Home / اسپيشل افيئر / سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جو جنم!
above article banner

سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جو جنم!

بدناموسي وڪوڙيل لڏو-پيٽي بورجوا يا مڊل ڪلاس. سماجي سطح تي ان کي صدين جي سجاڳي ڪوٺجي. گذريل ٻه سو سال پورهيت جي وڏائيءَ جو راڳ آلاپجندو رهيو آهي. پگهر جو کائڻ کي وڏي اهميت ڏني وئي. غلط به ناهي. سوشل سائنس ۽ اِڪانامڪس ۾ “ليبر” هڪ ڌار ۽ خاص عنوان طور اُڀار کاڌو. ناڻي جي محنت سان تعلق جي وضاحت سامهون آئي. ڪارل مارڪس جون مهربانيون مڃجن. تڏهن پڻ جڳ جهان جي مختلف معاشرن ۾ چاڙهو، جَهجَهو تعدا رکندڙ مزدور، هاري خلق هٿان ايترو نه ٿيو آهي جيترو تنهن اوسر کي وچولي طبقي جي سمجهه ۽ ڦُڙتيءَ ڪلهو ڏنو. قبول ڪجي ته بنيادي رول، ورڪنگ ڪلاس جو هجي ٿو. هيٺيون پرت سندس تاريخي جوابداريون ڪين نباهي سگهي، جيڪڏهن پيٽي بورجوا جي ڏاهپ ۽ اڳواڻي مُيسر نه رهيس. پوئين سو ورهين اندر، عوامي ليول تي سنڌ منجهه ترقي مائل، پروگريسو اُڇل نه ٿي ڏسڻ ۾ اچي ته اُن جو ڪارڻ وٽس مڊل ڪلاس جي اڻهوند کي پڻ چئجي. طبقاتي ڍانچي جي پختي بيهڪ خاص طور تي هيٺئين وچولي تهه ۾ گهاريندڙ انيڪ ماڻهن جي گڏيل سگهه وسيلي حاصل ٿيندڙ لقاءُ آهي. ايم آر ڊي هلچل سَو واقعو نه سڏجي جنهن نوع جا ڪُڏَ سوسائٽي کي ريڊيڪل تبديليءَ جي ٻئي طرف وڃي بيهارين. 1983ع تائين، جڏهن ته، هتي پيٽي بورجوا ڪنڌ کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو هئو.

باقي هندستان وانگر اسان وٽ پڻ مڊل ڪلاس جو ڄَمُ انگريزي ٻولي سکڻ ۽ ٻيا علم تنهن زبان ۾ پرائڻ مُحابي ٿيو. برٽش سرڪار پنهنجي وائي کڻي آئي. مقامي ٻولين ڪاڻ احترام ضرور هئن. انگلش جي واڌ ويجهه ۾ گهٽتائيءَ کان ڪم به ڪين ورتائون. سڄو سارو انتظامي بَوتَو حاڪمن جي زبان تي اُڀو ٿيو. جنهن انگريزيءَ ۾ مهارت ڏيکاري سو ڪمي ڪاسبي طبق مان نڪري، سلطنت جو ڀاڱو ٿي ويو. ڪلاسيڪي قائدن هيٺ ان لڏي جو نِسرڻ پيداواري رشتن ۾ ڦيرڦار ۽ مشيني دور جي بَرَ ۾ واڌ سان لاڳاپو رکندڙ هجي ها. ٻولي گهٽ ڪارج سانڍيندڙ عنصر ڄاڻجي. ايئن نه ٿيو. برطانوي راڄ جي خاتمي گهڙيءَ باقي انڊيا سان گڏ سنڌ به انڊسٽريل زماني کان ڪوهين ڏور هئي. اڃا پڻ پسجي.

ننڍي کنڊ ۾ غير فطري انداز سان اک کوليندڙ پيٽي بورجوا منجهه هندو وڌيڪ ڇو هئا؟ آباديءَ جي ڀيٽ کي ڇڏيو. مسلمان جيترو سيڪڙو هتي رهن پيا تنهن موجب وچولي طبقي ۾ سندن حصو نه جُڙي سگهيو. انگريز گورنمينٽ جي مڪاري؟-عاقل ان امڪان کي رد ٿا ڪن. انگلش وانگر ٻين ٻولين جي ترقي خاطر ساڳيا موقعا موجود ڪري ڏنائون. فارسي، عربي ڏانهن مذهبي جُهڪاءُ ڏٻرو ڪارڻ آهي. سيد احمد خان جي تحريڪ اوائلي ڏهاڪن کان تنهن ڀت ۾ ڏار وجهي ڇڏيا. گُرمکي کان رومن لپي طرف پنڌ هندو ڌرم وارن ڪاڻ پڻ آسان ڪو نه هئو. وٽن البت غير مُسلم برٽش حاڪمن جي قريب اچڻ واسطي سگهارو اُتساهه هئو. اٺ سو ورهين کان مٿي، اسلام جي نالي ۾ ڪاهون، ڦُرلٽ ۽ بادشاهتون هندستان ۾ سندن اڪثريت لاءِ برباديءَ جو وسيلو رهيون. گروهي لحاظ کان منجهن جنم وٺندڙ رد عملي احساس ئي کين يورپي عيسائين جي ويجهو آڻڻ جو ذريعو بڻيو، هجي سگهي ٿو. هِندو مُسلم تضاد پوءِ به منجهيل سُٽَ مثل هن خطي جي دانش سامهون رکيو آهي. جنهن جو ڇيد، سُلجهاءُ بنهه سولو ڪم نه چئجي. اتهاس جي ڊگهي چادر ۾ سوراخ ڪري گهڻو هيٺ، پاتال ۾ پاڙون سانڍيندڙ ان دق جي اصليت پرکڻ ۽ علاج ٻڌائڻ وارا حاذق پرلوڪ وسائين-ايئن ٿو لڳي. ڀارت ۾ هاڻوڪين چونڊن دوران عام خلق جي وحشي اُڌمن کي مذهب جو جُبو پائي دنيا آڏو خوار ٿيندي سڀني نهاريو. مودي پارو خوني ماڻهو اقتدار جي مسند ماڻي، مسلمانن جي رت پيئڻ سواءِ ڪيئن ممڪن هو؟ برٽش راڄ جي نيت ڪهڙي به هئي، هندو گهڻائي غليظ قسم جي غلاميءَ مان چاڙهو انگريز سلطنت منجهه ئي حاصل ڪري سگهي. ڪيترا رخ رکندڙ ٽڪساٽ رستي.

15   SEP 2014    8تاريخ جي مهيا ڪيل تفصيل ۾ تنهن کان ٻاهر شايد سي سبب ڳولهي سگهجن جن ڪارڻي سنڌ جي تعليمي منظر تي سڀ کان اول هندو نروار ٿين ٿا. 1850ع کان درسگاهن جي ڄار وڇائڻ باوجود مهراڻ جي واديءَ ۾ ايندڙ نوي سالن اندر يعني 1940ع تائين فقط هڪڙو مسلمان سنڌي ايم اي پاس گڏجي ٿو. اگهورتا جي حد آهي. موت جهڙي ننڊ پيل اسان کي اوچتو ڇرڪ پيو. ياد آيوسين ته پاڻ جاگرافي، تهذيب ۽ ڪلچر کان نهايت اوپري، ڌرمي رشتن جي بنياد تي الڳ، مُسلم قوم آهيون. هندستان کي ڪيئي ٽُڪرَ ڪرڻ جي عمل ۾ وت آهر ڀاڱي ڀائيوار ٿياسين. پڙهيل لکيل، اسرندڙ سنڌي هندو مڊل ڪلاس کي تڙي ٻاهر ڪڍڻ ۾ وسان ڪين گهٽايوسين. جيڪي هِت رهجي ويا تن ڪاڻ پرمانند ميوارام پنهنجي ترتيب ڏنل لُغت ۾ درست چيو آهي-ڄَٽُ معنيٰ سنڌي مسلمان ڳوٺاڻو. شهرن تائين جي پنڌ ۾ اسان کي اڃا چاليهه ورهيه ٻيا لڳڻا هئا. ستيتاليهه کان ستر جي ڏهاڪي دوران هن پرڳڻي سان ڪيترا ڪِيس ٿيا، سا وري جُدا آکاڻي آهي.

ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي حڪومت هلندي سنڌي ماڻهن جي رياستي سسٽم ۾ داخلا جو ڪجهه انتظام ٿيو. بنهه ننڍي سطح تي. مانوارو نصير ميمڻ جنهن لاءِ ليٽرل انٽري جو محاورو ڪتب آڻي ٿو. ان کي جائز راهه نه ڪوٺجي ته ڪنهن کي اچرج ڇاڪاڻ وٺي. هينئر سڌي ۽ غلط واٽ ۾ تفاوت هونئن به مِٽجي چُڪو آهي. وچولي طبقي وٽ ئي ڀلي بُري جي سڃاڻ هجي ٿي. اهو گروهه جيڪڏهن پُلاءَ ۽ پَولي ۾ فرق وڃائي ويهي ته مٿئين ڪلاس ۽ هاري، مزدور لاءِ ڪهڙي ميار سانڍجي. امير، بورجوا جو وجود ڪمي ڪاسبي لوڪ جي رت چوسڻ ڪارڻي ڌرتيءَ تي هُوند رکي ۽ پورهيت، پرولتاري خاطر اخلاقيات جو اُٺ فقط جياپي جي گهاڻي چوڌاري گهمي. تنهن لقاءَ منجهه ٺيڪ ۽ نه ٺيڪ جي پرک ڪري سگهندڙ پيٽي بورجوا کي اڄ وَقتُ هر طرح جي فُضلي ۾ هٿ وجهندي نهاري ته عجب نه وٺيس. پ پ جي پهرين سرڪار کيس ڪوٽا سسٽم ۽ ٻين طريقن وسيلي، چوردروازو ٽپائي، اسٽيٽ ايپريٽس جي هيٺئين تهه کان مُلڪي ڍانچي جو حصو نه بڻائي ها ته هُو هاڻ به ساڳيا لوڙها لتاڙيندو پسجي ها. اونداهه کي مقدر ڄاڻي قبوليت جي هام وات تي هجيس ها. صدين کان جيئن عادي رهيو آهي. نُطفي ۾ نقص سبب سندس گهربل تاريخي رول اُڀار کائي ڪين سگهيو. سنڌ واسطي هڪ وڏي ٽرئجڊي چئجي.

وري ٿو لکجي ته ڌرتيءَ جي هِنَ ڀِڪ وچولي طبق جو جنم انڊسٽري ۽ ٽيڪنالاجي، صنعت ۽ حرفت ۾ ترقي سان تعلق رکڻ بجاءِ تعليمي اوسر ۽ سو به انگريزي ٻولي ۾ سکيا سان سڌي نسبت رکندڙ آهي. غلط سمئه تي ۽ غلط نموني ٿيو. مڊل ڪلاس سَنديون پيدائشي ڪمزوريون کڻي ڦهلاءَ جي مرحلي ۾ آهي. سوسائٽي کي سُک رسائڻ بدران مايا ڄار، هر قسم جي ڪرائيم جا شعلا پاليندڙ اوڙاهه ۾ ڌِڪو ڏنو اٿائينس. منجهس ڀڃ ڊاهه جي اڻکٽ سلسلي کي وجود ۾ آڻڻ جو مُحرڪ ڪوٺجيس ته غلط نه هوندو.

هر ڏُٻري فرد وانگر اسان جو سَرنديءَ وارو، پيٽي بورجوا مذهب ۽ نيشنلزم جي ڇَانوَ بي آراميءَ وچان تلاشي رهيو آهي. ٻئي گهاٽا بَڙ جن هيٺان پير پٿاري ويهڻ ڪاڻ آتو ٿو ڏسجي. واندڪائي ۽ جهالت جو شڪار، ماتامي سنڌ جو مڊل ڪلاس پنهنجي اڻ فطري ڄَمَ جي داغ تي شرمسار آهي ۽ نه وري سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ سرواڻيءَ جي نباهه ۾ ڪوتاهيءَ جو ڪو احساس اٿس. وطن کي مليا ميٽ ڪرڻ وارا سانباها بي حسيءَ گاڏڙ دوڏن سان تاڙي رهيو آهي. فڪر آهيس پر ڪڌائپ سان جمع ڪيل زندگيءَ جي جڙتو سهنجاين ۾ اڃا سرس واڌارن ۽ سُڌارن جو. ليکڪ سرنهن جيترا داڻا نه ٿئي ته هُو سنڌ جي وچولي طبقي کي اهڙو ڀاءُ مڃڻ ڪاڻ تيار آهي جنهن کانسواءِ ڀَر ۾ رکيل کٽ خالي چڱي چئجي. جديد زماني جي گُهرجن آهر ڏيهه جي ترقيءَ جو بار پيٽي بورجوا جي مٿي تي هجي ٿو. سندس لڇڻ ڏسي ڍَڪڻ ۾ ڍُڪَ پائي ٻڏي هتيا ڪري ڇڏڻ تي دل چوي، تنهن کان وَڌ ڪهڙا لفظ اُچارجن؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو