Home / ويندي ويندي / گدو بندر مان ڀڳل هڪ شخص جي ڪٿا
above article banner

گدو بندر مان ڀڳل هڪ شخص جي ڪٿا

الائي ڪهڙي ساهدار لاءِ  چوندا آهن ته سندس پڇ ٻارهن مهينا نڙ ۾ وجهي ٻاهر ڪڍبو ته سڌو نه ٿيندو، وري به ٽيڏو ئي هوندو. ٿي سگهي ٿو ته نڙ ئي ٽيڏو ڪري ڇڏي. نوازشريف سان به ساڳي ماجرا آهي. هڪ ته جنرل ضيا جي روحاني اولاد ؛ مٿان جو سعودي جي سڳورن جي کيس صحبت ملي آ ان ڄڻ ته سون تي سُهاڳي جو ڪم ڪيو آهي. مذهبي سياست جي سڀ کان بنياد پرست مڪتبه فڪر، وهابيت يا سلافين سان سندس سنگت ٽُٽي ئي ڪونه ٿي. فضل رحمان جي پارٽي ته اڳي ئي سندس هم رڪاب هُئي ئي هُئي، طالبان سان مُذاڪرات لاءِ  سندس هيانوَ ڦاٽو پئي، هاڻ خبرون اچن پيون ته سندس سرڪار بچائڻ لاءِ  فرقي پسند انتهاپرست ٽولو، سپاھ صحابه به ميدان تي لهڻ وارو آهي. کين بريلوي پير، طاهر القادري جا انگل نه ٿا وڻن ان ڪري اسلام آباد جو رخ ڪيو اٿائون.

عمران خان ۽ طاهرالقادري جيڪو ڪجهه ڪن پيا ان کي ڪير به چڱو ڪونه پيو چوي. سڀ روشن خيال ماڻهو نوازليگ جي حڪومت ڪيرائڻ جي حق ۾ ناهن. هرڪو وس آهر سندن اخلاقي مدد ڪرڻ ۾ لڳو پيو آ. ڪنهن کي سوشل ميڊيا جو سهارو آ ته ڪنهن کي روائتي ميڊيا يا رستن گهٽين جي ڪچهري. پر ن ليگ کي سڀ مدد ڪن پيا. عمران خان جي پارٽي ۾ نظرياتي طور تي نوازليگ کان ڪا خاص وڏي وٿي ڪانهي. ٻئي جماعت اسلامي جي ڪلين شيوَ شڪل آهن. پيٽ ۾ ڏاڙهيون لڪل. پر سول ـ ملٽري لاڳاپن جي سوال تي ٻنهي پارٽين جي پوزيشن ملڪ جي روشن خيال حلقي کي نواز ليگ جو حمايتي بڻايو. نوازشريف رياستي معاملن هلائڻ ۾ سويلين فري هينڊ جو قائل آ جڏهن ته عمران ليگ اڃا تائين ان آسري ۾ آهي ته کين وردي جي ڇانوَ ۾ اقتدار نصيب ٿيڻو آ. سندن آزادي مارچ کي سمجهيو ئي پارليامينٽ کان آزادي وڃي پيو.

ان صورتحال ۾ ظاهر آ ته اسان پارا عمران ليگ کان ڇڊو ئي بيهن ها. سو، عمران خان صاحب سموري محنت جي باوجود اڪيلو آ. اها به شابس آ ماين کي جيڪي ڪچي وهيءَ جي خواب جي ساڀيان ڳولڻ لاءِ  سندس جلسن ۾ مانديون ڦرن پيون نه ته ٻه چار ڊزن پٺاڻن کان سواءِ  ڪوبه هوش وارو شخص اوهان کي اتي نه ملي ها. حالانڪه عمران خان چونڊن ۾ ڌانڌلين جي جيڪا ڳالهه ڪري ٿو يا  رياستي نظام ۾ جيڪي سڌارا آڻڻ جي جيڪا صلاح ڏئي ٿو سا غلط ڪونهي. پر سندس آزادي ۽ قادري جي انقلاب مارچ پٺيان لُڏندڙ ڏورين ؛ ۽ ڏورين کي هلائيندڙ هٿن اسان پارن کي ٽاھ ڏئي ڇڏيو آهي. ٻئي ساڳي در جون ماٽيون ڀريندڙ لڳن ٿا. ٻنهي کي پاشا جي پاڇي ۾ ڏٺو ويو آ. نه ته نوازليگ سان ڪنهن کي ايتري همدردي هجي ها؟

August 15, 2014   58

قادري تي ڳالهائڻ اجايو آ. سندس انقلابي ڪاروان ۽ ڌرڻي ۾  مُريد آهن( جن جون سُٿڻيون تنهن ڏهاڙي فوٽو ۾ ڏٺيونسين ته اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌوئي سڪائڻ لاءِ  ٽنگيل هيون) جن کي هر حال ۾، بک تي ڏُک ۾، مُرشد سان گڏ بيهڻو آ نه ته بهشت جي ٽڪيٽ ملڻ ناممڪن هوندي. (سوچجي ته جيڪڏهن لک سوا مُريدن جي آسري ۽ ڏڍ تي انقلاب اچي ته پوءِ  پاڻ وارا سنڌ جا حُر سڀ کان وڏو انقلاب آڻي سگهن ٿا. ٻيون نمبر انقلابي هالا وارا مخدوم بڻبا، ٽئين نمبر تي شاه محمود قريشي جي غوثيه جماعت ۽ پنجاهين کن نمبر تي نئينگ شريف واري سُتل شاه جي پيري مُريدي ايندي.)

پر نوازشريف کي ڪهڙي ڄمار ۾ عقل ايندو ته هو لشڪر جهنگوين ۽ غازين کان پنهنجي سياست الڳ ڪندو؟رياستي مامرن هلائڻ ۾ سويلين بالادستي جي ڳالهه ڪندي، پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ ڏي وک وڌائڻ جي هام هڻندي جڏهن اوچتو سندس سوچ جي سُئي اچي  فرقيوار سياست تي اٽڪي بيهي ٿي رهي ته اسان کي صدر ايوب خان سان ملاقات ڪندڙ گدو بندر جو اهو چريو ٿو ياد اچي جنهن صدر ايوب کي پنهنجي حاضر دماغي ۽ عقل سان ايترو ته متاثر ڪيو هو،گدو ۾ پنهنجي موجودگي کي خاندان وارن جي ملڪيت ڦٻائڻ جو چڪر ڪوٺيو هو، جو صدر ايوب هڪدم گدو بندر جي اسپتال انتظاميا کي حُڪم جاري ڪيو ته هن سياڻي شخص کي آزاد ڪيو.

جڏهن آزادي جي پرواني ملڻ کان پوءِ  ان شخص صدر ايوب کان پڇيو ته هو ٻاهر ڪيئن ويندو ۽ صدر ايوب کيس ٻڌايو ته پنڌ؛ ۽ ان تي ان شخص کيس جيڪا آفر ڪئي، ٻيلهه سواري ڪري ٻاهر هلڻ جي ۽ ان کان پوءِ  صدر صاحب کي جيڪو جهٽڪو لڳو هو سو ئي جهٽڪو اسان کي نوازشريف جي سعودي، سلافي سياست سان پيچ اٽڪائڻ کي ڏسي لڳندو آهي. هي همراھ سڌرڻو ناهي. جنرل ضيا جو روح کيس اڃا آڱر کان پڪڙي سياست ڪرائي پيو. مڙئي ملڪ جا نصيب ڦٽل آهن جو اسان وٽ اهڙا ماڻهو به جمهوريت جي علامت بڻجي ويا آهن نه ته ڪنهن سڌريل سماج ۾ کين گدو بندر جهڙي اسپتال ۾ واڙيو وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو