Home / شوبز / بپاشا جي بلي بلي
above article banner

بپاشا جي بلي بلي

ڪ15   SEP 2014    15يريئر جي شروعات ۾ بهادريءَ سان اداڪاريءَ ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ بنگالي حسينه جي ڪاميابين جو سفر جاري آهي، ڪجھه وقت اڳ چيو ويو هو ته بپاشا جي ڪيريئر جو زوال شروع ٿي ويو آهي ۽ جلد هوءِ فلم انڊسٽريءَ مان ٻاهر ٿي ويندي. هن شروعات ۾ گليمر ۽ بولڊ ڪردار اپنايا. وقت سان گڏ هن پنهنجون ترجيحون مٽايون ۽ سنجيده ۽ بامقصد فلمن ۾ به نظر اچڻ لڳي. سندس پاران نڀايل مختلف ڪردارن جي لسٽ ۾ ڪيترين ئي فلمن جا نالا آهن، هڪ تازي انٽرويوءَ ۾ بنگالي اداڪارا بپاشا چيو ته مون کي ڊپ وارين فلمنن ۾ ڪم ڪرڻ جو تمام شوق هو، هن چيو ته اداڪارا بڻجڻ جو ڪو ارادو نه هو، مان ته ماڊلنگ مان ئي بيزار ٿي پئي هيس ان ڪري مون سوچيو ته ڇو نه اداڪاريءَ ۾ قسمت آزمائجي، تن ڏينهن ۾ مون کي ”اجنبي“ ۾ هيروئن جي ڪردار جي آڇ ٿي، اسڪرپٽ ٻڌم ته مون کي اها فلم نرالي محسوس ٿي، مون کي لڳو ته ”اجنبي“ جي هيروئن ٻين فلمن جي هيروئنن کان مختلف آهي، ان کان پوءِ مون اها فلم سائن ڪري ورتي، ان فلم جي شوٽنگ سوئٽرزلينڊ، ماريشس سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿي، شوٽنگ سان گڏ گھمڻ جو موقعو به مليو، هن چيو ته اجنبي جي شوٽنگ جاري هئي ته مون کي ”راز“ جي آڇ ٿي ايئن فلمي دنيا ۾ داخل ٿي ويس.

هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر فلمساز روهت شيٺي ساڳي مشهور جوڙيءَ کي پنهنجي فلم ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو