Home / سنڌ افيئر / ذوالفقارآباد رٿا: سنڌ خلاف خطرناڪ سازش!
above article banner

ذوالفقارآباد رٿا: سنڌ خلاف خطرناڪ سازش!

Zahid Murtazaسنڌ کي ورهائڻ ۽ سنڌ ۾ انتظامي يونٽ ٺاهڻ جون ڳالهيون اڄ ڪلهه زور شور سان جاري آهن. هڪڙا آهن جيڪي رات ڏينهن سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جا خواب ۽ منصوبا سٽين ٿا ۽ ٻيا وري اهي آهن، جيڪي سنڌي ٽوپي نراڙ تي رکي، اجرڪ ڪلهي تي پائي، “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون” جا نعرا هڻي نه رڳو پاڻ مزا وٺن ٿا، پر اٻوجهه سنڌ جي خلق خدا کي اهڙو ته جذباتي ٿا ڪري وجهن ڄڻ واقعي سنڌ جا سڄڻ هجن ۽ سنڌ جي عوام کي اهڙو ته اچي قابو ڪيو اٿن ڄڻ سنڌ انهن کي خانداني وراثت ۾ ملي هجي. جيڪڏهن اهڙا ئي سنڌ سان سچا هجن ها ته اڄ هن سونهاري، سکي ستابي ۽ سائي سنڌ جو ههڙو حشر نه هجي ها جو ڳوٺ ته ٺهيو پر وڏا شهر به انساني بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن. نه روڊ نه رستو، پيئڻ جو پاڻي اڻ لڀ، نوڪري پئسن تي، امن امان وڏيرن ۽ پينا فليڪسي واٺن حوالي ۽ سنڌ جي بيورڪريسي کي ته اهڙو ڪري ڇڏيو اٿن جو مجال آهي جو اُهي نام نهاد چونڊيل نمائندن جي آشيرواد کان سواءِ ڪو ڪم ڪن.

جيئن اسان وٽ جمعي ڏينهن ڄاول به سيد سڏائي تيئن موجوده حڪومت به پنهنجي پهرين دور حڪو مت ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي نالي تي ٺٽي شهر سان لڳو لڳ هڪ نئون شهر “ذوالفقار آباد” جي نالي سان اڏڻ جو اعلان ڪيو. جيئن ته شهر جو نالو ذوالفقارآباد آهي ان ڪري نه ان تي ڳالهائبو ۽ نه وري ان تي جرح ڪبي. ڇو جو “قائد عوام” جي نالي سان سنڌ جي ايندڙ مستقبل ۾ ورهاست جو بنياد رکيو ئي اهڙي نالي سان اٿن ته جيئن عوام کي گمراهه ۽ بيوقوف بڻائي سگهجي. بورڊ آف روينيو جي انگن اکرن مطابق ذوالفقارآباد جو شهر ڪو ٽي لک پنجهٺ هزار ٽي سو ڏهه ايڪڙن تي مشتمل هوندو ۽ ان جي ايراضي پندرهن سو اسڪوائر ڪلوميٽر هوندي. هڪ اندازي موجب مستقبل ۾ ان جي آبادي هڪ ڪروڙ خلق خدا تي مشتمل هوندي. هاڻي هڪ ڪروڙ ماڻهن جي بنيادي ضرورتن جو ڪاٿو ڪو لکن يا اربن ۾ نه پر کربن ۾ هوندو. ڇو جو ان کي ميگا سٽي چون ٿا ۽ اهو پڻ چون ٿا ته ذوالفقار آباد پاڪستان جو دبئي هوندو. اهو مقامي ماڻهن لاءِ ڪيترو فائديمند هوندو ان جي خبر هڪ الله کي ۽ ٻيو انهن کي جن ميگا سٽي جو خيال تخليق ڪيو آهي. اسيمبليءَ جي منظور ڪيل بل مطابق، ذوالفقارآباد جو ڪنٽرول اسلام آباد ۾ ويٺل پاڪستان جي خيرخواهن وٽ هوندو. پر ان تي ايندڙ شروعاتي خرچ ونگاري سنڌ ڀريندي جو سنڌ هن پياري پاڪستان کي جنم ڏيندڙ صوبو آهي ۽ رٿا جو نالو به سنڌ جي ماڻهو جو رکيو اٿن، جن تي سنڌي اکيون ٻوٽي نه رڳو ويساهه ڪن ٿا پر پاڻ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين تي ٻڙڪ به ٻاهر نه ٿا ڪڍن. ان ڪري ميار خاطر سنڌ جو وڏو وزير ۽ چيف سيڪريٽري، ان رٿا جا ميمبر هوندا باقي ڪل خير…

30-sep-2014    26

جتي سڄي سنڌ کنڊرات هجڻ جو ڏيک ڏئي ٿي اتي هن قسم جي ميگا سٽي جي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي… ڳالهه بلڪل به سمجهه کان ٻاهر ناهي. ٿورڙي عقل، غور، ويچار ۽ سوچ سان سمجهه ۾ اچي ويندي. ذوالفقارآباد رٿا جيڪڏهن واقعي به عملي جامو وٺي ٿي ته يقينن هاڻوڪي سنڌ هن ڌرتي جي گولي تي ڪنهن ٻي روپ ۾ هوندي پر هن شڪل ۾ نه هوندي. ڇو جو ذوالفقارآباد تي ايندڙ خرچ سنڌ جي بجيٽ مان ٿيندو. جڏهن خرچ ئي سنڌ جي بجيٽ مان ٿيندو ته پوءِ باقي ضلعن کي ڇا ملندو ۽ انهن جي ترقي هڪ خواب بڻجي ويندي. هن وقت جڏهن سڄي سنڌ پاڻيءَ ڍڪ لاءِ پريشان آهي، جتي زراعت لاءِ پاڻي ناهي ۽ زرعي زمينون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آهن ته پوءِ ان ايڏي وڏيءَ معيشت کي پاڻي ڪٿان مهيا ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن اهو شهر آباد به ٿي ويو ته پوءِ ان انسان ذات جي غلاظت کي ڪاڏي ڪڍبو جو سمنڊ ته اڳ ۾ ئي گدلو ٿي چڪو آهي ۽ ان لاءِ ڪا به فني پلاننگ ناهي ۽ ڪير انهن ڌارين کي روڪيندو ته اهي ذوالفقار آباد ۾ نه اچي رهن ۽ روزگار ڪن. ته پوءِ يقينن ڌرتي ڌڻين لاءِ ڌرتي تپائي ويندي جيڪا اڳئي تپي پئي آهي…

تازو ڪراچي ۾ “فرينڊس آف انڊس فورم” پاران ذوالفقارآباد تي هڪ سنڌي ۾ پوزيشن پيپر جاري ڪيو ويو. ان پيپر ۾ باقي تباهي سان گڏ، ماحولياتي تباهي تي تفصيلي رپورٽ ڏني وئي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن شهر جي اڏجڻ سان تمر جي ٻيلن جو خاتمو ٿي ويندو. زمين جي قدرتي استعمال ۾ تبديلي آڻڻ سان مقامي ماڻهن جي پيٽ گذر تي لت اچي ويندي. تمرجي ٻيلن جي صفائي نه سبز ڪمين جي ماڳن ۽ جوءِ جي تباهي اچي ويندي ۽ ان سان گڏوگڏ هي رٿا انڊس ڊيلٽا کي تباهه ڪري ڇڏيندي، جنهن سان سڄو ماحولياتي سرشتو ڊانوان ڊول ٿي ويندو.

رپورٽ ۾ اهي سڀ خدشا ڏيکاريا ويا آهن، جيڪي مستقبل ۾ سنڌ جي ساحلي پٽي کي اهڙو ته نقصان ڏيندا جو اتان جا مقامي ماڻهو، انهن جي رهڻي ڪهڻي، ڪلچر، ثقافت ۽ روزگار سڀ جو سڀ داءَ تي لڳي ويندا ۽ موجود سرڪار ۾ اِها ٿوم ئي ناهي جو اِها مقامي ماڻهن جي زخمن تي پها رکي سگهي ۽ ان نقصان جو ازالو ڪري سگهي. ان ڪري ان تباهي آڻيندڙ رٿا کي بنا دير ختم ڪري، سنڌ جي ضلعن کي بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن، جيڪي اتان جي ماڻهن جو بنيادي ۽ قانوني حق آهن ته جيئن اهي هن ڌرتي تي عزت ۽ آبرو سان رهي سگهن.

ٻي صورت ۾ اگر هي نام نهاد رٿا جيڪا ذوالفقار علي ڀٽي جي نالي ويڙهيل تباهي آڻيندڙ آهي اِها سنڌ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪندي. ڇاڪاڻ جو هي شهر آباد ٿي ويو ۽ ان جي آبادي هڪ ڪروڙ کان مٿي چڙهي وئي ۽ هاڻوڪي ڪراچي جي آبادي ان وقت ڇا هوندي، ان ڪري سنڌ جي ازلي دشمنن جو ارادو اڃا به زور وٺندو ته هاڻي سنڌ کي ورهايو جو سنڌ ۾ انيڪ سماجي ۽ اقتصادي مسئلا آهن ۽ وسيلن جي اڻاٺ آهي. ان ڪري سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو.

هونئن به دشمن جي اک ۾ ڪراچي کان وٺي سڄو لاڙ جيڪو مالي وسيلن سان نه رڳو مالامال آهي پر پياري پاڪستان جي بجيٽ جو وڏو حصو ان جي آمدني سان اچي ٿو. ان تي دشمن جي شروع کان وٺي اک آهي. ان ڪري الطاف حسين جو بيان سنڌ ورهائڻ وارو، جذباتي ٿي سوچڻ سان نه پر هڪ مضبوط ۽ پائدار حڪمت عملي سان ئي ان کي نيست و نابود ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري اهي سڀ رٿائون، سازشون ۽ سنڌ ڏانهن کڄندڙ ميرين اکين کي هڪ گڏيل جهدوجهد ۽ آواز سان ئي مات ڪري سگجهي ٿو.

باقي موجوده نالي ۾ نهال سرڪار جيڪو سنڌ اسيمبلي ۾ بل پاس ڪرايو آهي ان جي آسري نه ته ويهڻ گهرجي ۽ نه وري هاڻي ان پارٽي جي قيادت تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو. ڇو جو ان پارٽي ۾ گهڻن ئي غدارن جا پٽ ۽ مائٽ ويٺا آهن، جن ون يونٽ کان وٺي لوڪل باڊيز جي ڪاري قانون کي سنڌ تي مڙهڻ کان وسان ڪين گهٽايو ۽ اها ڳالهه به ياد ڪرڻ گهرجي ته ستر واري ڏهاڪي ۾ بنگلاديش هن پياري پاڪستان کان ڪيئن الڳ ٿيو يا ڪيو ويو ان ڪري سنڌ کي ورهائڻ وارا پنهنجي ڪم کي لڳل آهن ۽ ذوالفقارآباد رٿا به ان جي ڪڙي اڄ نه ته سڀاڻي ضرور بڻبي.

سنڌ جي قومپرست تنظيمن ۽ سماجي تنظيمن کي گهرجي ته اهي گڏجي ان جي خلاف ماڻهن کي موبلائيز ڪن.

هر ڳوٺ ۽ وستي واهڻ ننڍين ننڍين ڪارنر گڏجاڻين ذريعي ماڻهن کي ان رٿا جا ناڪاري پهلو ٻڌائين ۽ اهڙا گروپ جوڙيا وڃن جيڪي بين الاقوامي فورمن تي سنڌ جو نه رڳو دفاع ڪن پر ان سازش کي وائکو ڪن ۽ شهرن ۾ رهندڙ اردو آبادي کي ڪيئن پنهنجو ڪجي ان جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي سخت ضرورت آهي بجاءِ جو انهن کي چوءڪن تي بيهي گاريون ڏجن…..

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو