Home / سنڌ افيئر / سُڪي به سنڌ، ٻڏي به سنڌ؟
above article banner

سُڪي به سنڌ، ٻڏي به سنڌ؟

هن سال جيتوڻيڪ سانوڻي جون مندائتيون برساتون سڄي ملڪ ۾ تمام گهٽ پيون ۽ سنڌ ۾ ته سانوڻ جي ٽن مهينن جون-آگسٽ تائين معمول کان گهٽ برساتون پيون آهن جنهن کي ڏڪار ئي چئي سگهجي ٿو. ڏڪاريل ڏيهه ٿر جيڪو گذريل ٽن سالن کان لاڳيتو گهربل برساتون نه پوڻ ڪري ڏڪار جي لپيٽ ۾ آيل آهي. هن سال ٿر ۾ سڄي ملڪ کان گهٽ برساتون پوڻ ڪري ٿر جون حالتون بنهه سنگين ٿي ويون آهن ٽن سالن کان لاڳيتو ڏڪارن کي برداشت ڪندڙ اٽڪل 18 لک ٿري ماروئڙن جي قوت برداشت ختم ٿي وئي آهي، موت جو راڪاس ٿر تي لامارا ڏئي رهيو آهي. ٻئي طرف ملڪ جا حڪمران چون ٿا ته ٿر ۾ اهڙو ڀيانڪ ڏڪار نه آيو آهي. ٿر جون حالتون ايڏيون سنگين نه آهن. جيتريون بيان ڪيون پيون وڃن، ميڊيا خوامخواهه ٿر جي ڏڪار ۽ بک وگهي موت جو شڪار ٿيندڙ سوين ٿري معصوم ٻارڙن جي موت جو اشو اٿاري سنڌ حڪومت کي خوار ڪري رهي آهي. جڏهن ته اسان ٿر ۾ ايتري ته مفت ڪڻڪ ورهائي آهي جو هاڻ ٿر ۾ ڪو به ماڻهو بک وگهي مري نٿو سگهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه گذريل چند مهينن ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي هيڊڪوارٽر واري شهر مٺي جا اٽڪل ڇهه کن دورا ڪيا آهن. انگريزن جي دور حڪومت کان اهو باقاعده هڪ قانون آهي ته هر سال 15 آگسٽ تائين جيڪڏهن ٿر ۾ گهربل معمول جون برساتون نه پون ته 16 ۽ 17 آگسٽ کان سنڌ حڪومت ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جي اماڻيل اهڙي رپورٽ تي بنا ڪنهن دير جي ٿر کي آفت سٽيل قرار ڏئي متاثر سڀني ماڻهن جي خوراڪ، چوپائي مال جي چاري جا مڪمل انتظام ڪرڻا هوندا آهن پر هتي ته انڌير نگري جي انتها اها آهي ته هي سٽون لکڻ وقت 15 سيپٽمبر تائين سنڌ حڪومت نااهلي، بي حسي ۽ بي رحمي جو مظاهرو ڪندي ٿرپارڪر ضلعي کي آفت سٽيل قرار نه ڏنو آهي. هڪ طرف هن سال به اڀ ۾ نظرون کپايل ٿري ماروئڙن جي ملڪ ملير تي بادل نه برسيا آهن باقي سنڌ تي به پلرجي ڪا خاص پالوٽ ٿي نه سگهي آهي. باقي پنجاب ۾ زوردار مينهن پوڻ سبب لکين ماڻهو بي گهر ۽ سخت متاثر ٿيا آهن، مها ٻوڏ جي زد ۾ آيل صوبي پنجاب ۾ گهڻي تباهي ڪشمير کان ايندڙ ٽن سندن درياهن چناب، راوي ۽ ستلج ڪئي آهي جنهن ۾ هن سال درياهه چناب اصل مست بڻجي بي قابو ٿي ويو آهي. چناب درياهه جي مستي واري پالوٽ وچ پنجاب جي ٻن انتهائي سرسبز زرخيز ضلعن حافظ آباد ۽ چنيوٽ کي بي دردي سان ٻوڙي ڀيانڪ تباهي مچائي ڇڏي آهي جڏهن ته فرقيواريت ۽ انتها پسندي جي حوالي سان مشهور ضلعو جهنگ جتان لشڪر جهنگوي جهڙيون انتهاپسند تنظيمون پيدا ٿيون ان ڏاکڻي ضلعي کي به درياهه چناب ٻوڙي ڇڏيو آهي. اهو پاڻي خانگڙهه ضلعي کي ٻوڙيندو وڃي قديم تاريخي شهر ملتان جو دنگ ڪيو. ملتان شهر ان جي اهم فوجي ڇانوڻي سميت مظرآباد ۽ شجاع آباد وغيره جي شهرن کي بچائڻ لاءِ اهلڪارن هيڊ محمد والا ۽ شير شاهه جي بچاءَ بندن کي ڪيترن ئي هنڌن تان هٿرادو گهارا هڻائي ٻيا ڪيترائي سوين ڳوٺ ۽ ننڍا شهر ٻوڙائي ڇڏيا. پنجاب حڪومت پڻ هن ٻوڏ ۾ سنڌ حڪومت جي نقش قدم تي هلندي حڪمران ڌر جي هڪڙن شهرن ڳوٺن ۽ جاگيرن کي بچائڻ لاءِ ٻي خدا جي خلق کي ٻوڙائي ڇڏيو. درياهه چناب جو اهو اجهاڳ پاڻي ملتان ضلعي کان پوءِ اچ شريف، ڪوٽ مٺن، راجن پور، خانپور ڪٽورا ۽ ڏکڻ پنجاب جي سنڌ جي دنگ صادق آباد جي هزارين وسندين ۽ زرعي فصلن کي ٻوڙيندي هي سٽون لکڻ تائين تيزي سان سنڌ طرف وڌي رهيو آهي.

15   SEP 2014    5

پنجند وٽ پنجاب جا پنج ئي درياهه سنڌو سان گڏجي وڃن ٿا، جنهن ڪري پنجاب کي ٻوڏ ۾ ٻوڙيندڙ سڀني درياهن جو اهو سمورو پاڻي هر حالت ۾ سنڌ ۾ ئي اچڻو آهي. 13 سيپٽمبر تائين پنجاب ۾ آيل ٻوڏ جي تباهه ڪارين جا انگ اکر پڌرا ڪندي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ڄاڻايو آهي ته هن مها ٻوڏ ۾ هيل تائين صوبي پنجاب جا 10 ضلعا تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن. جنهن ۾ حافظ آباد، چنيوٽ ۽ ضلعي جهنگ ۾ سڀ کان وڏي تباهي ٿي آهي هن چيو ته هيل تائين مجموعي طور تي 11 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ٽي هزار ڳوٺ سخت متاثر ٿيا آهن ۽ 45 هزارن گهرن کي سخت نقصان پهتو آهي. اها بي مندائتي ٻوڏ هاڻ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ واري آهي. هن ٻوڏ وگهي صوبي پنجاب ۾ ٿيل نقصان ۽ 2010ع جي سنڌ ۾ آيل دريائي ٻوڏ ۾ ٿيل نقصان هجي انگ اکرن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪري ڏسو ته ڪيترو ڏينهن رات جو فرق آهي جيتوڻيڪ سنڌ ۾ آيل 2010ع جي مها ٻوڏ جي نقصان جا انگ اکر جيڪي ان ساڳي اداري اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ سنڌ حڪومت تمام گهٽائي پيش ڪيا هئا. ان جي باوجود سرڪاري انگن اکرن ۾ به متاثرن جو تعداد 80 لکن جي ويجهو هو ۽ غير سرڪاري طور تي متاثرن جو تعداد هڪ ڪروڙ تائين ٻڌايو ويو. ٻئي سال 2011ع ۾ايل بي او ڊي خوني راڪاس وگهي سنڌ ۾ مها ٻوڏ ڪڙڪائي وئي 2010ع جي مها ٻوڏ ۾ سنڌو درياهه جي ساڄي طرف واري وسيع علائقي کي ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين دريائي ٻوڏ ۾ ٻوڙايو ويو ۽ 2011ع جي مها ٻوڏ ۾ سنڌو درياهه جي کاٻي طرف واري زرعي لحاظ کان انتهائي زرخيز پرڳڻي کي خيرپور ۽ نواب شاهه کان وٺي ضلعي ٺٽي تائين ٻوڙايو ويو.

2010ع جي مها ٻوڏ ۾ ٺثو ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي هزارين بي گهر ماڻهن مڪلي جي قبرستان وارين ٽڪرين تي جڏهن ته 2011ع واري مها ٻوڏ ۾ بدين ۽ ميرپور خاص ضلعن جا هزارين ماڻهو ٿر جي ڀٽن تي وڃي پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي ويا.

ٻنهي مها ٻوڏن ۾ زراعت سميت گذر جا سمورا وسيلا الهه تلهه تباهه ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ غربت جي شرح خطرناڪ حد تائين وڌي وئي. لاڙ جي ضلعن بدين ۽ ٺٽي ۾ غربت جي اها شرح 90 سيڪڙو تائين وڃي پهتي. ٻنهي مها ٻوڏن ۾ سڄي ملڪ ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي ان وقت مرڪز ۽ سنڌ صوبي تي حڪمراني ڪندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پيپلز پارٽي اٽڪل ٻه ڪروڙ ٻوڏ متاثرن کي نه ڪا رليف ڏئي سگهي ۽ نه ئي بي گهر ٿيل ٻوڏ متاثرن کي ڪو اجهو فراهم ڪري انهن جي ٻيهر بحال ڪاري لاءِ ڪو عملي قدم کڻي سگهي. حڪومت ۽ عالمي ادارن طرفان موڪليل راشن ۽ ٻيو سامان سرڪاري ڪامورا، چونڊيل عوامي نمائندا ۽ جيالا هڙپ ڪري ويا. ٻنهي مها ٻوڏن ۾ ٻڏل روڊ، رستا جيڪي اکڙي تباهه ٿي ويا ايل بي او ڊي جي جن سم نالن ملڪ ٻوڙيا اهي سڀ ساڳي خطرناڪ حالت ۾ آهن. انهن جي ٻيهر تعمير ۽ مرمت لاءِ جاري ڪيل اربين روپيا ونڊ ورڇ سان ڪرپشن جي ور چڙهي هضم ٿي ويا.

پنجاب ۾ آيل تازي مها ٻوڏ قدرتي آهي جڏهن ته 2010ع ۾ سنڌ ۾ آيل ٻئي مها ٻوڏون قدرتي نه پر هٿرادو آندل ٻوڏون هيون 2010ع جي دريائي ٻوڏ هٿرادو طور تي ٽوڙيل ٽوڙي بند ۽ ضلعي ٺٽي جي ڪوٽ عالمون وٽان ٽوڙيل ايم ايس بند وگهي آندي وئي. 2010ع ۾ هٿرادو طور بند ٽوڙائي اڌ سنڌ کي ٻوڙڻ جو ان وقت سپريم ڪورٽ پڻ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو ۽ سپريم ڪورٽ ان ٻوڏ جي تحقيقات ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميشن پڻ جوڙي هئي ان ڪميشن سنڌ حڪومت کي ڪي سفارشون ۽ هدايتون پڻ جاري ڪيون هيون جنهن مطابق آبپاشي جي چئن ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ، درياهه جي پيٽ مان سموريون حد دخليون هٽائڻ، پاڻي جي نيڪالي جا سمورا قدرتي رستا ۽ لنگهه صاف ڪرڻ، پاڻي جي سمنڊ ڏانهن نيڪال وارن لنگهن ۾ رڪاوٽ بڻيل روڊن ۽ پُلن کي درست ڪرڻ وغيره جهڙيون سفارشون شامل هيون. بدقسمتي سان سنڌ حڪومت اڄ ڏينهن تائين سپريم ڪورٽ جي جوڙيل ان ڪميشن جي ڪنهن هڪ به سفارش تي عمل نه ڪيو آهي. هٿرادو ٽوڙيل بند سميت ساڳي علائقي جي ٻين ٽٽي ويل بندن جهڙوڪ گهوڙا گهٽ بند، مکواڻي بند، اولڊ ٽوڙي بند، بي ايس فيڊر بند جن ۾ لڳل گهارن اڌ سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏي ايراضي کي ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيو هو فقط انهن مٿين بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت چار ارب روپين جو ناڻو خرچ ڪرڻ جي دعويٰ آهي پر ميڊيا جي تازين رپورٽن مطابق هن وقت اهي مٿيان بند تمام گهڻا ڪمزور آهن جن ۾ گهارن پوڻ جو امڪان آهي.

موجوده شهباز شريف جي پنجاب حڪومت ۽ نواز شريف جي مرڪزي حڪومت جهڙي اڻ ٿڪ محنت ۽ جفاڪشي سان پنجاب ۾ آيل مها ٻوڏ کي منهن ڏيئي رهي آهي ان جهڙو سنڌ ۾ ڪو به مثال نٿو ملي اهو ئي سبب آهي ته ٻوڏ توڻي ٻي ڪنهن به قدرتي آفت ۾ صوبي پنجاب  ۾ تمام گهٽ نقصان ٿئي ٿو ۽ سنڌ جا حڪمران سنڌ کي هٿرادو طور تي ٻوڙائي تباهه ڪرائي رهيا آهن.

صوبي پنجاب جي ترقي ۽ سنڌ جي مسلسل تباهي جو فرق صاف ظاهر آهي. ٻنهي صوبن جي حڪمراني جو فرق بنهه چٽو نظر اچي رهيو آهي. پنجاب جا حڪمران پنهنجي صوبي ۽ ماڻهن سان مخلص آهن ۽ سنڌ جا حڪمران بدعنواني ۽ عوام دشمني جي ڊوڙ ۾ ملڪ جي باقي ٽنهي صوبن کان اڳڀرا آهن. هي سٽون لکڻ تائين پنجاب مان آيل ٻوڏ جو پاڻي سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿي گڊو بئراج تائين پهچي رهيو آهي. اين ڊي ايم اي ۽ فلڊ ڪميشن وغيره وارا وفاقي کاتا چئي رهيا آهن ته چند ڏينهن ۾ گڊو بئراج تائين سنڌو درياهه سميت پنجاب جي موجوده سڀني دريائن جي گڏيل پاڻي جو وهڪرو 8 کان 9 لک ڪيوسڪ تائين پهچي سگهي ٿو. سنڌ جو وڏو وزير به چئي رهيو آهي ته سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جو پاڻي 8 لک ڪيوسڪ کان وڌي سگهي ٿو پر آبپاشي ۽ سيڊا جا اهلڪار اها ساڳي ماضي واري ٻولي ڳالهائي رهيا آهن ته سنڌو درياهه ۾ هن ٻوڏ جو پاڻي 6 لک کان 7 لک ڪيوسڪ تائين به مشڪل سان پهچندو سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسن جا بند اسان مضبوط ڪري ڇڏيا آهن جن بندن تي ڏينهن رات اهلڪار پهرا ڏئي رهيا آهن.

 اسانجو ڪو به بچاءَ بند نه ٽٽندو، سنڌ ۾ هن سال ٻوڏ جو ڪو به خطرو ناهي سمورو پاڻي خير خوبي سان وڃي سمنڊ ۾ ٺڪاءُ ڪندو. الله ڪري انهن سرڪاري اهلڪارن جي اها ڳالهه سچي ثابت ٿئي مها ساگر کي سنڌو جي مٺي پاڻي جي تمام گهڻي اڃ آهي. پر ان ڳالهه جو امڪان تمام گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته تازن اطلاعن مطابق سنڌو جي ٻنهي ڪنارن جي ڪچي واري اٽڪل 30 لک انساني آبادي کي سنڌ حڪومت جا اهلڪار اڃا تائين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيا آهن ۽ ٻوڏ جو پاڻي سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿي ويو آهي. حڪومت جا اهلڪار سکڻا اعلان ۽ خلق کي دلاسا ڏئي رهيا آهن. رپورٽ موجب اٽڪل 1380 ڪلوميٽرن تائين جي ڊيگهه ۾ پکڙيل سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسن جا بچاءَ بند ڪمزور آهن ڊيوٽي چور عملو وڏو نقصان پهچائي سگهي ٿو. ڪنهن به بند ۾ معمولي روڻ پوڻ سان وڏو گهارو پئجي سگهي ٿو. واسطيدار سرڪاري ڪامورن جي نااهلي ۽ خراب حڪمراني سبب هر سال سڪي به سنڌ ٿي ۽ ٻڏي به سنڌ ٿي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو