Home / سنڌ افيئر / ڳڙهي ياسين، جتي شودن جو حڪم هلي ٿو!
above article banner

ڳڙهي ياسين، جتي شودن جو حڪم هلي ٿو!

Naseem Bukhariاها ڳڙهي ياسين، جنهن جا گهر ۽ بنگلا ايران جي شهر اصفهان جون سِڪون لاهيندا هئا ۽ جتي علي احمد بروهي، اي ڪي بروهي، آغا بدرالدين خان ۽ دين محمد وفائي جهڙا علم جا اڪابر ۽ ڏاها رهندا هئا، اُن ڳڙهي ياسين جو تعارف جنهن تيزيءَ سا ن تبديل ٿيڻ لڳو آهي، تنهن اُن جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن، هاڻ اُها ڳڙهي ياسين ڌاڙيلن، دهشتگردن، بدمعاشن ۽ ڀتاخورن جي رحم ڪرم تي پنهنجا پويان پساه کڻي رهي آهي.

هاڻي ڳڙهي ياسين ۾ سوين هزارين ماڻهو پنهنجون قيمتي جايون ڀڳڙن مُٺ تي وڪرو ڪرڻ لاءِ آتا آهن، ڇو ته، امن جو پکي، ان شهر مان اڏري چڪو آهي. قبيلائي دهشتگردي ۽ ڀوتارن جي پاليل شودن جي ڏاڍ مڙسين، خلق کي ڏڪائي، هيسائي ۽ ڊيڄاري ڇڏيو آهي. انهن لاءِ ان کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نه بچي آهي ته يا اهي ماٺ ئي ماٺ ۾ هر ظلم، ڏاڍائي، ناانصافي ۽ جبر برداشت ڪندا رهن، يا ته چپ ئي چپ پنهنجا اجها ڇڏي هن شهر کي الوداع چوَن. ڳڙهي ياسين مان سڀ کان پهريان، مُهاجرن لڏا کنيا بعد ۾ سنڌ جي اصلوڪن رهواسين ديوانن هتان پنهنجا اجها ڇڏڻ شروع ڪيا ۽ هاڻ ظلم جي انتها کان مجبور ٿي مختلف ذاتين سان تعلق رکندڙ ڪيترائي قبيلا به ڪَکَ پن ٿي رهيا آهن. ان سموري پسمنظر ۾، قبيلائي دهشتگرديءَ جي نتيجي ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعن ٻرندي تي تيل هارڻ جو ڪم شروع ڏنو آهي.

ويجهڙ ۾ بروهي-ڪاڪيپوٽه رتوڇاڻ وسندڙ ويڙها ويران ڪري ڇڏيا آهن. سون واهه جي بازار ۾ دُڪان هاڻ سڃ ۽ رڃ جي روئداد سڻائي رهيا آهن. ڳڙهي ياسين مان هلندڙ وين سروس، ان جهيڙي سبب سخت متاثر ٿي آهي. هڪ ڌر سان لاڳاپيل لاڙڪاڻي رُوٽ واري اُن وين سروس ۾ جيڪي پنجاه سٺ ڊرائيور ۽ ڪلينر ڪمائيندا هئا تن جي گرهه تي لت آئي آهي، پر ٽيهن جي لڳ ڀڳ انهن ويگنن جا مالڪ پڻ ڳڀي کان محروم ٿي ويا آهن. اُهائي حالت ٻين ڌنڌن ۽ ٻنين جي آهي. ڳڙهي ياسين جي ڪوٽ دراني جا ڪرتا ڌرتا سدائين ايوان اقتدار ۾ رهندا آيا آهن. اڄ به آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آهي. دراني صاحب سڄي ضلعي ۽ سنڌ جي ڪوٽا مان به گهڻو حصو پتي حاصل ڪري، پنهنجي منظور نظر ماڻهن کي نوڪريون توڙي مختلف حوالن سان انيڪ ڪم ڪاريون ڏئي ٽيڪائي ته ڇڏيو آهي، پر جنهن ٽيڪ جي ضرورت هتان جي سلامتي کي آهي اُها ٽيڪ اڄ به اڻ لڀ آهي.

August 31, 2014   13

امن خواب بڻيل آهي ۽ ڳڙهي ياسين جي ماڻهن لاءِ خوشحال ۽ پرسڪون زندگي رڳو تصور تائين ئي محدود ٿي وئي آهي. ڳڙهي ياسين ۾ بروهين ۽ مارفارڻين جهڙيءَ ريت پنهنجي ڏاڍ مڙسين سان تر تپايو آهي. اُهو تاءُ شايد اڃا ڪوٽ درانيءَ جي ڪرتا ڌرتا کي محسوس نه ٿيو آهي. جڏهن ته انهن شودن جا هٿ، عام ماڻهن جي خون سان گڏوگڏ امير گهراڻن جي رَتُ سان رڱيل به رهندا آهن ۽ اهڙا ئي بدمعاش، ڀتا خور ۽ قاتل توڙي رهزن اڄ به دهشت ۽ وحشت جي نه فقط علامت بڻيل آهن، پر بااثر ماڻهن جا سيڪيورٽي گارڊ ۽ سيڪيورٽي انچارج به لڳل آهن. هنن ماڻهن کان ڪوبه شريف شهري ڪا به آڏي پڇا ڪرڻ جو حوصلو نٿو رکي ۽ انهن جي ڪا مزاحمت ٿي ته اها ٿي به ڪيئن؟ جڏهن رياست اندر خود انهن جي پنهنجي رِٽ قائم ٿيل هجي جنهن کي ڪو به للڪاري ۽ لوڏي نه سگهندو هجي ته پوءِ اُتي ڀتين سان مٿي ٽڪرائڻ جو فائدو ئي ڪهڙو آهي؟ اهو ئي سبب آهي ته ڳڙهي ياسين ڏينهون ڏينهن شريف ۽ اصول پرست استادن کان خالي ٿيندو پيو وڃي، هتي هاڻ رڳو اهي ئي ماڻهو رهائش رکيون پيا اچن، جن وٽ ڪا ٻي واهه نه آهي ۽ کين ڪو به دڳُ رستو نٿو سُجهي، يا وري اُهي ماڻهو رهيا پيا آهن جن جي داٻي ۽ داداگيريءَ جو سِڪو چمڪي ٿو، جن جي گُندين ۾ داڻا هئا ڪڏهوڪو لڏي ٻين شهرن ۾ رهائش اختيار ڪري چڪا آهن.

ڀلا اهڙي شهر ۾ ڪوئي ڪيئن ٿو رهي سگهي جتي منٿلين کان سواءِ ڌنڌو داڙي ممڪن نه هجي. جتي ڏينهن ڏٺي جو گهرن ۾ ڏوهاري ماڻهو ڪاهون ڪندا هجن، جتي ننگ محفوظ نه هجن ۽ مسڪينن جي تذليل شودن جو دلچسپ شوق محسوس ٿيندو هجي، اهو شهر جيڪو قبضا مافيا جي رحم ڪرم تي ساهه کڻي ٿو، جتي جهنگ جي قانون جي بالادستي آهي ۽ قانون جي بالادستي پري پري تائين ڏسڻ ۾ نٿي اچي. اهو شهر جنهنجي ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽا جي استاد علي محمد ڪاڪيپوٽو، جنهن علامه اقبال کي فلسفي جا سبق پڙهايا هئا، تنهن مارون ڪاڪيپوٽه جا اهي بيگناهه مقتول اڄ به سڏڪي صدا ڪري رهيا آهن ۽سندن روح رڙي رهيا آهن ته انهن کي رڳو ذات جي بنياد تي موت جي ننڊ ڇو سمهاريو ويو؟ ۽ جن جي کاتي ۾ اهي خون ٿيا تن جو ته انهن سان ڪو واسطو به نه هو. انهن سان ته انهن جا اختلاف به هئا، هو ته هڪٻئي سان ڳالهائيندا به نه هئا ۽ جن جي کاتي ۾ اهي خون ٿيا سي ته سندن تڏي تي به نه آيا، اهڙو نسورو ناحق ٻيو ڪٿي ملي يا نه پر ڳڙهي ياسين ۾ اهڙي نسوري ناحق جي تاريخ رقم ٿيندي رهي آهي. ڳڙهي ياسين جا ميمڻ پنهنجا گهر دڪان کپائي رهيا آهن، ڳڙهي ياسين جي ميمڻ برادري ڪاروباري حوالي سان هڪ منفرد تعارف جي مالڪ آهي، اڄ جڏهن انهن جي دڪانن جا وَاڪَ لڳي رهيا آهن، ته ڪو خريدار ڪونهي، تيزي سان اجڙيل ڳوٺ ۾ تبديل ٿيندڙ ڳڙهي ياسين جيڪي نقش ۽ عڪس آڇي رهي آهي، انهن ۾ سوين سڏڪا ۽ صدائون آهن جن کي سنجيدگيءَ سان سمجهڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان جيڪڏهن ڪا بي ڌياني ٿي ٿئي ته اهو تاريخ جو تمام وڏو ڏوه آهي.

تاريخ سنڌي هندن جي ملڪيتن تي ڪيل قبضن کي ڪيئن وساريندي؟ تاريخ ان ڊاڪٽر پرتاب کي اڄ به سيني ۾ سانڍي ٿي جيڪو ويڄ سان گڏ مُخَير ۽ مددگار به هوندو هو، پر ان پڄاڻا اڄ ان جي اسپتال ۽ گهر گهاٽ ڪهڙي گواهي ڏئي رهيا آهن؟ اُها حالت اڪثر ديوانن جي ڇڏيل توڙي کيسل ملڪيتن جي آهي، هاڻ ڳڙهي ياسين ۾ ڪو به اهڙو هندو نه آهي جنهنجي ڪا رائيس مل هجي، سڀ سيڙپڪار پنهنجي سِرَن ۽ ننگن جي سلامتي واري ايجنڊا کي آڏو رکندي لڏيندا ويا، هاڻ ته ڳڙهي ياسين ۾ ڪو آغا ممتاز دراني جهڙو شاعر به نه رهيو آهي جيڪو ايئن چئي سگهندو هجي ته:

نه آيو انقلاب آهي منسٽر جي طبيعت ۾

ستم پرور ۽ ڊڪٽيٽر اهو ئي آهه اڳ جهڙو

مرحوم شاعر جي فرزند آغا وقار دراني پاران پنهنجي پيءَ جي ترتيت ڏنل شعري مجموعي “ميراث” ۾ ڳڙهي ياسين جي پسمنظر ۾ ڪيترائي انڪشاف ٿيل آهن، جن کي نامور ڏاهي رسول بخش پليجي به ساراهيو آهي. حقيقت ۾ اهڙي بغاوت جي اڻ هوند ئي ڳڙهي ياسين شهر جي اها حالت ڪئي آهي. جنهن تي پاڻ ماتم ڪري رهيا آهيون.

هتي هڪڙو سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڳڙهي ياسين ۾ امن تباه ڪندڙ ۽ غريب ماڻهن جو سُکُ چيَن ڦريندڙ آهن ئي ڪيترا؟ ڇا ايئن نٿو ٿي سگهي ته ڳڙهي ياسين جي سول سوسائٽي مصلحتن ۽ مفادن کان مٿانهون ٿي مزاحمت جي ميدان ۾ اڳيان نڪري اچي، اکيون پٽي ۽ کولي پنهنجي دوست ۽ دشمن کي پرکي ۽ تاريخ جي ان تهمت کان بچي جنهن جا امڪاني گهنڊ واڪا ڪندي محسوس ٿي رهيا آهن ۽ جن جي لپِيٽ کان ڪو به محفوظ نه رهندو.

ڳڙهي ياسين جي تباهي ۽ بدامنيءَ وارو باب ڪوٽ دراني کي ته ڪٽهڙي ۾ بيهاري ئي ڇڏيو آهي پر اُهي ماڻهو به اُن ڪٽهڙي ۾ اچي ويا آهن، جيڪي چُپ رهن ٿا، پر پنهنجا چپ نٿا کولن. جن کي برائي ۽ چڱائي وچ ۾ تميز وارو احساس ته آهي پر ان احساس کي عيان ڪرڻ وارو ناهي. اُهو جذبو ناهي جيڪو جيءُ جهوري ۽ ضمير جاڳائي سگهندو آهي. جنهن سان ڪڙا ٽٽندا آهن ۽ ڪوٽ ڪرندا آهن. هتڙي اُها ڳالهه به غور طلب آهي ته جن ماڻهن مصيبتن وارن تلخ تجربن کانپوءِ ڳڙهي ياسين کي ڇڏي وڃي ڪنهن ٻئي هند گهر اڏيو آهي تن کي به قدرت اُها توفيق نه ڏني آهي ته وقت جي ستايل سڀني ماڻهن پاران گڏجي ڪري مڙني مسئلن جي حل بابت ڪو سگهارو ۽ اثرائتو آواز اٿاريو وڃي. هنن جي اهڙي ڪارنامي سان هنن جو پنهنجو ڀلو ٿئي يا نه پر انهن مجبور ۽ محڪوم ماڻهن کي مدد ضرور ٿيندي جن جي ڪنهن فرياد طرف ڪو به ڪنائڻ وارو ڪونهي جن جو ڪو ڌڻي سائين ناهي ۽ جيڪي روز مَرن ۽ زنده ٿين ٿا.

ڳِرهي ياسين ۾ ڪنهن اهڙي فورم جي اَڻ هوند اتي ڪنهن مثبت تبديلي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، ان ڪري ضرورت اُن ڳالهه جي آهي ته ڀوتارن ۽ سندن ٻولڙين جي دنيا کان ٿورو پرڀرو ويٺل ماڻهو عملي طور تي پاڻ ملهائن هو پنهنجو به دفاع ڪن ۽ ٻين جي تحفظ جي ضمانت ثابت ٿين نه ته ٻي صورت ۾ ڳڙهي ياسين شودن جو ڳڙهه بڻجي ويندي ۽ ڏوهارين توڙي سندن طرفدارن جا پينافليڪس اڳ کان وڌيڪ گهٽيءَ گهٽيءَ۾ ڏسبا.

bukharinasim@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو