Home / اسپيشل افيئر / آزاديءَ جا اَسِير وِيساپور جي لوڙھن واري جيل ۾ ورھين کان قيد حُرن جي ڪھاڻي
above article banner

آزاديءَ جا اَسِير وِيساپور جي لوڙھن واري جيل ۾ ورھين کان قيد حُرن جي ڪھاڻي

Naseer Ejazپير صبغت الله شاھه راشدي اول 1818 ۾ جڏھن پنھنجي والد جي وفات کانپوءِ گادي سنڀالي ته ھن پنجاب جي سک راجا رنجيت سنگھه پاران سنڌ تي حملي جي تيارين کي محسوس ڪندي پنھنجي جماعت کي منظم ڪيو ۽ کين حڪم ڏنو ته پنھنجي ڌرتيءَ کي بچائڻ خاطر وڙھڻ لاءِ تيار رھن. 1826 ۾ ھن سيد احمد کي به پنھنجا حُر مجاھد ساڻ ڪري ڏنا جن کي بالاڪوٽ ۾ سکن سان وڙھندي شھادت نصيب ٿي. 1847ع ۾ سنڌ جي ميرن کي انگريزن ھٿان شڪست ملي پر پوءِ به ميرپور خاص جوامير مير شير محمد ٽالپر ڏھه سالن تائين انگريزن جي فوجن سان گوريلا جنگ وڙھندو رھيو. انھن ڏينھن ۾ انگريزن جي يار خيرپور جي امير مير علي مراد ٽالپر پنھنجي آقائن کي چيو ھو: اھو مير شير محمد ٽالپر نه پر پير پاڳارو توھان سان جنگ وڙھي رھيو آھي. (مير شير محمد ٽالپر پاڳارن جو معتقد ھو. سنڌ تي انگريزن جي قبضي وقت پير علي گوھر شاھه اول ۽ 1847 ۾ پير حزب الله شاھه اول گادي نشين ھئا. پير علي گوھر کي انگريزن 1847 ۾ خيرپور جي ميرن سان سازباز ڪري زھر ڏياري شھيد ڪرايو جڏھن ته انکانپوءِ پير حزب الله تي ڪُوڙا ڪيس داخل ڪري ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي). انگريزن سان اھا اڻسڌي جنگ اڳتي ھلي سڌي جنگ جي شڪل اختيار ڪئي جڏھن 1888 کان 1896 تائين بچُو بادشاھه ۽ پِيرُو وزير ساڻن مھاڏو اٽڪايو. حُرن جون گوريلا ڪارروايون پوءِ به جاري رھيون. انگريزن شروع کان ئي پِيرن جي گادي ۽ حُر جماعت کي پنھنجي لاءِ اک ۾ ڪنڊي طور محسوس ڪيو جو سنڌ ۾ ٻيو ڪير به سندن مخالفت ۾ وڙھڻ وارو ڪونه ھو جنھنڪري سنڌ تي قبضي جي وقت کان ئي حُر جماعت جي ھر فرد کي نشاني تي رکيو. اھو سمورو عرصو حُرن کي ٻارين ٻچي قيد ڪري لوڙھن ۾ رکيو ويو. سنڌ جي بدين، عمرڪوٽ، سانگھڙ، نوابشاھه، جوھي ۽ ٻين علائقن ۾ 20 کان وڌيڪ لوڙھن وارا جيل قائم ڪيا ويا ھئا جتي ھزارين حُرن کي واڙيو ويو. روضي ڌڻي چيئر شاھه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ڇھن ھزارن کان وڌيڪ حُرن جي نالن جي فھرست “آزاديءَ جا اسير” نالي سان ڪتابي شڪل ۾ ڇاپي آھي جن کي سنڌ جي لوڙھن ۾ رکيو ويو ھو. سوين حُرن کي خطرناڪ پڌرو ڪري ھندستان جي ٻين علائقن ۾ لوڙھن ۾ قيد رکڻ لاءِ سنڌ بدر ڪيو ويو. اھڙن حُرن جو تفصيل انگريزن جي زماني واري ڪمشنر آفيس جي رڪارڊ مان ملي ٿو.

ھيءَ ڪھاڻي بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ وِيساپور ۾ قائم لوڙھن واري جيل ۾ قيد انھن حُرن جي ڪھاڻي آھي جن کي آزاديءَ جو چاهه رکڻ جي ڏوھه ۾ سنڌ نيڪالي ڏني وئي ھئي. ھُو اڻڄاڻايل مُدي تائين اُتي قيد ھئا ۽ کين ڪابه خبر ڪانه ھئي ته وطن جا وڻ ڏسڻ ڪڏھن نصيب ٿيندن.

ھندستان جي شھر احمد آباد کان ساڍا ڇھه سئو ڪلوميٽر پري ۽ بمبئيءَ کان 281 ڪلوميٽر پري مھاراشٽر رياست جي شھر وِيساپور لڳ لوڙھن واري جيل، ۽ ان کان اڳتي ڪرناٽڪ رياست جي جابلو شھرن بيجاپور ۽ ڌروار وارن لوڙھن جي جيلن، ۽ ان کان به اڃا اڳتي اُتر پرديش جي ضلعي ڪانپور جي شھر شِيوراجپور واري لوڙھن واري جيل ۾ ھُو ورھين کان قيد ھئا. ڪي ڏھن ورھين کان ته ڪي ان کان به ڊگھي مُدي کان بنا ڪيس ھلڻ ۽ سزا ملڻ جي بند ھئا. سنڌ ۾ پنھنجو ٻني ٻارو ڪري پيٽ پاليندڙن کان پٿر ڪَٽڻ، مِٽي کوٽڻ ۽ ٽرڪن ۾ ڀرڻ جو پورھيو ڪرايو ويندو ھو. وِيساپور ۾ انگريزن لوڙھن وارو جيل ان لاءِ قائم ڪيو ھو جو اُتي ھنن ڊئم تعمير پي ڪيو. ھڪ سرڪاري رپورٽ موجب ان ڊئم جي اڏاوت تي 1200 قيدي ڪم ڪندا ھئا جن ۾ سنڌ جا حُر به شامل ھئا. وِيساپور ڊئم اڄ به قائم آھي. قيد واري ان ڊگھي عرصي ۾ ھنن نه ڪڏھن ڦڏو فساد ڪيو ۽ نه ٻيو ڪو ڏوھه، پر جڏھن به جيل عملدارن سندن سُٺي ورتاءَ سبب کين واپس سنڌ موڪلڻ يا بمبئي پريزيڊنسيءَ جي ڪنھن علائقي ۾ آزاد ڇڏڻ جي سفارش ڪئي، ته سنڌ جي عملدارن ان جي سخت مخالفت ڪئي. کين ڊپ ھو ته اھي آزاد ڪيل حُر واپس سنڌ اچي ھنن لاءِ مسئلو پيدا ڪندا.

15   SEP 2014    11

بنا ڪنھن ڏوھه جي ڌرتيءَ کان پري لوڙھن ۾ رھندي جڏھن حُرن کي آزاديءَ جو ڪو آسرو نظر نه آيو ته ھنن به احتجاج جي واٽ ورتي. ڪن ھڙتالون ڪيون، ڪن وٿي ملڻ تي فرار جي راھه اختيار ڪري سنڌ موٽي ھٿيار کنيا.

“وِيساپور جي جيل ۾ ھن وقت 96 مرد حُر آھن جن مان 30 ڄڻا پرڻيل آھن. جيل ۾ ڪُل 32 عورتون آھن جن مان 30 ڄڻيون مرد حُرن جون زالون آھن جڏھن ته ھڪ بيواھه ۽ ٻي نوڪرياڻي آھي. جيل ۾ ٻارن جو ڪُل انگ 37 آھي،” انسپيڪٽر جنرل آف پرزنس، بمبئي پريزيڊنسي، ليفٽيننٽ ڪرنل آر ايم ڊئلزِيل 6 آگسٽ 1922 تي پُونا مان بمبئي پريزيڊنسيءَ جي ھوم سيڪريٽريءَ کي موڪليل ھڪ رپورٽ ۾ لکيو ھو.

حُر برادريءَ کي “ڪِرمنل ٽرائيب” پڌرو ڪري جن ماڻھن کي ٻارين ٻچي سوين ڪوھه پري ھنن لوڙھن ۾ بند ڪيو ويو ھو، تن نيٺ ڀڙڪو کاڌو ھو ۽ جيل اندر ھڙتال ڪري ڪم ڪرڻ کان ٺُپ نابري واري ھُئن. ڪي اسير ھفتيوار بازار وڃڻ جو فائدو وٺي فرار ٿي چُڪا ھئا. ان صورتحال سبب انگريز عملدار 4 آگسٽ 1922 تي جيل جو دورو ڪري رپورٽ تيار ڪئي ھئي. “ٻه مھينا ٿي ويا آھن جو حُرن ڪم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آھي. حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي 28 جولاءِ 1922 تي پنج حُرن تي ڪيس ھلائي کين سزائون به ڏنيون ويون پر 29 جولاءِ تي مڇرجي ھنن سيٽلمينٽ انسپيڪٽر بي ايس سيٺنا کي ڏاڍي مار ڪڍي ۽ مٿي کڻي زمين تي سٽيائونس. کيس ڪافي زخم رسيا. ھاڻ انھن حُرن تي ڪيس ھلائبو،” آءِ جي پرزنس لکي ٿو. 31 جولاءِ 1922 تي حالتون وڌيڪ گنڀير ٿي ويون جو حُر ڪنٽرول کان ٻاھر ٿي ويا ۽ لڳو ٿي ته ھو جيل ٽوڙي ڀڄي ويندا پر سيٽلمينٽ آفيسر مسٽر بريئرلي احمد نگر مان پوليس گھرائي حالتن کي سنڀالي ورتو، رپورٽ ۾ لکيو ويو، جيڪا ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر واري رڪارڊ ۾ اڄ به موجود آھي.

جيل ۾ قيد حُرن مان ڪجھه ماڻھن کي ٽولي جي شڪل ۾ ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو ڀَر واري ڳوٺ پِمپل گائون مان راشن وغيره خريد ڪرڻ لاءِ ھڪ مقدم جي نگرانيءَ ۾ آزاد ڪيو ويندو ھو. تن ڏينھن ۾ پنج حُر ان موقعي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا ھئا. 2 جُون 1922 تي ٿيل ان واقعي سبب سختي ڪندي ڇڙن قيدين کي ھفتيوار خريداريءَ لاءِ ڇڏڻ بند ڪيو ويو، سٺي ڪردار سبب کين رات جو تالي ۾ قيد نه رکڻ واري سھولت واپس ورتي وئي، ٽن قيدين جي سندن مقدم واري حيثيت ختم ڪئي وئي ۽ شادي شدھه حُرن کي مارڪيٽ ڏانھن ڇڏڻ جو ڏينھن جمعي بدران مٽائي آچر ڪيو ويو جو جمعي تي ڳوٺ ۾ عام طور ماڻھن جي رش ھوندي آھي. ايئن مٿن ضابطي جون ڪارروايون سخت ڪيون ويون. نتيجو اھو نڪتو جو ست ٻين حُرن به مقدم طور ذميداريون سنڀالڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

انگريز آفيسر پنھنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو: “ غير شادي شدھه حُرن جي اڪثريت ردِعمل ڏيکاريندي ھڙتال ڪري ڇڏي. پرڻيل حُرن مان به ڏھه ڄڻن ھڙتال ۾ سندن ساٿ ڏنو. اھي ھڙتالي حُر ھڪٻئي جا ڀائر ۽ مِٽ مائٽ آھن ۽ مارڪيٽ ويندڙ حُر ٻين لاءِ به سِيڌو وٺي ايندا آھن.”

مقدم طور ڊيوٽي ڪندڙ قيديءَ کي روزانو 9 آنا (ان وقت رائج رُپئي ۾ سورھن آنا ھوندا ھئا) اُجرت ملندي ھئي جڏھن ته ٻيا قيدي جوش خروش سان ڪم ڪرڻ سبب ھو مھيني ۾ 34 رُپيا ڪمائي وٺندا ھئا. گھٽ ۾ گھٽ به سندن اُجرت 8 رُپيا ھوندي ھئي. جڏھن غير شادي شدھه قيديءَ جي ماھوار ڪمائي 15 رُپين ۽ شادي شدھه قيدين جي ڪمائي 19 رُپين کان مٿي چڙھندي ھئي ته پوءِ سندن اضافي ڪمائي کين ڏيڻ بدران جيل انتظاميا پاڻ وٽ گڏ ڪندي ھئي ۽ ضرورت پوڻ تي قيدين کي ادا ڪندي ھئي. “ھڙتالي حُرن ٻه مھينا پنھنجي ان ڪمائيءَ تي گذارو ڪيو آھي. سندن بچت جلد ختم ٿيڻ واري آھي پر تڏھن به ھو ڪم ڪرڻ کان نابري واري بيٺا آھن. سندن مطالبو آھي ته حڪومت کين راشن مھيا ڪري. حيرت جي ڳالھه آھي ته اھي پريشان ڪونه ٿا لڳن. شايد ان ڪري جو وٽن ٻڪرين جا ڌڻ پاليل آھن. اخبارن ۾ اجايو غلط پرچار ڪئي پئي وڃي ته حُر قيدين سان ناحق آھي،” رپورٽ ۾ لکيو ويو.

آءِ جي پرزنس بمبئي سرڪار کي تجويز ڏني ته جيڪڏھن ھڙتالي حُرن جو خرچ سرڪار ڀري ته به اھو ٽي رُپيا مھيني کان وڌيڪ نه ھجي جڏھن ته ھڙتالي حُرن جي زيرِڪفالت فرد لاءِ فقط ٻه رُپيا ڏنا وڃن.

انگريز آفيسر لکي ٿو ته ھن حڪم جاري ڪري ڇڏيا آھن ته قيدين کي رات جو به بند رکيو وڃي ۽ جيڪڏھن ھو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار به ھجن ته به کين ڪم لاءِ ايستائين ٻاھر نه ڪڍيو وڃي جيستائين حڪومت اھڙو ڪو حڪم جاري نه ڪري جو سندن فرار ٿيڻ جو امڪان وڌيڪ آھي.

اسير حُرن جي ھڙتال جا ڪارڻ ٻڌائيندي انگريز آفيسر لکي ٿو: “ايتري وقت کانپوءِ ھاڻ اچي کين احساس ٿيو آھي ته جيڪو ڪم کانئن ورتو وڃي ٿو، اھو سندن پسند جو ڪونھي. کين ڪوبه ڪم ڪرڻ تي اعتراض آھي. ٻيو ته کين اڻ ڄاڻايل عرصي تائين قيد ۾ رکيو ويو آھي تنھنڪري سندن قيد جو مُدو مقرر ھجڻ گھرجي. پنج حُرن جي فرار ٿيڻ تي کنيل سخت قدمن جي نتيجي ۾ به کين جلد آزاد ٿيڻ جو امڪان نظر نٿو اچي. ھو ڪابه خاطري نٿا ڏين ته آئينده ڪو حُر فرار نه ٿيندو.” انگريز آفيسر جي رپورٽ توڙي ھڙتال کان اڳ ويساپور جيل جي حُرن ھڪ سئو قيدين جي صحيحن سان سرڪار کي درخواست موڪلي ھئي ته کين سنڌ واپس موڪليو وڃي. “سنگين ڏوھن ۾ ملوث ڏوھارين لاءِ به سزا مقرر ھوندي آھي، جنھن جي ختم ٿيڻ کان اڳ کين آزاد ڪيو ويندو آھي، پر اسان ورھين کان ھتي ناحق بند آھيون. ورھين کان پٿر ڪٽي رھيا آھيون پر اسان جي حالتن ۾ ڪو سڌارو ڪونه آيو آھي.”

رپورٽ ۾قيدي حُرن سان ظلم ۽ بربريت جو ذڪر سرسري انداز ۾ ڪيو ويو آھي. آءِ جي پرزنس لکي ٿو: “ھڪ ھڙتالي حُر کي 30 ڏينھن جي سخت پورھئي سان قيد جي سزا ڏني وئي. کيس دکن ايڪسٽرا ميورل جيل موڪليو ويو جتي کيس سپاھين بيرحميءَ سان مُترڪا ھڻي ماري ڇڏيو. پوسٽ مارٽم رپورٽ ان ڳالھه جي تصديق ڪري ٿي.”

انگريز عملدار بمبئي سرڪار کي سفارش ڪئي ته ھڙتال ڪندڙ 55 حُرن کي ھڪ ھنڌ رکڻ بدران مختلف جيلن ۾ قيد ڪيو وڃي جڏھن ته ھڙتال ۾ حصو نه وٺندڙ 41 حُرن کي سنڌ کي لوڙھن وارن جيلن مان ڪنھن ھڪ ڏانھن واپس موڪليو وڃي. انھن مان 26 حُر اھڙا ھئا جن ڪم کان انڪار نه ڪيو پر ڪنجھندي ڪُرڪندي حڪم مڃيو ھو. انکانسواءِ 8 حُر اھڙا ھئا جن ۾ ٻه صفائيءَ جي ڪم تي لڳل ھئا، ٻه حُر بيمار ھئا، ھڪ اسڪولي استاد ھو، ھڪ بيمارن جي خدمت تي مقرر ھو، ھڪ حُر بتيون ٻارڻ جي ڊيوٽي ڪندو ھو ۽ ھڪ حُر انتھائي ضعيف ھو. “جيتوڻيڪ اھي حُر سزا يافته ڏوھاري ڪونھن پر ڏاڍا خطرناڪ ۽ وحشي آھن ۽ سندن ھٿ رت ۾ رنڱيل آھن،” ھو بيرحميءَ سان تبصرو ڪري ٿو. انھن حُرن کي ڊسمبر 1915 ۾ سنڌ بدر ڪيو ويو ھو جن مان 8 ڄڻن عالو ولد پريو ماڇي (ھڪ ھنڌ کيس موچي لکيو ويو آھي)، عليم ولد بھرام شر، سليمان ولد ابراھيم خاصخيلي، يارو شاھه ولد لائقڏنوشاھه، لقمان ولد اسماعيل شر، دادلو ولد جُڙيو نظاماڻي، جيئندو ولد ساجن وساڻ ۽ جھورو ولد منگيو وساڻ (ھڪ ھنڌ کيس خاصخيلي لکيو ويو آھي) کي آڪٽوبر 1922 ۾ نوابشاھه جي جلالاڻي لوڙھي ۾ واپس آڻي قيد ڪيو ويو. اھا مھرباني سندن سُٺي ڪردار سبب ڪئي وئي.

وِيساپور حُر سيٽلمينٽ آفيسر بريئرلي آءِ جي پرزنس کي موڪليل پنھنجي رپورٽ ۾ پنجن قيدين جي فرار بابت ٻڌائي ٿو ته ھر ھفتي پمپل گائون خريداريءَ لاءِ پنج پنج قيدين جا ٽي ٽولا موڪليا ويندا ھئا ۽ ھر ٽولي جو انچارج ھڪ مقدم ھوندو آھي.

جيئن ئي پنج حُرن جي فرار جي خبر پئي ته سپاھي ڊوڙايا ويا؛ پُونا ۽ ٻين ريلوي اسٽيشنن جي پوليس کي ھوشيار ڪيو ويو پر ڪوبه مفرور حُر ھٿ ڪونه آيو. نيٺ سندن فرار جو اطلاع ٿرپارڪر توڙي سنڌ جي ٻين اختيارين کي به ڏنو ويو.

سنڌ توڙي بمبئي پريزيڊنسيءَ جي عملدارن کي قيدين جي فرار تي ڦڦڙي انھيءَ ڪري به ھئي جو مفرور حُرن ۾ سليمان وساڻ نالي ھڪ شخص به ھو جنھن کان ھو ڊنل ھئا. ھڪ ٻئي دستاويز موجب سليمان وساڻ مِٺو ھنگورجي ۽ ٽن ٻين ساٿين سان گڏ فرار ٿيو ھو.

سنڌ ۽ ھند جي ڪابه قوت سندن رستا روڪ نه ڪري سگھي ۽ ھنن سنڌ پھچي انگريزن جي مخبر وڏيرن کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو ھو جن ۾ وڏيرو محمد حسن جوڻيجو به شامل ھو.

ڊسٽرڪٽ سپرنٽينڊنٽ آف پوليس نوابشاھه آر ٽي بارڪر پاران ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ نوابشاھه ڏانھن موڪليل 30 آڪٽوبر 1923 جي ھڪ ليٽر ۾ انڪشاف ڪيل آھي ته ويساپور جيل ۾ بَچُو بادشاھه جو پُٽ وريام خاصخيلي به قيد ھو جنھن کي مبارڪ ولد بادل، محمد ولد گامو، ڪامل ولد متارو، لکمير ولد بھرام، ھارون ولد بھرام، نبي شاھه ولد شاھه مردان، دادلو ولد سڄڻ ۽ دراني ولد سومار سان گڏ اپريل 1923 ۾ واپس سنڌ موڪلي جلالاڻي جيل ۾ رکيو ويو ھو.

ايس پي صاحب وريام خاصخيليءَ جي موجودگيءَ تي ڳڻتي ڏيکاريندي لکي ٿو: “لوڙھي اندر توڙي ٻاھر وريام جي وڏي اھميت آھي. ھو ھر وقت چاليھن کان پنجاھه ماڻھن جي ٽولي سان گڏ گھمي ٿو. ان سان حُرن منجھه ڄڻ ته جان پئجي وئي آھي ۽ زميندارن منجھه خوف جي لھر پيدا ٿي وئي آھي.”

عمرڪوٽ مان به ٿرپارڪر جي ايس پيءَ انگريزن جي وفادار زميندارن جي قتل جو ذڪر ڪندي ٿرپارڪر جي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ کي رپورٽ ۾ لکيو ته “وِيساپور جيل مان واپس موڪليل حُرن خلاف ڪنھن به ڏوھه ۾ ملوث ھجڻ جو ثبوت ڪونھي، پر بلڪل واضح اشارو ملي ٿو ته ھاڻ کين محسوس ٿي ويو آھي ته سندن برادري سگھاري ٿيندي پئي وڃي ۽ ھاڻ کين قيادت ملي وئي آھي.”

پوليس عملدار پنھنجي بيوسي ظاھر ڪندي چوي ٿو ته ويساپور جيل مان فرار ٿيل سليمان وساڻ ۽ چار ٻيا حُر آزاديءَ سان سڪرنڊ ۽ سنجھوري تعلقن ۾ گھمي رھيا آھن ۽ کين گرفتار ڪرڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿيون آھن جو حُر برادري کين پناھه ڏيو ويٺي آھي.

ننڍي کنڊ مان انگريزن جي تڏا ويڙھه تائين سنڌ مان حُرن جون گرفتاريون ۽ ويساپور جيل ڏانھن ٻارين ٻچي جلاوطنيءَ توڙي ويساپور مان واپس سنڌ جي لوڙھن ۾ آڻي قيد رکڻ جو سلسلو جاري رھيو.

ويساپور ۽ ھندستان جي ٻين لوڙھن وارن جيلن ۾ قيد حُرن بابت انگريز سرڪار جي لکپڙھه وارا فائيل سنڌ آرڪائيوِز ڪراچيءَ ۾ محفوظ آھن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو