Home / پروفائيل / گدا خاصخيلي : درد جو طالب!
above article banner

گدا خاصخيلي : درد جو طالب!

Khalid Kunbharهونئن تــ هن جي نالي ۾ ئي عاجزي ۽ انڪساري آهي ئي آهي ، پر جڏهن اڃا هن پنهنجو ننڍڙيون اکيون اپٽيون هيون تــ هن پنهنجي لانڍي نما گهر ۾ جيڪي شيون پهرئين ڏٺيون هيون. اهي هيون يڪتارو ، نفيل، ڪنٺا ڪولابا ۽ ڪشتو انهن شين مان هن سکيو هو . يڪتاري هن کي ٻڌايو تار هڪڙي ئي آهي بس وحدت واري ، ۽ ڪشتي چيو هو منهنجي بک ڪڏهن بــ ختم ناهي ٿيڻي. هن اهو ڪشتو کڻي دردر سين بــ هنئي آهي. پر ڪجي ڇا جو هن کي اهي ئي ورثي ۾ مليون هيون ۽ هن جي گهر جي ڪل موڙي اهي ئي شيون هيون. بس هن جو جنم نوان جتوئي تعلقي موري ۾ انهي مئه خاني نما گهر ۾ ٿيو هو .انهي ئي گدا خاصخيلي جو والد سائين رمز علي فقير قادري طريقي جو طالب هو ۽ سندس امڙ سانئڻ زينب وري نقشبندي طريقي جي طالب هئي. اهي ٻئي باقائده دست بعيت ٿيل يعنئ ذڪر ورتل طالب فقير هئا. پر انهي طالب فقير ۽ فقيرياڻي جي وچ ۾ ڪڏهن بــ نقشبندي ۽ قادري طريقي وارو بحث نــ هو هر ڪنهن جو ساجن پنهنجي پنهنجي واٽ تي وک وڌائڻ سان هو. انهي ئي امڙ ۽ ابي جي تصوف واري رمزن هن جي روحاني تربيت ڪئي. ماءُ پيءُ جو اڪيلو پٽ تــ هو سو هن کي لولي ئي تصوف جي ملي. ڪجهــ هٿ تــ سندس مامي جو بــ آهي جيڪو سهڻي مرشد جي خيالن واري ڪائنات جي تارن جي سوجهري تي سفر ڪندڙ هو. حافظ محمد بخش خاصخيلي جيڪو بهترين شاعر بــ هو . هن گدا جي انهي گهر جي ڀرسان ئي صوفي ديدار فقير جو اوتارو جتي راڳين جون رڳون رباب ٿينديون هيون ۽ صوفي پنهنجي وجود واري مٽي پاڻ فلهوري پاڻ جي ڳولا جي پنڌ ۾ هوندا هئا. وجد واري راڳ ۽ ويراڳ واري حقو حق آواز هن جي ڪنن ٻاروتڻ ۾ ٻڌا ، ڪشتو ، ورثي ۾ مليو، مذهب ۽ طريقت هر ڪنهن جو پنهنجو ذاتي معاملو آهي . اهو هن گهر کان سکيو. بس هن جي پيرڙا کڻڻ کان وٺي پرورش اهڙي ماحول ۾ ٿي. “ فاني ڙي فاني دنيان دم نه هڪڙو”

پڙهي پروڙڻ واري واٽ بــ هن جي حصي ۾ ڪونــ آئي .پهريان ٽي ڪلاس اسڪول کي الوداع ڪيائين.

پڙهڻ ات پورو يو جت ويو وجود

ري سجدي سجود سڀوئي صبحان ٿيوAugust 15, 2014   46

انهن ڏينهن ۾ دادن فقير گدا واري مئــ خاني تي مهينن جا مهينا رهندو هو.انهي ئي دادن فقير جا دل ۾ چڀندڙ بيت هن فقير جي هئين ۾ سينگهڙيون ڪري ويا. اتان ئي انهن سينگهڙين مان درد جو درياهه وهي هليو تــ اندر جي دنيا ۾ احساسن جا گل ٽڙيا انهن جو ئي تــ واس آهي هن جي هي شاعري. دادن فقير درد جو طالب ڪيو تــ سائين راشد مورائي وري سن جي مٽن مان سرڪي ڀرائي تــ انهي درد ۾ وري ڌرتي جو درد بــ شامل ٿي ويو . ڌرتي جو درد دل ۾ داخل ٿيس تــ تصوف جو نئون رنگ سمجهـ ۾ آيس، اتان هن کي ڌرتي دين ڌرم کان اتم سمجهــ ۾ آئي .پوءِ تــ گدا خاصخيلي جي انهي مئــ خاني تي ڌرتي جي عاشقن جي آمد بــ ٿيندي رهندي هئي تــ تصوف جي طالبن جي بــ هن بــ سڀ ۾ ڌرتي جي عاشقن جي مئــ خانن ڏانهن پنڌ ڪيا.

پنهنجي هن سان صرف هڪڙي ئي ڏيٺ ويٺ آهي. اها بــ روحل واري ڌرتي جي عاشقن جي ڀٽ تي گيڙو رنگ ۾ ملبوس ۽ آدم جي آه جڏهن هي اسٽيج تي پڙهي رهيو هو.

چاغي ۽ پوکران تي حملو

الله ۽ ڀڳوان تي حملو

باقي فقيرن جي زندگي ڪڏهن ست طعام تـ ڪڏهن وري ويلن جا ويلا بک تي، اهڙي زندگي هن فقير جي حصي ۾ بــ آئي هئي. ڇولا وڪڻڻ کان وٺي سين هڻڻ تائين

بک وڌائون بگرئين جوڳي ڪندا جڄ

طلب نــ رکن طعام جي اوتيو پين اڃ

سامي جهاڳي سڃ وسهون کي ويجها ٿيا

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو