Home / اسپيشل افيئر / اسڪاٽ لينڊ جو ريفرنڊم، دنيا ۾ نئين سياسي لهر!
above article banner

اسڪاٽ لينڊ جو ريفرنڊم، دنيا ۾ نئين سياسي لهر!

Asif Baladiگڏيل برطانوي بادشاهت انگلينڊ، اسڪاٽلينڊ، ويلز ۽ اُتر آئرلينڊ تي ٻڌل آهي، جنهن جي تاريخ تمام گهڻي ڊگهي ۽ پراڻي آهي. ان ۾ موجود اسڪاٽلينڊ نالي وطن ۽ ان جي رهواسين جي تاريخ پڻ پراڻي ۽ شاندار آهي. اسڪاٽلينڊ ۽ ان جي رهواسين کي اسين هڪ مشهور فلم “Brave Heart” جي ڪري به سڃاڻون ٿا. جنهن جي آخري منظر ۾ آزادي ۽ هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ جو اُهڃاڻ “Symbol” بڻجي وطن جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪندڙ هيري جي آخري پساهن مهل کيس پنهنجي حُسن جو جلوو پسائي ٿي ۽ ان آزاديءَ جي ويڙهه وڙهندي هيري جو آخري نعرو گونجي ٿو Freedom جنهن جو پڙاڏو اڄ به اسڪاٽلينڊ جي آزادي چاهيندڙ قومپرستن جي ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي.

اسين ايشيائي ماڻهو برطانيه جي ان پراڻي بادشاهت کي ويجهو کان ڄاڻون ٿا ۽ سڃاڻون ٿا. خاص طور تي سنڌ جي حوالي سان برطانوي بادشاهت ۽ راڄ هيٺ سنڌ جي آزاد حيثيت ختم ڪري 1843ع ۾ پنهنجي قبضي هيٺ آندو ۽ننڍو کنڊ خالي ڪرڻ وقت سنڌ جي ان حيثيت کي بحال نه ڪيو ويو، اڄ اسڪاٽلينڊ وارن جو فيصلو ڀلي کڻي ڪهڙو به آيو آهي پر سنڌ وطن جا ماڻهو اهو سوال برطانيه کان ڪرڻ ۾ حق بجانب آهن ته 1843ع واري سنڌ جي آزاد وطن جي حوالي سان اڄ سندن تاريخي، سياسي ۽ اخلاقي ذميواري ڪهڙي آهي. ڇاڪاڻ ته تاريخ جي هن موڙ تي برطانيه جي بادشاهت پاران اسڪاٽلينڊ کي ريفرنڊم وسيلي آزادي جو جمهوري حق ڏيڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي، تاريخ جي حوالي سان جمهوريت جي ايڏي وڏي ترقي ۽ ان جو شاندار عملي مظاهرو هڪ تمام وڏو مثال آهي، وڏو تاريخي قدم آهي. توڙي جو اسڪاٽلينڊ ۽ ان جي رهواسين جي آزاديءَ لاءِ اها جاکوڙ صدين تي مشتمل آهي. پر جمهوريت وسيلي آزاديءَ جو حق استعمال ڪرڻ ۽ برطانيه جي سرڪار پاران فراخدلي سان اهو حق ڏيڻ يقيني طور تي جمهوريت جي تاريخ جو هڪ شاندار ڪارنامو آهي.تڏهن ته دنيا برطانيه کي جمهوريت جي ماءُ “Mother of Democaracy” طور ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿي.

يورپ کنڊ جي تاريخ جاگرافي اولهه يورپ، سينٽرل يورپ ۽ اُتر يورپ وغيره جي حوالي سان تمام پراڻي، دلچسپ ۽ مثالي آهي. انهي سڄي يورپ ۾ وري برطانيه کي جمهوريت ۽ صنعتي انقلاب جي حوالي سان خاص تاريخ آهي. انهي صنعتي انقلاب انساني تهذيب کي هڪ فيصلائتو معياري ڇال ڏياريو، ان کان سواءِ برطانوي بادشاهت پنهنجي جاگرافيائي اهميت جي حوالي سان ائٽلانٽڪ اوشين جي ڪري واپار ۽ وسيلن جي کوج ۾ مذڪوره حيثيت رکندي آهي.

شيڪسپيئر جو انگلستان، جنهن جي شڪستن ۽ فتحن سان هُن پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو ۽ جنهن لاءِ رُڊيارڊ ڪپلنگ چيو ته “Our England is a garden” (اسان جو انگلستان ته گلستان آهي). اڄ اسڪاٽلينڊ آزاديءَ جي حوالي سان ٿيندڙ ريفرنڊم جي ڪري سڄي دنيا جو مرڪز بڻيل رهيو. خاص طور تي سڄي يورپ ۾ ان باري ۾ تمام گهڻو بحث مباحثو ۽ سنجيدگي ڏسڻ ۾ آئي. خود انگلينڊ جي اندر عوام ۾ وڏو تجسس ۽ ڀونچال مثل رهيو. دلچسپ ڳالهه هي به آهي ته جيڪڏهن برطانيه اندر هڪ قوم جمهوريت وسيلي ۽ طريقي سان آزاد وطن ۽ قوم جو درجو ۽ حق ماڻي وٺي ها تڏهن به ۽ هاڻي به ساڳي برطانوي بادشاهت هيٺ ڊگهي عرصي تائين قبضي ۾ رهندڙ سندن پراڻين ڪالونين، خطن، علائقن ۽ ملڪن اندر قومن جي آزاديءَ وارو سوال ۽ جمهوري سوال هڪ نئين حوالي سان بحث جو مزڪر بڻبو ۽ قومي آزادين توڙي حقن جي لاءِ پرتشدد تحريڪن جي طور طريقن تي تمام وڏو اثرپوندو ۽ سڄي دنيا اندر پُرامن جمهوري جهدوجهد، وسيلي قومي آزادين ۽ قومي حقن جو رستو ۽ طريقو وڏي حيثيت اختيار ڪندو. خاص طور تي پراڻي برصغير اندر جتي قومي سوال کي هميشه مذهبي، نسلي ۽ لساني طور طريقن سان ڏٺو ويو آهي اتي هڪ نئين سجاڳيءَ جي لهر جنم وٺندي ۽ نون بحث مباحثن جون تازيون هوائون گهلنديون.

15   SEP 2014    6

هندستان ۽ پاڪستان اندر قومن جي آزاديءَ واري حق ۽ سندن تاريخي وطنن جي حيثيت کي هميشه مذهبي حوالي سان دٻايو ويو آهي. جڏهن ته هي ننڍو کنڊ برصغير ڪيترين ئي تاريخي قومن ۽ وطنن تي مشتمل آهي. پاڪستان وانگر هندستان به مختلف تاريخي قومن ۽ وطنن جو مجموعو آهي.

بهرحال هاڻي ڏسڻو هي آهي ته اسڪاٽلينڊ جيڪو آئرلينڊ جي نسبت زميني طور به انگلينڊ سان گنڍيل آهي ۽ 1707ع ۾ يونين ايڪٽ هيٺ برطانيه جو حصو بڻيو هو ۽ ان وقت ئي اهم واپاري ۽ بنيادي سياسي حق پڻ حاصل ڪري ورتا هئا ۽ اڳتي هلي پنهنجي لاءِ الڳ پارليامينٽ جو حق پڻ حاصل ڪري ورتو، اُن اسڪاٽلينڊ ۾ ريفرنڊم رستي ڏنل فيصلو خود اسڪاٽلينڊ جي رهواسين جي مستقبل جي حوالي سان پڻ اهم، بنيادي ۽ فيصلائتو آهي.

تاريخي طرح هي به حقيقت آهي ته اسڪاٽلينڊ وارا هڪ جداگانه قوم ۽ وطن جي حيثيت رکن ٿا. ڪيترين ئي صدين تائين گڏجي رهڻ ۽ جاگرافيائي طرح ڳنڊيل هئڻ سبب ۽ خاص طور تي برطانيه اندر جمهوري نظام جي ڪري جيڪا کين ذري گهٽ آزاديءَ جيتري برابري حاصل رهي آهي. ان سياسي سبب جي ڪري ته 1960ع ۾ اسڪاٽلينڊ ۾ آيل اقتصادي ۽ صنعتي بُحران جي نتيجي ۾ جڏهن اسڪاٽلينڊ جي رهواسين کي گڏيل برطانيه خاص طور تي انگلينڊ ۽ ويلز سنڀالي ورتو ۽ وڏي پئماني تي بيروزگار ٿيل ماڻهن وري روزگار ماڻيو، ته انهيءَ اسڪاٽش نسل جي ماڻهن جي نئين پيڙهي جيڪا انگلينڊ ۾ پڙهي ۽ پلي آهي يا انگلينڊ جا اُهي ماڻهو جيڪي اسڪاٽلينڊ ۾ ڄاوا نپنا، پڙهيا ۽ پليا آهن انهن سڀني جا جذبا ۽ خواهشون پڻ هن فيصلي تي اثرانداز ٿيا آهن.

اقتصادي طاقت هجڻ واري حيثيت جو سوال پڻ ان نتيجي تي اثرانداز ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته فيصلو رڳو ڳڻپ جو نه آهي ۽ جمهوريت رڳو اڪثريت جو نالو نه آهي پر جمهوريت، سياسي، معاشي، سماجي، ثقافتي توڙي نفسياتي حوالي سان سمورين برابرين ۽ روين جو گڏيل نظام ۽ رَويو آهي.

اسڪاٽلينڊ اسٽيل، کاڻين ۽ خاص طور تي جهاز واري صنعت ۾ اڳرو رهيو آهي. ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ جي ڪاروبار ۾ پڻ ترقي ڪري رهيو آهي. سندن هڪ علائقي کي ته هو ڪئليفورنيا سان برابري ڪندي سليڪان ويلي “Silicon Valley” طور سڏين ٿا. ان کان سواءِ نارٿ سي “North Sea” ۾ تيل جي ذخيرن جي ڪري پڻ کين هڪ خاص اهميت آهي. مطلب ته ڪلچر، جاگرافي، پئداواري وسيلا، تاريخ ۽ اڄ جي عالمي صورتحال وارو پسمنظر ۽ ٻئي طرف وري گڏيل قومن يورپي يونين واري ڪشش پڻ هن فيصلي تي اثرانداز ٿيا. ڇاڪاڻ ته هينئر برطانيه ۽ فرانس تقريباََ 50 ڪلوميٽر ڊگهي هڪ خوبصورت ٽنل (Tunel) وسيلي ڳنڍيل آهن ۽ فرانس گڏيل قومن يورپي يونين جي اهم ملڪ آهي. مطلب ته سڄو يورپ ڳنڍيو پيو آهي.

اسڪاٽلينڊ جي ماڻهن جي خواهش ۽ لاڙو گڏيل يورپي يونين جو حصو ٿيڻ به آهي پر اهو عملي طور ڪيئن ٿيندو اهو وري ايندڙ وقت ٻڌائيندو.

اسڪاٽلينڊ وارن کي قانون، تعليم ۽ مذهب جي حوالي سان پڻ ڪي سندن مرضيءَ وارا اختيار مليل آهن. اُهي چرچ آف انگليند بجاءِ خود سندن پنهنجي خاص نالي واري چرچ سان منسلڪ آهن.

بهرحال اسڪاٽلينڊ ۽ ان جي رهواسين جي پاران معمولي اڪثريت سان “ها” ۽ اڻويهه ويهه جي فرق سان “نه” چوڻ کانپوءِ هن تاريخي ريفرنڊم جا اثر سڄي دنيا جي سياست تي پوندا ۽ خاص طور تي قومي ۽ جمهوري سياست جي حوالي سان دنيا جي هلندڙ تحريڪن ۾ هڪ نئين بحث مباحثي جو آغاز ٿيندو ۽ فڪري طور تي هڪ نئين بهار جو زمانو ايندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو