Home / اسپيشل افيئر / اسڪاٽلينڊ ۽ آزاديءَ جو سفر
above article banner

اسڪاٽلينڊ ۽ آزاديءَ جو سفر

Abdul Khaliq Junenoانگريز انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي سامراجي طاقت رهيا آهن. انهن ايشيا، آفريقه، آمريڪا، آسٽريليا ۽ يورپ يعني دنيا جي پنجن ئي کنڊن جي ملڪن ۽ قومن تي قبضا ڪيا. اهڙي طرح دنيا جي آباديءَ جو اٽڪل ٽيون حصو انهن جي قبضي گيري ۽ استحصال، قتل غارتگري ۽ ڦرلٽ جو شڪار رهيو. پر جيئن ته انسان جي فطرت ۾ آزاد رهڻ جي سُتي پيل آهي سو قبضي هيٺ آيل خِطن جي ماڻهن طرفان آزاديءَ جون جنگيون شروع ڪيون ويون ۽ انگريز سامراجي سلطنت ٽٽڻ لڳي. اڳي جيڪي انگريز دنيا ۾ هر طرف ڦهلبا پئي ويا انهن جو هاڻي گهر ڏانهن واپسيءَ جو سفر شروع ٿي چڪو هئو.

جيئن ارڙهين ۽ اڻويهين صدي سامراجيت جي عروج جو زمانو هئو تيئن ويهين صدي وري قومن جي آزاديءَ جي صدي ثابت ٿي، خاص ڪري ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ برطانيه سميت يورپي ملڪن جي قبضي ختم ٿيڻ ۽ قومن جي آزاد ٿيڻ ۽ نيون خود مختيار رياستون ٺهڻ جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو.

ايشيا، آفريقه ۽ آمريڪا مان انگريزن جي حاڪميت ختم ٿيڻ کانپوءِ اڪثر ماڻهو ايئن سمجهڻ لڳا ته هاڻي انگريز پنهنجي گهر برطانيه ۾ رهن ٿا. ايتري تائين جو اسڪولن جي درسي ڪتابن ۾ جڏهن وفاقي (Federal) ۽ وحداني (Unitary) طرز جي رياستن جو سبق پڙهايو ويندو هئو ته وحداني رياست جو مثال برطانيه جي صورت ۾ ڏنو ويندو هئو. پر حقيقت ايئن نه هئي. انگريزن جو ملڪ انگلينڊ هئو جڏهن ته ‘عظيم برطانيه’ (Great Britian) ۾ اسڪاٽلينڊ ۽ ويلس جا پاڙيسري ملڪ هئا جن تي پنهنجي سامراجي مهم جي شروع ۾ ئي انگريزن قبضو ڪيو هئو. زميني طور انگلينڊ سان ڳنڍيل هجڻ ۽ ڊگهو عرصو برطانيه ۾ شامل رهڻ سبب ايئن نظر ايندو ۽ محسوس ٿيندو هئو ته اسڪاٽلينڊ واراانگريزن سان هڪ ٿي ويا آهن پر اسڪاٽش ماڻهن ۾ آزاديءَ جي امنگ موجود رهي (باوجود ان جي ته دنيا جي ڪيترين قومن کي غلام بنائڻ واري عمل ۾ اسڪاٽ به انگريزن سان گڏ هئا). آزاديءَ جي اها امنگ 1934ع ۾ اسڪاٽس نيشنل پارٽيءَ جي شڪل ۾ ميدان تي آئي.

15   SEP 2014    2

ان وقت کان وٺي اها پارٽي اسڪاٽلينڊجي آزاديءَ لاءَ جهدوجهد ڪندي رهي آهي. ان جهدوجهد کي هڪڙي اهم ڪاميابي تڏهن ٿي جڏهن 1997۾ ڪرايل ريفرنڊم جي نتيجي۾ ٽي سو سالن کانپوءِ اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ بحال ٿي. جيتوڻيڪ اها پارليامينٽ مڪمل طور آزاد نه هئي پر ان کي ٽيڪس لڳائڻ سميت تمام گهڻا اختيار هئا. اسڪاٽلينڊ جي قومپرستن ان ڪاميابيءَکي مڪمل آزاديءَ واري منزل طرف هڪ اهم پيش قدمي طور پيش ڪيو ۽ آئنده جي جهدوجهد لاءِ ان کي اتساه جو ذريعو بڻايو. انهن تڏهن ئي اهو اعلان ڪيو هئو ته “اسان جڏهن به اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ ۾ اڪثريت سان کٽي آياسين ته مڪمل آزاديءَ جي معاملي تي ريفرنڊم ڪرائينداسين”. سنه 2000ع ۾ جڏهن مون اسڪاٽش پارليامينٽ جي بلڊنگ ۾ اسڪاٽش نيشنل پارٽيءَ جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي هئي ته انهن پنهنجي مستقبل جي حڪمت عملي ٻڌائيندي چيو هو ته “اسان پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان اسڪاٽ ماڻهن کي اهو ڏيکارينداسين ته اڻ مڪمل آزاديءَ جا ايترا فائدا آهن ته مڪمل آزادي ڇا هوندي”.

2011 جي پارليماني چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ جي نتيجي ۾ حڪومت ٺاهڻ کانپوءِ ايس اين پي وارن مڪمل آزاديءَ لاءِ عالمي طور تسليم ٿيل پنهنجو قومي خود اراديت وارو حق استعمال ڪرڻ خاطر ريفرنڊم جو اعلان ڪيو. برطانيه جي اسٽيبلشمنٽ لاءِ اها ڳالهه هضم ڪرڻ هئي ته ڏاڍي ڏکي پر هاڻي ايڪويهين صديءَ جي يورپ ۾ اهو ته ممڪن ڪونهي ته آزاديءَ لاءِ ريفرنڊم جي ڳالهه ڪندڙن کي غدار قرار ڏيئي انهن تي فوجي چڙهائي ڪئي وڃي، تنهن ڪري ٻڏندڙ دل ۽ ڏڪندڙ هٿن سان برطانوي حڪومت 18 سيپٽمبر 2014 تي ريفرنڊم ڪرائڻ واري معاهدي تي صحيح ڪئي.

جيئن ته برطانوي پارليامينٽ لاءِ اسڪاٽلينڊ مان هميشه ليبر پارٽي اڪثريت ۾ کٽندي آهي (جهڙي نموني سنڌ مان پيپلز پارٽي کٽندي آهي) تنهن ڪري شروع ۾ انگريز ڏاڍو مطمئن هتا ته اسڪاٽلينڊ جو عوام آزاديءَ جي حق ۾ ناهي. ان ڪري ئي اٽڪل ڇهه مهينا اڳ ۾ برطانوي وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون چيو هئو ته“اسان مداخلت نه ڪنداسين ۽ اسڪاٽلينڊ جو عوام پاڻهيئي پنهنجو فيصلو ڪندو”. پر پوءِجيئن جيئن آزاديءَ جي حق ۾ مهم اڳتي وڌندي وئي تيئن تيئن انگريز حڪمرانن کي پيٽ ۾ ڦڦڙي پوندي وئي ۽ انهن جي مايوسي ۽ ڇڪتاڻ وڌندي وئي. ايتري تائين ته ريفرنڊم کان ٻه هفتا اڳ کان وٺي نه رڳو وزير اعظم پر برطانيه جي ٽنهي مکيه پارٽين جي اڳواڻن اسڪاٽلينڊ ۾ وڃي ديرو ڄمايو آهي ۽ اسڪاٽ عوام کي ‘نه’ ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ منٿون به ڪري رهيا آهن ته ان سان گڏوگڏ سازشون به ڪري رهيا آهن. اسڪاٽلينڊ ۾ ڪيل پنهنجي هڪ تقرير ۾ انگريز وزيراعظم چيو ته “جيڪڏهن اسڪاٽلينڊ آزاديءَ جي حق ۾ فيصلو ڪيو ته منهنجي دل ٽٽي پوندي”. شايدکانئس وسري ويو آهي ته اسڪاٽلينڊ تي انگريزن جي قبضي سان گهڻن ماڻهن جون دليون ٽٽيون هونديون. پر شايد اڃا اها سامراجي ذهنيت ختم نه ٿي اٿن ته ‘انگريز دل اسڪاٽش دل کان وڌيڪ قيمتي آهي’. ان کان سواءِ صرف 23 سال اڳ جا واقعا به انگريز حڪمرانن کان وسري ويا آهن جڏهن قومن جي آزاديءَ جي نتيجي ۾ سوويت يونين ٽٽي رهيو هئو ته سڄي مغربي يورپ ۽ اتر امريڪا جا حڪمران جشن ملهائي رهيا هئا. اسان تڏهن ئي چيو هئو ته قومن جي آزادي هڪ فطري ۽ اڻٽٽ حق آهي ۽ انساني سماج جي ترقيءَ جي هڪڙي لازمي منزل ۽ جيڪڏهن ان کي ڪميونزم نٿو روڪي سگهي ته سرمائيداري نظام به نه روڪي سگهندو. اسانکي ڇڏيو پنهنجي آسپاس ۾ لکيل انهن نعرن تي ئي برطانوي حڪمران غور ڪن ها جن ۾ چيو ويو هئو ته ‘جيڪڏهن لٽونيا ۽ ليٽويا ته پوءِ ڇو نه اسڪاٽلينڊ ۽ ويلس’. يعني جيڪڏهن (سوويت يونين کان) لٽونيا ۽ ليونا آزاد ٿي سگهن ٿا ته پوءِ (برطانيه کان) اسڪاٽلينڊ ۽ ويلس ڇو ڪو نه ٿا آزادي حاصل ڪري سگهن.

18 سيپٽمبر واري ريفرنڊم جو ڪهڙو به نتيجو نڪري پر اسڪاٽلينڊ آزاديءَ جي راه تي هلي پيو آهي. هاڻي ان کي ڪائي طاقت روڪي نٿي سگهي ۽ هڪ ڏينهن اسڪاٽلينڊ ضرور آزاد ٿيندو ۽ پوءِ ڪئٽالونيا، پوءِ باسق، پوءِ ڪيوبيڪ، پوءِ ويلس، پوءِ ڪردستان، پوءِ ڪشمير…… ۽ پوءِ آزاديءَ جو اهو سفر جاري رهندو ۽ پوءِ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته آزاديءَ جو ديوتا دنيا کي موهن جي دڙي جهڙي تهذيب ڏيندڙ قوم کي وساري ڇڏي.

junejolaw@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو