Home / سنڌ افيئر / خوشحال ڪشمير- بدحال بدين!
above article banner

خوشحال ڪشمير- بدحال بدين!

Allah Bachayoگذريل 10 آگسٽ 2014 تي ايوان صحافت بدين جي صحافين جي هڪ 14 رڪني ٽيم مصطفيٰ جمالي، ماما محمد هاشم ڀرڳڙي، حاجي محمود گُهمڻ جي اڳواڻي ۾ آل پاڪستان مطالعاتي ٽوئر ڪرڻ لاءِ بدين مان رواني ٿي.12 آگسٽ تي قومي اسيمبلي جي ڪاروائي ڏسڻ جو موقعو پڻ مليو ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ايوان ۾ باضابطا اهو اعلان ڪيو ته: ايوان صحافت بدين جا سنڌ مان آيل صحافي ايوان جي هلندڙ ڪاروائي ڏسڻ لاءِ آيا آهن. اسين ايوان طرفان انهن جي آجيان ڪريون ٿا. ٻي ڏينهن اسانجي منزل وادي ڪشمير جي گادي وارو شهر مظفرآباد هو. اسين 13 آگسٽ تي منجهند جو آزاد ڄمون ڪشمير جي راڄڌاني واري شهر مظفرآباد ۾ وڃي پهتاسين. جتي اسانجي پهرين منزل ايوان صحافت مظفر آباد ڪشمير هئي. جتي پهچڻ سان ايوان صحافت مظفرآباد جي ميمبر صحافي دوستن بشارت مغل، سجاد مير، سردار نعيم چغتائي، امير الدين مغل ۽ ٻين گرمجوشي سان اسانجي آجيان ڪئي.

مظفر آباد ريڊيو سان تعلق رکندڙ ڪشميري صحافي بشارت مغل چيو ته ڪشمير ۽ سنڌ جا پاڻ ۾ قديمي پيار وارا رشتا آهن. جيڪي اسان نڀائيندا اچون. مظفر آباد ۽ آزاد ڪشمير جي ناليواري صحافي سجاد مير پنهنجي بريفنگ ۾ چيو ته آزاد ڪشمير پاڪستان جو سئزرلينڊآهي. جنهن ۾ نيلم وادي فطرت جو مظهر آهي. هن ٻڌايو ته ڪشمير جي هن وقت ڪل آبادي 30 لک آهي جنهن آبادي کان ٻاهر يورپ، آمريڪا،  عربستان ۽ پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ رهن ٿا. باقي هن وقت آزاد ڪشمير ۾ فقط 10 لک ڪشميري آباد آهن. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي هر گهر جو ٽيون ماڻهو ڪشمير کان ٻاهر برسر روزگار آهي. ان ڪري آزاد ڪشمير ۾ تمام گهڻي معاشي خوشحالي آهي. هن چيو ته ڪشمير ۾ تعليم جو معيار تمام بلند آهي. ڪشمير ۾ خواندگي جي شرح 75 ڏهائي 5 آهي، جيڪا شرح ڏکڻ ايشيا ۾ ٽاپ تي آهي. هن ٻڌايو ته ڪشمير جي جنهن پرائمري اسڪول ۾ جتي فقط  ٽي ٻار زيرِ تعليم آهن، انهن ٽن ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ 5 سرڪاري استاد مقرر ٿيل آهن، جيڪي ايمانداري سان فرض نڀائن ٿا. هن چيو ته دفاع ۽ ڪرنسي کان سواءِ ٻيا معاملا آزاد ڄمون ڪشمير حڪومت جي اختياري هيٺ آهن. اسانجي قانونساز اسيمبلي، صدر ۽ وزير اعظم پنهنجا ڪشمير جا آهن. سجاد مير ٻڌايو ته مون کانسواءِ منهنجو سڄو خاندان انڊيا جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ رهي ٿو. اسان ڪشميرين سان ظلم جي انتها اها آهي ته اسانجي هر گهر جو خاندان  ٻن ملڪن جي سرحدن ۾ ورهائجي ويو آهي ۽ اهي ٻئي ملڪ هڪٻئي جا سخت مخالف آهن، جنهنڪري لکين ڪشميري جنڊ جي ٻن پڙن ۾ پيسجي رهيا آهن. ايم ڪيو ايم جي باري ۾ هن ٻڌايو ته ان پارٽي جو آزاد ڪشمير ۾ ڪو به وجود ناهي. ڪشمير ۾ ايم ڪيو ايم جا 500 ماڻهو به موجود نه آهن. ان جي باوجود آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جا ٻه ميمبر آهن، انهن مان هڪ ڄڻو وزير پڻ آهي. اها ڪشميرين سان زيادتي آهي. هن ٻڌايو ته آزاد ڪشمير اسيمبلي جي ڪل 48 سيٽن مان 12 سيٽون ڪشمير کان ٻاهر جي ڪشميرين لاءِ رکيل آهن، جن مان ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ ڌانڌلي وسيلي 2 سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن. هن ٻڌايو ته آزاد ڪشمير انتهائي پرامن پرڳڻو آهي. هتي ڏوهه نه ٿيڻ جي برابر ٿين ٿا. ڪشمير ۾ ڪا به فرقي پرستي ناهي. هتي جا سڀئي فرقا برداشت ۽ رواداري جو بي مثال مظاهرو ڪندي، امن سان رهن ٿا. پاڪستان ۾ جيڪا فرقاپرستي ۽ دهشتگردي جي ويڙهه هلي رهي آهي، اها هٿ سان پيدا ڪئي ويئي آهي. ان قسم جي ويڙهه جو ڪشمير ۾ ڪو به وجود ناهي.

30-sep-2014    34

هن چيو ته ڪشميرين جي خوشحالي ۾ حڪومت پاڪستان جو ڪو به ڪردار ڪونهي. ڪشمير کان ٻاهر رهندڙ ڪشميري اربين روپيا موڪلين ٿا، جنهن غير ملڪي ناڻي سان ڪشمير خوشحال آهي. هن شڪايت ڪئي ته حڪومت پاڪستان ڪشميرين جي قدرتي وسيلن تي ڌاڙو هڻي رهي آهي. موٽ ۾ ڪشميرين کي ڪجهه به نٿو ملي، جنهن ڪري آزاد ڪشمير ۾ پڻ والاريل ڪشمير جيئان احساس محرومي وڌي رهي آهي.

سنڌ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، شهيد بينظير ڀٽي، سائين جي ايم سيد ۽ مهاراجا ڏاهر جهڙا قومي اڳواڻ ۽ سورما پيدا ڪيا آهن.  ان سنڌ تي مونکي فخر آهي، هن سنڌ ۽ ڪشمير جي قديم تاريخي لاڳاپن جا حوالا ڏيندي چيو ته مها راجا ڏاهر ۽ ان جو پيءُ چچ اصل ڪشميري هئا.

جڏهن انهن صحافين اسانجو ڪيس ٻڌڻ چاهيو تڏهن انهن کي حاجي محمود گهمڻ، مصطفيٰ جمالي بنهه مختصر بريفنگ ڏني. مصطفيٰ جمالي بدين جي تيل ۽ گيس جو ذڪر ڪندي چيو ته بدين ضلعي ۾ تيل جون 11 ۽ سئي گئس جون 7 فيلڊون آهن، پر بدين ۾ ڪا به ترقي نه ٿي سگهي آهي. ان موقعي تي جڏهن مون انگن اکرن سان بدين جو ڪيس ڀرپور انداز سان ڪشميري صحافين اڳيان پيش ڪندي کين ٻڌايو ته هن وقت ملڪي پيداوار جو 56 سيڪڙو تيل ۽ 70 سيڪڙو گئس بدين مان پيدا ٿئي ٿو. بدين شوگر ڪين اسٽيٽ پڻ آهي. ان جي باوجود قدرتي وسيلن سان مالامال بدين جو شاهوڪار ترين ضلعو حڪومت ۽ چونڊيل عوامي نمائندن جي بي ڌياني ڪري بنهه ڪنگال ٿي، سڄي ملڪ جو غريب ترين ضلعو بڻجي ويو آهي، جتي غربت جي مجموعي شرح 90 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. بدين جا88 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ دوزخ جهڙي حياتي گهارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. بدين ۾ خواندگي جي مجموعي شرح 20 سيڪڙو کان به گهٽ آهي. بدين مان ڪا به مڪمل يونيورسٽي، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جو ڪو ڪاليج ناهي. بدين جا روڊ اکڙيل ۽ اذيتناڪ آهن، لکين ماڻهو پيئڻ جي پاڻي کان پڻ محروم آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو