Home / سنڌ افيئر / سيوهڻ ڊيولپمينٽ اٿارٽي، ڪرپشن مافيا جي ور چڙهيل!
above article banner

سيوهڻ ڊيولپمينٽ اٿارٽي، ڪرپشن مافيا جي ور چڙهيل!

Zahid Khokharسنڌ جي عوام کي سستي ۽ بهتر رهائش فراهم ڪرڻ واسطي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي دور ۾ قائم ڪيل ادارو سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ڪامورن لاءِ ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويو آهي. تعليم جي حوالي سان مشهور ڄامشوري ۾ قائم ٿيل هي ادارو پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. جتي ڪامورن جي ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي ڪري ادارو بدحالي جو شڪار آهي، اداري جي قائم ٿيڻ کانپوءِ مختلف ڪامورن کي ڊائريڪٽر جنرل ۽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جن حڪومتي حلقن جي آشيرواد سان اداري اندر ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ وڏي پئماني تي جعلي ڀرتيون ڪيون ويون، گڏوگڏ پنهنجن مٽ مائٽن، چاچن مامن کي جعلي طريقي سان ڀرتي ڪرائي کين سڻڀيون پوسٽون به ڏنيون ويون.

ان سلسلي ۾ سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو دورو ڪيو ويو ۽ ڪجهه حقيقتون ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن مان پتو پيو ته اداري ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ۽ اقربا پروري جا رڪارڊ ٽٽل آهن ۽ اتي کي رڳو مال غنيمت سمجهي ٻنهي هٿن سان لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي. اداري جا ڪامورا ۽ سندن ساٿاري ته موجن ۾ آهن پر غريب ملازم پگهارن کان به محروم آهن، رهائشي اسڪيمون ۽ اسڪيمن جي اين او سي ڏيندڙ اداري جا پنهنجا ملازم بي گهر بڻيل آهن، ان جي لاءِ ڪا به اسڪيم شروع نه ٿي سگهي آهي. مختلف مدن ۾ آيل رقمون ڪامورن ۽ سندن سرپرستي ڪندڙ اهم حڪومتي حلقن ڳڙڪائي ڇڏيون آهن.

15   SEP 2014    18

ايس ڊي اي جون حدون ڪراچي کان دادو ضلعي تائين اچن ٿيون ۽ اتي شروع ٿيندڙ ڪنهن به رهائشي اسڪيم لاءِ ايس ڊي اي کان اين او سي وٺڻ لازمي هجي ٿي پر سوين رهائشي اسڪيمون بغير اين او سي جي هلندڙ آهن. زمين تي ڪيل دوري کانپوءِ اهو پتو پيو ته ايس اي ڊي عملدارن جي ڳٺ جوڙ يا لاپرواهي سبب ڪو به بلڊر کانئن اجازت وٺڻ ضروري نٿو سمجهي. اهڙين غير قانوني اسڪيمن ۾ مبينه طور انڊس هائوسنگ اسڪيم، زين هائوسنگ سٽي، مڪا ٽائون، لبيڪ هائوسنگ اسڪيم، الفتح ڪوآپريٽو سوسائٽي، فضا گارڊن، اقبال گرين سٽي، ڪرائون هاءِ وي، المنظر سٽي، سڪندر سٽي، الطائف سٽي، نيو ڄامشورو ٽوئن سٽي، علي ٽائون، ڪريم ڪالوني، الحرم سٽي، لنڊن ٽائون، گورک سٽي، الرحيم، گلشن فاطمه، ايڊوڪيٽر سٽي، الشفا سٽي ۽ ٻيون سوين اهڙيون اسڪيمون شامل آهن، جنهن بابت ايس ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ماسٽر پلان اشرف سهاڳ جو چوڻ هو ته ان سلسلي ۾ غير قانوني اسڪيمن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

ايس ڊي اي جي عملدار شبير سومري “افيئر” سان ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل، سيڪريٽري ۽ سندن ساٿين قانون جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون. هن ٻڌايو ته اڳوڻي ڊائريڪٽر جي پنهنجي مقرري مشڪوڪ آهي ۽ هو غلط طريقي سان پروموشن وٺندو رهيو آهي، جڏهن ته سيڪريٽري ايس ڊي اي ۾ ايڊهاڪ تي ڀرتي ٿيو، هاڻ هو 18 هين گريڊ جو مستقل ملازم ڪيئن ٿيو؟. هن چيو ته هنن ٻنهي ملازمن پنهنجي مٽن مائٽن جا جاوا ڪرائي ڇڏيا ۽ غير قانوني طوز تي سوين ڀرتيون ڪيون ۽ کين مستقل به ڪري ڇڏيو. هن چيو ته صوبائي سرڪار پاران مليل 50 ڪروڙ رپين جي فنڊنگ به ڄاڻايل آفيسرن ٽين وال ڪري ڇڏي.

ٻي طرف الزامن بابت لاڳاپيل آفيسرن کان موقف وٺڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي پر ڄاڻايل آفيسرن پاران موقف ڏيڻ کان لاچاري ڏيکاري وئي.

مٿي ڄاڻايل الزام پنهنجي جاءِ تي پر سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ٿيل ميگا ڪرپشن ۽ قانون جي لتاڙ جي جاچ ٿيڻ لازمي آهي ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي به ضرور ٿيڻ گهرجي،.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو