Home / دنيا / افغانستان: واشنگٽن جي ٽياڪڙي هيٺ معاهدو گهڻا ڏينهن هلندو؟
above article banner

افغانستان: واشنگٽن جي ٽياڪڙي هيٺ معاهدو گهڻا ڏينهن هلندو؟

Zahid Hussainڪامياب سياسي منتقلي نه رڳو افغانستان جي استحڪام لاءِ ضروري آهي بلڪه علائقائي سيڪيورٽي لاءِ به ضروري آهي، بلڪل آخري گهڙين ۾ اقتداري شراڪت جو هڪ اهڙو فارمولو طئي ٿي ويو، جنهن ڀلي ڪجهه وقت لاءِ ئي سهي پر هڪ اهڙي بحران کي ٽاري ڇڏيو آهي، جنهن افغانستان ۾ آمريڪا جي 13 ورهين جي ڊگهي جنگ کانپوءِ اقتدار جي منتقلي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو هو.

واشنگٽن جي ٽياڪڙي ۾ طئي ٿيل معاهدي هيٺ اشرف غني ملڪ جو نئون صدر ٿيو آهي، جڏهن ته سندس مخالف عبدالله عبدالله چيف ايگزيڪيوٽو جو عهدو سنڀاليو آهي.

جيتوڻيڪ ان معاهدي جو جمهوريت سان پري جو به واسطو نه آهي ليڪن ان ارينجمينٽ ان ڊيڊ لاڪ کي ضرور ختم ڪيو آهي، جيڪو اقتدار جي منتقلي ۾ گذريل ڪيترن مهينن کان رڪاوٽ بڻيل هو. ليڪن اها ڳالهه هاڻي به يقيني طور نٿي چئي سگهجي ته جنگ سبب تباهه ٿيل هن ملڪ کي جنهن سياسي استحڪام جي ضرورت آهي. هي معاهدو اهو استحڪام آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهندو يا نه؟ چيف ايگزيڪيوٽو جو ڇا ڪردار هوندو، ان حوالي سان به بي يقيني صورتحال آهي-ڇو ته افغانستان جي آئين ۾ چيف ايگزيڪيوٽو جي ڪا به قانوني حيثيت نه آهي.

اقتدار جي شراڪت داري جو اهو فارمولا ڪيترو عرصو هلندو؟ معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ٻئي اڳواڻ جنهن انداز سان هڪٻئي کي ڀاڪر پائي مليا، ان کي ڏسندي ڪا حوصله افزا اميد نٿي ڪري سگهجي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ رسمي دعا سلام به نٿي. ماحول ۾ ٽينشن واضح هو، جڏهن ته ٻئي اڳواڻ آچر (28 سيپٽمبر) تي ٿيندڙ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ به نه آيا.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اليڪشن جي 100 ڏينهن کانپوءِ تائين به نتيجن جو باقاعده اعلان نه ڪيو ويو هو. اليڪشن ڪميشن رڳو نئين صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جو نالو جاري ڪيو آهي. عبدالله عبدالله ، جيڪو واضح طور تي اليڪشن ڊوڙ ۾ پوئتي هو، کي ٿڌو رکڻ خاطر اميدوارن کي ملندڙ ووٽن جو انگ به ظاهر ناهي ڪيو ويو.

عبدالله عبدالله وڏي پئماني تي ڌانڌلي جا الزام مڙهيا، جنهن جي نتيجي ۾ ووٽن جي آڊٽ ڪئي وئي، ليڪن ان سان به ڊيڊ لاڪ ختم ٿيڻ ۾ مدد نه ملي. ان کانپوءِ اوباما انتظاميا طرفان امداد روڪڻ جي ڌمڪي کانپوءِ زبردستي ايڊجسٽمينٽ ڪرائي وئي. ظاهر آهي ته ٻنهي اڳواڻن وٽ ان کانسواءِ ڪو به چارو نه هو. ڇڪتاڻ وڌيڪ جاري رکڻ جو مطلب گهرو ويڙهه کي جنم ڏيڻ برابر هو. جيتوڻيڪ هي معاهدو تڪراري آهي، ليڪن هن معاهدي جي ڪري ئي ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جمهوري طريقي سان اقتدار جي منتقلي ٿي آهي.

طاقت جي هن نئين نظام سبب اهو ضروري ٿي پيو آهي ته آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي. ليڪن چيف ايگزيڪيوٽو کي اختيار ڏيڻ جو اختيار صدر کي ڏنو ويو آهي، جيڪو اهو سڀ ڪجهه هڪ صدارتي حڪم وسيلي ڪندو. اها ترتيب ٻن سالن لاءِ ڪارائتي آهي.

صدر مڪمل طور بااختيار هوندو ۽ حڪومت جا اسٽريٽجڪ فيصلا ڪندو ته ٻئي طرف چيف ايگزيڪيوٽو بلڪل وزيراعظم وانگر وزيرن جي نئين ڪائونسل جي سربراهي ڪندو. ڏسڻو اهو آهي ته هڪٻئي جي مخالفت واري هن ماحول ۾ اهو سيٽ اَپ ڪيترو عرصو قائم رهي ٿو.

طاقت جي جمهوري منتقلي، سيڪيورٽي ۽ معاشي معاملن جي منتقلي کان وڌيڪ اهم آهي. باقي ٻن شين جي منتقلي به هن سال جي پڄاڻي تائين آمريڪي سربراهي ۾ وڙهندڙ فوجن جي واپسي کان اڳ ٿيڻي آهي. فقط اميد ئي ڪري سگهجي ٿي ته ٻئي ليڊر انهي انتهائي اهم منتقلي کي خوش اسلوبيءَ سان مڪمل ڪرڻ لاءِ سجمهداري ۽ نرمي جو مظاهرو ڪندا. ڇو ته ٻئي ليڊر سمورن اختلافن باوجود هڪ گڏيل مقصد رکن ٿا ۽ اهو آهي گڏيل افغانستان.

30-sep-2014    25

چونڊن کانپوءِ ڊگهي تڪرار، اقتصادي ۽ معاشي لحاظ کان نئين انتظاميه جي منتقلي واري عمل کي ڌيمو ۽ افغان طالبان کي سگهارو ڪيو آهي. چونڊون روڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ويڙهاڪ گروپن اتحادي فوجن تي حملا وڌائي ڇڏيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ درجنين پرڏيهي ۽ افغاني فوجي مارجي ويا آهن. حقيقت ۾ آمريڪا جي ويٽنام ۾ جنگ کانپوءِ پهريون ڀيرو ايئن ٿيو آهي ته ڪو آمريڪي جنرل ملڪ کان پري ڪنهن حملي ۾ مارجي ويو هجي.

طالبان طرفان وڌندڙ حملا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته اتحادي فوجن جي ملڪ مان وڃڻ کانپوءِ نئين انتظاميا کي ڪيترا سيڪيورٽي خطرا هوندا. ان کان به وڌيڪ پريشاني جي ڳالهه اها آهي ته ويڙهاڪن پنهنجي ڪاررواين جو دائرو انهن علائقن تائين به وڌائي ڇڏيو آهي، جتي سيڪيورٽي معاملن جي منتقلي مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ افغان سپاهي سندن نشانو بڻجي رهيا آهن.

اقتدار جي پرامن منتقليءَ سان هاڻ ٻه طرفي سيڪيورٽي معاهدي لاءِ راهه هموار ٿي وئي آهي، جنهن هيٺ آمريڪا پنهنجي ڪجهه فورس افغانستان ۾ ترسائي سگهندو. جنگ جي مڪمل ذميواري سنڀاليندڙ افغاني فوسرز جو مورال بلند ڪرڻ لاءِ ٿوري تعداد ۾ غير ملڪي فوجن جو هجڻ به ڪافي آهي. ڇو ته افغان فوج ۾ تمام ٿورا سپاهي اهڙا آهن جيڪي ويڙهاڪن سان وڙهڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

نئين افغان انتظاميا لاءِ هڪ ٻيو چئلينج اقتصادي منتقلي آهي، جنهن جو دارومدار مڪمل طور تي سياسي استحڪام تي آهي. افغانستان جي ڪمزور معيشت ڊگهي چونڊ تڪرار سبب ڪافي نقصان ڪري چڪي آهي. سياسي غير يقيني ڪاروبار لاءِ گهربل اعتماد کي ڌڪ رسايو آهي ۽ بيروزگاري ۾ به واڌ آئي آهي، افغانستان کي فوري طور اولهه جي ملڪن کان ايمرجنسي فنڊ جي ضرورت آهي. آمريڪا ۽ اولهه جي اتحادين فوجي ۽ معاشي ميدان ۾ اربين ڊالر امداد ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. ليڪن سياسي ڇڪتاڻ جاري رهي ته اهي واعدا وفا ٿيڻ ڏکيا ٿي ويندا.

اقتدار جي نئين انتظاميا کي منتقلي سان صدر حامد ڪرزئي جي 13 ساله حڪومتي دور جو به خاتمو اچي چڪو آهي.سندس وڃڻ سبب واشنگٽن سک جو ساهه کنيو آهي. ڇو ته تڪراري افغان صدر هاڻي ٻوجهه بڻجي چڪو هو. واشنگٽن ۽ ڪابل وچ ۾ لاڳاپن کي ڪافي ڌڪ تڏهن رسيو هو جڏهن حامد ڪرزئي ٻه طرفي سيڪيورٽي معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

افغان سياست ۾ حامد ڪرزئي جو مستقبل اڃا مشڪوڪ آهي. سندس پوزيشن وڌيڪ تڪراري تڏهن ٿي جڏهن عبدالله عبدالله مٿس اليڪشن ۾ سڌي ريت مداخلت جو الزام مڙهيو. ليڪن ان جي باوجود سياست ۾ سندس اثر کي گهٽ نٿو سمجهي سگهجي.

ڪامياب سياسي منتقلي نه رڳو مستقبل ۾ افغانستان جي استحڪام لاءِ ضروري آهي بلڪه علائقائي سيڪيورٽي لاءِ به ضروري آهي. افغانستان جي قومي گڏيل حڪومت جيڪڏهن ناڪام ٿئي ٿي ته علائقائي طور وڏي تباهي ايندي. افغانستان ۾ ٿيندڙ ڪنهن به واقعي، تڪرار يا ترقي جو سڌو سنئون اثر پاڪستان تي پوندو.

اميد آهي ته افغانستان جي نئين انتظاميا پاڪستان ۽ افغانستان جي دوستاڻن لاڳاپن لاءِ مثبت قدم کڻندي. انهن ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽي جو هڪٻئي تي ايترو انحصار نه هو، جيترو اتحادي فوجن جي وڃڻ کانپوءِ ٿي رهيو آهي. سرحدپار عدم استحڪام جا پاڪستان جي داخلي سيڪيورٽي تي سڌي ريت ۽ انتهائي خطرناڪ اثر پوندا، جنهن سان دهشتگردي خلاف پاڪستان جي خرچن ۾ اڃا به واڌ ايندي.

(c) DAWN.COM

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو