ ان تي اڳ ۾ به تمام گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، ها پر هڪ ڳالهه جو ذڪر ضروري آهي ته سعيد جان اهو به ٻڌايو ته هن قبرستان ۾ پاڪستان جي اڳوڻي گورنر جنرل غلام محمد جي به قبر آهي. ڳولا ڪرڻ تي خبر پئي ته سندس قبر گورا قبرستان ۾ نه بلڪه ان سان لڳو لڳ هڪ ٻئي فوجي قبرستان ۾ آهي. هڪ ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ مون پنهنجي دوست نعمت الله بخاري سان ذڪر ڪيو ته گورا قبرستان تي ڪجهه لکڻو آهي، جواب ۾ نعمت ڀائي چيو ته ڪهڙي گورا قبرستان تي؟ مون عجب وچان کائنس پڇيو ته ان مان سندس مقصد ڇا آهي؟ ڪراچي ۾ هڪ ئي گورا قبرستان آهي. هن مسڪرائيندي چيو ته نه هڪ ٻيو گورا قبرستان به آهي جيڪو بندر روڊ تي آهي. اڃا هو وڌيڪ ڪجهه ٻڌائڻ چاهي پيو ته سندس هڪ مهمان اچي ويو ۽ هو معذرت ڪري ان سان گڏ هليو ويو ليڪن منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال ڇڏي ويو.

اوچتو منهنجي ذهن ۾ چار ڀيرا ايم پي اي چونڊجندڙ مسيحي اڳواڻ مائيڪل جاويد جو نالو گونجيو، مون کي يقين هو ته مائيڪل جاويد ان حوالي سان ضرور مدد ڪندو. اڳئين ڏينهن تي آئون ساڻس ملڻ لاءِ سندس رهائش گاهه عيسيٰ نگري هليو ويس. منهنجي خيال ۾ عيسيٰ نگري نه رڳو سنڌ بلڪه پوري پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي عيسائي آبادي آهي، ان آبادي جو حال به ڪڏهن اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪبو.

August 31, 2014   22

مائيڪل صاحب ملاقات دوران ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته سڀ کان قديم مسيحي قبرستان بندر روڊ تي آهي ليڪن هاڻي ان کي ڊاهي ان جي جاءِ تي هڪ عمارت جوڙائي وئي آهي. مون کيس گذارش ڪئي ته ان حوالي سان جيڪڏهن وٽس ڪو دستاويزي ثبوت آهي ته اهو مون کي ضرور ڏئي. هن ٻڌايو ته مسيحي برادري جي هڪ ماڻهو وٽ ڪاغذ موجود آهن ليڪن هاڻ اهو ڪراچي کان لاهور منتقل ٿي ويو آهي. هو ڪوشش ڪندو ته ساڻس رابطو ڪري دستاويزي ثبوت هٿ ڪري ڏي.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مائيڪل جاويد ٻڌايو ته اهو ماڻهو سخت بيمار آهي ۽ فالج جي ڪري ڳالهه ٻولهه به نه ٿو ڪري سگهي، اهو ٻڌي آءُ مايوس ٿي ويس ۽ دل ۾ سوچيم ته ‎شايد آءُ سعيد جان جي خواهش پوري نه ڪري سگهندس. هڪ ڏينهن اوچتو منهنجي ملاقات ممتاز سيال سان ٿي وئي. ممتاز سيال جو تعلق ميرپور خاص سان آهي جيڪو منهنجو پڻ اباڻو شهر آهي. گونا گون شخصيت جو مالڪ هي شخص روينيو ڊپارٽمينٽ مان هڪ وڏي عهدي تان رٽائر ٿيو آهي. مون ساڻس پنهنجي مشڪلات جو ذڪر ڪيو ته هن به تصديق ڪئي ته پهريون گورا قبرستان ايم اي جناح روڊ تي هو. هن ٻڌايو ته سندس کاتي جي هڪ ڊپٽي رجسٽرار ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين کاتن جي ملي ڀڳت سان اها جاءِ بلڊر مافيا کي ليز تي ڏئي ڇڏي هئي. ليڪن ليز ٿيڻ کان اڳ ان قبرستان کي ڊاهي اتي پلازه تعمير ڪيو ويو هو، ان کانپوءِ لاڳاپيل سرڪاري عملدارن کي برطرف ڪيو ويو هو جن برطرفين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي جيڪا رد ٿي وئي، ان کانپوءِ سپريم ڪورٽ کين بحال ڪري ڇڏيو هو.

گم ٿيل گورا قبرستان جو ڪجهه ڏس پتو گزيٽير آف ڪراچي ۾ ملي ٿو، اها گزيئٽر جي ڊبليو سمٿ جي ترتيب ڏنل آهي هن گزيئٽر جو پهريون ڇاپو 1919ع ۾ ٻيو ڇاپو 2003ع ۾ انڊس پبليڪيشن جي صفدر مهدي طرفان پڌرو ڪيو ويو. ان گزيئٽر موجب ڪراچي جي باري ۾ مستند تاريخي دستاويزن مان واضح ٿئي ٿو ته ڪراچي جو قديمي قبرستان بندر روڊ جي کاٻي پاسي بندر روڊ ۽ پريڊي ٽينڪ جي وچ تي هو، اهو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سڀ کان قديم يورپي قبرستان آهي.

سنڌي جي فتح کان اڳ جڏهن دِزروَ فورس قديمي ڪراچي جي ويجهو پڙاءُ وڌو هو. هتي پرينڪنڊ گرينڊيئر ريجمينٽ BNI جي ڪيپٽن هينڊز جي قبر به هئي جنهن کي سنڌين جي هڪ گروهه 1839ع ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو. هن جي گهر ڀاتين سيٺ نائو مل کي ڪيپٽن هينڊز جي دردناڪ قتل بابت ٻڌايو هو ته هڪ ڏينهن هو مگر پير “منگهو پير” جي سير لاءِ گهران نڪتو ته واپس نه موٽيو. ڳولا ڪئي وئي ته سندس لاش هڪ ٽڪري جي چوٽيءَ تان مليو. ڪرنل اسيلر آفيسر ان ڪمانڊ، نائو مل سان رابطو ڪيو هن ان ڳالهه جو پتو لڳائي ورتو ته قاتل، مذهبي اڳواڻ شاهه بلاول جو خليفو چاڪر هو، (چاڪر ڪلمتي بلوچ هو) هن جا پوئلڳ ڪيپٽن جي ڪوٽ تي لڳل سون جا بٽڻ چورائڻ پيا چاهين.

حيدرآباد جي پوليٽيڪل ايجنٽ مير نور محمد تي دٻاءُ وڌيو ويو ته خليفي چاڪر کي گرفتار ڪيو وڃي، گرفتاري کانپوءِ کيس ڪراچي موڪليو ويو، ڪيس جي شنوائي هڪ ملٽري ڪورٽ ۾ ڪئي وئي، سزا کانپوءِ ان کي نيپيئر بيرڪس کان ٻه ميل پري اتر اوڀر علائقي ۾ ان جاءِ تي ڦاسي ڏني وئي جتي هينڊز کي قتل ڪيو ويو هو. اهو ئي سبب آهي جو ان هنڌ کي “هينڊز هِل” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

محقق گل حسن ڪلمتي پنهنجي ڪتاب “ڪراچي جا لافاني ڪردار” ۾ مير چاڪر کي حريت پسند قرار ڏئي ٿو، سندس مطابق چاڪر خان کي جنهن وقت موت جي سزا ڏني پئي وئي، ان وقت سندس منهن تي ڪارو نقاب چاڙهڻ لاءِ جڏهن هڪ انگريز عملدار اڳتي وڌيو ته چاڪر خان کيس روڪي ڇڏيو ۽ هن ڦاسي جو ڦندو پنهنجي ڳچي ۾ پاڻ وجهي جلاد کي پيرن هيٺان تختو هٽائڻ جو چيو.

خير اها ڳالهه ته ثابت ٿي وئي ته گم ٿيل گورا قبرستان بندر روڊ تي آهي، ليڪن آهي ڪٿي؟ اڄ قبرستان جي جاءِ تي اقبال سينٽر جي نالي سان هڪ عمارت موجود آهي. آءُ اقبال سينٽر پهتس اتي انجمن تاجران جي سيڪريٽري ضياءَ صاحب سان ملاقات ٿي. هن ٻڌايو ته اهو معلوم ناهي ته هي گورا قبرستان آهي يا نه؟ پر اهو ياد آهي ته اهي ٻالڪپڻي ۾ هتي کيڏندا هئا ۽ هتي ڪجهه قبرون هيون ۽ گهڻو پوءِ هتي اقبال سينٽر تعمير ٿي ويو.

هاڻي توهان اهو سوچي رهيا هوندا ته بندر روڊ تي اقبال سينٽر ڀلا ڪٿي آهي؟ وڌيڪ پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. اها عمارت توهان سولائي سان ڳولي سگهو ٿا. بندر روڊ جي مين چوڪ جامع ڪلاٿ جي سگنل تي جتي دلپسند مٺائي واري جو مشهور دڪان آهي اهو ئي اقبال سينٽر آهي، جيڪو ڪراچي جي پهرئين گورا قبرستان جي قبرن تي قائم آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو