Home / اسپيشل افيئر / انڊس ڊيلٽا جي بحالي ۽ سنڌوءَ جا وهڪرا!
above article banner

انڊس ڊيلٽا جي بحالي ۽ سنڌوءَ جا وهڪرا!

Nasir Panhwarاها 19 هين صديءَ جي ڳالهه آهي جڏهن ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ڊيلٽا ۾ هر سال 150 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وهندو هو. جيڪو مارچ ۾ وڌي ويندو هو ۽ آگسٽ مهيني ۾ اوج تي پهچندو هو ۽ نومبر ۾ لاٿ کائڻ شروع ڪندو هو.

دنيا جو پنجون نمبر وڏو قرار ڏنل انڊس ڊيلٽا ڪنهن دور ۾ پنهنجي گوناگون جيوت، مڇين جي بيشمار قسمن، جهنگلي جيوت ۽ وڻن جي ڪيترن قسمن سان مالامال هئو. سنڌو درياءَ جو تازو پاڻي زمانن کان پاڻ سان گڏ لکين ٽن لٽ وهائيندو هتي زرخيزي ۽ زندگي قائم رکندو آيوآهي. 17 کارين (Creeks) تي مشتمل انڊس ڊيلٽا جو ماحولياتي نظام زرخيز رهيو آهي. هتي موجود تمر جا ٻيلا ڪيترن قسمن جي جهينگن ۽ مڇين جي واڌ ويجهه لاءِ نرسريءَ جو ڪم سرانجام ڏيندا آهن. سنڌو درياءَ تي ڊئم ۽ بئراج ٺهڻ کانپوءِ انڊس ڊيلٽا جي تباهيءَ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڃا تائين جاري آهي. 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ان وقت به 80 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڊيلٽا ۾ ڇوڙ ٿيندو رهيو ۽ ان وقت تائين ڊيلٽا ۾ ڪو به ماحولياتي، سماجي ۽ معاشي بحران موجود نه هئو. ڊيلٽا جي تباهي جي تاريخ ڪا گهڻي پراڻي ناهي اها تباهي ڪا ٻه سو يا پنج سو سال پراڻي ناهي، نه اها انگريزن جي دور جي ڳالهه آهي ۽ نه ئي وري اها ٽالپرن يا ڪلهوڙن جي دور جي ڳالهه آهي. انڊس ڊيلٽا کي پهريون وڏو نقصان سيپٽمبر 1960 ۾ ٿيل سنڌ طاس معاهدي مان ٿيو. جنهن تحت ٽي درياهه ڀارت حوالي ڪيا ويا. بعد ۾ 1965ع ۾ وارسڪ ڊئم، 1967 ۾ منگلا ڊئم ۽ 1976 ۾ تربيلا ڊئم ٺاهيا ويا.

تمر جا ٻيلا انڊس ڊيلٽا جي سڃاڻپ رهيا آهن جيڪي ساحلي علائقن ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جا فطري محافظ آهن پر هاڻي تمر جا ٻيلا تيزيءَ سان ختم ٿي رهيا آهن. سوناميءَ جهڙين آفتن، خطرناڪ واچوڙن ۽ طوفانن لاءِ ڍال جو ڪم ڪم ٿا. انڊس ڊيلٽا جي اجڙڻ کان اڳ ۾ هتي ٻه لک سٺ هزار هيڪٽرن تي تمر جا ٻيلا موجود هئا. تمر جي اٺن جنسن مان هاڻي رڳو چار جنسون بچيون آهن. انهن چئن جنسن مان اويسينيا مئرينا 95 سيڪڙو ٿئي ٿي.

ڊيلٽا ۾ رهندڙ ماڻهن کي به پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ نه ئي وري صحت صفائي جون سهولتون ميسر آهن. نتيجي ۾ غربت جي باوجود هو پنهنجي آمدني جو وڏو حصو پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻ تي خرچ ڪن ٿا. سماجي اڻبرابريءَ جو اهو بدترين مثال آهي. انڊس ڊيلٽا ۾ زندگي آخري پساهن ۾ آهي. هن خاموش انساني بحران ۾ علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کان علاوه جانورن، ٻوٽن، وڻن سميت ملڪ جو هڪ اهم ماحولياتي خطو ختم ٿيڻ جي خطري هيٺ آهي. هن انساني بحران کي ختم ڪرڻ بجاءِ پاليسي ساز ادارا توڙي نام نهاد ماهر ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي وهائڻ کي زيان ۽ فضول سمجهن ٿا. ساڳئي وقت عالمي مالياتي ادارا سنڌو درياءَ تي وڌيڪ ڊئم ٺاهڻ لاءِ امداد ڏيڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. اها بدقسمتي آهي ته رٿابندي ڪندڙ ۽ پاليسي جوڙيندڙ ادارا انڊس ڊيلٽا جي تباهيءَ جهڙي اهم مسئلي جي شدت کي سمجهي نه سگهيا آهن. ملڪي توڙي بين الاقوامي قانونن ۽ معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪندي به ڊيلٽا کي مڪمل نظرانداز ڪيو وڃي ٿو.

صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي ورهاست بابت 1991 واري ٺاهه موجب ڊيلٽا ۾ رهندڙ ماڻهن، فطرت جي بحالي ۽ سمنڊ جي چاڙهه روڪڻ لاءِ ڏهه ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو ويندو. ٺاهه موجب ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جي ضرورتن جو تعين ڪرڻ لاءِ هڪ اڀياس ڪيو ويندو. پر اڄ تائين ان ٺاهه تي عمل درآمد نه ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ جي گذريل حڪومت ۾ سٺو موقعو مليو هئو ته 91 واري پاڻي ٺاهه تي صحيح معنيٰ ۾ عملدرآمد ڪرائڻ سان گڏ ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جي ضرورتن جي تعين لاءِ اڻ ڌريو اڀياس ڪرايو وڃي ها. پر پ پ پ اهو موقعو هٿان وڃائي ڇڏيو. ماحوليات تي ڪم ڪندڙ بين الاقوامي ادارا خاص ڪري آءِ يو سي اين پنهنجي هڪ اڀياس ۾ ڊيلٽا ۾ 35 ايم اي ايف پاڻي وهائڻ جي سفارش ڪري چڪي آهي.

30-sep-2014    44

ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جي ڇوڙ نه ڪرڻ سبب سمنڊ ڪيتري ئي زمين ڳڙڪائي ويو آهي. ان بابت به متضاد انگ اکر آهن. سنڌ حڪومت ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ کي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ هميشه غير سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ جو ڪيس سي سي آءِ ۾ به پيش نه ڪري سگهي آهي. آبپاشي کاتي ۾ تحقيق نالي ڪا به شيءِ ناهي. هاڻي ته جي آءِ ايس نظام تحت ڊيلٽا ۾ ٿيل نقصانن جو ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو ۽ ڊيلٽا ۾ ٿيل معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي نقصانن جا صحيح انگ اکر گڏ ڪري سنڌ جو ڪيس سگهارو ڪري پيش ڪري سگهجي ٿو. پراهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ سرڪاري سطح تي نيت جو هجڻ ضروري آهي. هن وقت ڊيلٽا ۾ سواءِ ٻوڏ جي ڏينهن ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿو ڪيو وڃي.

2010 جي ٻوڏ ۾ ڊيلٽا ۾ ڇڏيل پاڻي ماڻهن توڙي فطرت لاءِ لاڀائتو ٿيو پر اهو لاڀ عارضي ثابت ٿيو. ٻوڏ جي موسم ۾ جڏهن به ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو ته هڪدم نام نهاد ماهر سمنڊ ۾ پاڻي ضايع ٿيڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا.

ان سلسلي ۾ به سنڌ سرڪار اهڙي قسم جي مهم خلاف پنهنجو ڪو رد عمل ظاهر ڪرڻ بدران خاموشي جو مظاهرو ڪندي آهي. ڊيلٽا پوري پاڪستان جو گڏيل ورثو آهي ۽ ان لاءِ قربانيون به گڏيل ڏيڻيون پونديون. ڊيلٽا جي بحالي لاءِ ڳالهين بدران عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هي ورثو ايندڙ نسلن ڏي بهتر حالت ۾ منتقل ڪري سگهي.

ليکڪ ماحولياتي ماهر ۽ ڊيولپمينٽ سيڪٽر سان واڳيل آهي. هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو