Home / پروفائيل / سالگرهه جي حوالي سان ڪاڪو قربان پيرزادو: ڪجهه دل جون ڳالهيون!
above article banner

سالگرهه جي حوالي سان ڪاڪو قربان پيرزادو: ڪجهه دل جون ڳالهيون!

Hamsaffar Gadehiسنڌ مختصر آ، ڦري گهري ماڻهو جو ڪٿي نه ڪٿي مکاميل ٿيو وڃي. ايئن ئي سموري سنڌ ۾ مروج چوڻيون، محاورا ۽ لفظ به مختلف هنڌن تي ساڳي نوعيت ۽ معنيٰ ۾ استعمال ٿيندي ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. ايئن آءُ تجربي آڌار چوان ٿو، ڇو ته اسان ٻاروتڻ ۾ پنهنجي والد جو ڪو ڀاءُ نه هجڻ باوجود سندس سوٽن کي احترام وچان سمورا ڀائر توڙي ويجها عزيز “ڪاڪو” ڪري سڏيندا هئاسين. ايئن اهو لفظ مونکي 90ع جي ڏهاڪي ۾ تڏهن ڪنن سان ٽڪرايو جڏهن آءُ روزاني عوامي آواز ۾ ڪم ڪندي سائين انور پيرزادي کي ويجهو ٿيس، کيس ٻلهڙيجي جا سمورا پيرزادا عزت ۽ احترام وچان “ڪاڪو انور” ڪري سڏيندا هئا ۽ انور صاحب جي ڪري ئي قربان پيرزادي صاحب سان ميل ملاقات ٿيندي هئي. گهڻو پوءِ مون ٻلهڙيجيءَ سان واڳيل پنهنجي ڪافي صحافي دوستن خاص طور سؤٽ زلف پيرزادي ۽ الطاف پيرزادي واتان قربان صاحب لاءِ به “ڪاڪو قربان” چوندي ٻڌو، تڏهن مونکي پڪ ٿي وئي ته ٻلهڙيجيءَ جا پيرزادا به ٺيٺ ٻهراڙيءَ واري ان ڪلچر جو مان سدا مٿاهون رکيو ٿا اچن، جنهن ۾ ڪٽنب جي هر وڏڙي کي احترام وچان ڪاڪو ئي سڏبو آهي.

جيتوڻيڪ قربان پيرزادي صاحب سان منهنجي ويجهڙائپ جو ٻيو حوالو منهنجو نهايت دلبر دوست ظهير ميراڻي آهي، جيڪو اڃا به مونکي سوٽ ڪري سڏيندو آهي ۽ آءُ به کيس پنهنجي سڳن سوٽن وارو مانُ ڏيندو آهيان. ان اکر پٺيان هڪ پسمنظر آهي، ٿيو ايئن ته صحافت جي دنيا ۾ سائين ف -م لاشاري ۽ سائين انور پيرزادو، هڪٻئي کي سوٽ سڏيندا هئا-اسان ٻنهي دوستن به اهو اَکر اتساهه طور کانئن اُڌار ورتو ۽ اڄ ڏينهن تائين اُن جو مانُ به رکندا اچون. ظهير وٽ به قربان صاحب سان کوڙ ڪچهريون ٿينديون هيون. ياد ٿو پويم ته جڏهن پاڻ سڌ سماءُ واري کاتي ۾ ڊائريڪٽر هئا تڏهن اسان ٻنهي دوستن سنڌ سجاڳ اخبار ۾ پارٽنرشپ ڪئي هئي جيڪا هلي ته مختصر عرصو، ان وقت سائين صفدر شاهه سنڌ انفارميشن کاتي ۾ اشتهارن واري شعبي جو جو ڊائريڪٽر هجي، جيڪو پيرزادي صاحب جو ڪلهه تائين به پڳ مٽ يار هو ۽ اڄ به آهي. بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي انهن ٻنهي صاحبن اسانجي جيڪا مدد ڪئي اها ڪڏهن به نٿي وساري سگهجي-پر آءُ اهو سڄو ڪريڊٽ پيرزادي صاحب کي ڏيندس ڇو ته ان سان جيڪڏهن قرب جي ڪا تند جُڙيل نه هجي ها ته شايد ايئن ممڪن نٿي سگهي ها.

30-sep-2014    51

قربان پيرزادو، جيڪو آءُ سڃاڻان گهٽ ۾ گهٽ اهو ڪامورو هوندي به ڪڏهن ڪامورو نه رهيو، ڇاڪاڻ ته هي نهايت ٻاجهارو شخص سدائين ڦلدار وڻ وانگر جهڪيل ئي رهيو. دوست، يار ته پنهنجي جاءِ تي پر سندس وٽ جيڪو به ايندو هو عزتون ماڻي ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هو اڄ جڏهن پنهنجو ڪيريئر پورو ڪري رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو آهي تڏهن به سندس وٽ دوستن احبابن توڙي سندس اڳوڻي کاتي سان واڳيل ماڻهن جي جهرمٽ نظر اچي ٿي. حالانڪه رٽائرڊ ماڻهن وٽ ڪير لڙي به نه ويندو آهي، جيڪا خود سماجي بي حسي آهي. هن لاجواب شخص کان زندگيءَ جي اوڀارين لهوارين بابت گهڻو ڪجهه پرايوسين، اهو وکر پوءِ زماني سازيءَ جو هجي يا ماڻهن کي مانُ ڏيڻ جو، بهرحال سڄي زندگي لاءِ هڙ ۾ ٻڌي رکيو آهي، جيڪو قدم قدم تي ڪم اچي پيو.

ٻلهڙيجي جنهن جو سنڌ ۾ “لٽل ماسڪو” طور الڳ ٿلڳ تعارف موجود آهي، تنهن ڳوٺڙي ۾ ڪاڪي قربان پيرزادي 4 سيپٽمبر 1948ع تي چاچي حسن علي پيرزادي جي گهر اک کولي-پاڪستان جو جنم ٿيو 47ع ۾ ۽ قربان پيزادي صاحب جو جنم ٿيو 48ع ۾، ان حساب سان پاڻ پاڪستان کان فقط هڪ سال ننڍو آهي، يعني لاوا ڪانڊا، همعصر ۽ هم عمر. قربان صاحب سڄي ڄمار کاٻي ڌر جي سياست سان واڳيل رهيو، ايم آر ڊي ۾ به ڪامريڊن جي ڪم ايندو رهيو- ليڪن خاموش سپاهي طور پنهنجو ڪردار ادا ڪيائين، ڪڏهن به پنهنجي ڪيل چڱائي کي ڪٿي به ڪئش نه ڪرايائين. ڏتڙيل طبقي ۽ سنڌ جي ڀلائي چاهيندڙ هي دلبر شخص اڄ به سماج ۾ مثبت تبديليءَ جا خواب اکين ۾ ٽاڪيو ويٺو آهي. جيتوڻيڪ عمر جي هن حصي ۾ سندس طبيعت به ٺيڪ نٿي رهي، کيس هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڊائراسز جي ڪرب مان گذرڻو پوي ٿو. آءُ ويجهڙ ۾ به ساڻس قرب ڪچهري ڪري آيو آهيان-ورهين کانپوءِ ملياسين تڏهن به سندن ساڳيو پيار ۽ قرب-شال سندن صحت سلامت رهي، ۽ وڏي ڄمار ماڻين-ڇو ته اهڙا ماڻهو سنڌ جهڙي سماج ۾ ورلي ڄمندا آهن، جيڪي پنهنجي ذات کان گهڻو اڳتي ڏور رس نگاهه رکندا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو