Home / سنڌ افيئر / شڪارپور ۾ قتل ٿيل بئنڪ آفيسر جو خون لوڙهڻ جي ڪوشش!
above article banner

شڪارپور ۾ قتل ٿيل بئنڪ آفيسر جو خون لوڙهڻ جي ڪوشش!

Naseem Bukhari3 جون تي صبح جو ڏهين وڳي، نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ۾ جيم خانه ڪلب ڀر سان زرعي بئنڪ ۾ پنهنجي ماتحت هٿان قتل ٿي ويل عبدالوحيد حاجاڻو جي قبر جي اڃا مٽي آلي هئي ته هن جي خون کي لئه مٽي ڪرڻ جون ڪوششون شروع ٿي ويون هيون.

شڪارپور شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو صبح جي پهر ۾ هڪ سرڪاري اداري ۾ اهو واقعو ۽ واردات فقط هڪ انسان جي زندگيءَ جي پڄاڻي جو اطلاع نٿي ڏئي، پر پنهنجي پسمنظر ۾ ڪيترن ئي امڪاني خطرن جا گهنڊ به وڄائي رهي آهي. هي واقعو فقط هڪ ڪاوڙيل، جذباتي ۽ نفسياتي مريض ماڻهو جو پاڳلپڻو ظاهر نٿو ڪري، پر پنهنجي گهراڻي ۾ اهو نياپو به ڏئي ٿو ته وحشت ۽ دهشت هاڻ وک وک تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو آهي. اُها رستن، گهٽين ۽ گهرن کان ٿيندي هاڻ ادارن ۾ به ڪاهي پئي آهي. ادارن ۾ آفيسرن ۽ سندن ماتحتن وچ ۾ منهن ماري، ڄُنڊا پٽ ۽ هڪٻئي جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪرڻ واريون خبرون سالن کان ٻڌندا ۽ پڙهندا ئي آيا آهيون، پر تشدد جو تلخ ترين روپ، انساني قتل جي صورت ۾ ۽ هڪ سرڪاري اداري ۾ جيڪو سنيهو ڏئي رهيو آهي، سو انتهائي ڀوائتو آهي.

عبدالوحيد حاجاڻي جي قتل کانپوءِ شڪارپور جي سمورن ادارن ۾ هڪ قسم جي ڦرڦوٽ آهي ۽ جتي جتي به ڪنهن جي ڪنهن سان ناراضگي يا ناپسنديدگي واري صورتحال سُجهي ٿي، اُتي ڪا خطري جي گهنٽي وڄندي محسوس ٿي رهي آهي. عبدالوحيد حاجاڻو زرعي بئنڪ ۾ ايم سي او (MCO) هو ۽ نوجوان هو، جنهن جي قتل جي ايف آءِ آر سندس ڀاءُ، نوشاد علي پاران لاڳاپيل ٿاڻي تي گناه نمبر 34/2014 داخل ٿي آهي ۽ ڪيس جو مک جوابدار، پيار علي ٻرڙو سڳ سوڌو گرفتار ۽ چالان ٿي چڪو آهي. جوابدار تي سرڪار پاران پڻ ٽي ٽي (TT) پسٽل هٿ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيل آهي. هن ڪيس ۾ تاج محمد به جوابدار طور نامزد ٿيو هو، جيڪو جاچ کانپوءِ آيل الزا م کان آجو ٿي چڪو آهي. هن ڪيس ۾ هڪڙي نامعلوم ماڻهوءَ جي ملوث هئڻ جو پڻ ذڪر ڪيل آهي.

عبدالوحيد حاجاڻي جي قتل کانپوءِ وڏي پئماني تي سندس قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ٿيا ۽ اهو ٿيڻ به کپي ها. هڪ بئنڪ آفيسر جو بيگناهه موت ڪنهن به صورت ۾ ۽ ڪنهن به طور تي برداشت نٿو ڪري سگهجي. اُهو موت جيڪو ظاهريءَ طور تي هڪڙي انسان جي زندگيءَ جي خاتمي وارو احساس ڏياري ٿو، پر حقيقت ۾ اُهو موت پوري خاندان جي لاءِ معاشي موت ثابت ٿئي ٿو. ڇو ته جڏهن ڪمائڻ وارو ئي نٿو رهي ته هن جي سنڀال هيٺ ڀاتي ڏاڍين تڪليفن ۾ اچي وڃن ٿا.

عبدالوحيد جو قاتل اڪيلو ٿي ڪري بئنڪ عملي جي موجودگيءَ ۾ هڪ ناحق خون ڪرڻ کانپوءِ محافظن جي موجودگيءَ ۾ ٽي ٽي (TT) پسٽل هٿ ۾ ساڻ رکندي، هليو وڃي ٿو ۽ ڪو به هن کي روڪي يا پڪڙي نٿو.اهو عمل ۽ اها انسانيت، سماج ۾ لاپرواهه روين ۽ بي حسي واري عالم جي چغلي هڻي ٿي. عبدالوحيد جي قتل کانپوءِ قومي تحريڪ جي هڪ اهم ڪردار جي اڳواڻيءَ ۾ مقتول ڌر کان معافي وٺڻ ۽ نبيري ڪرائڻ لاءِ هڪ قافلو حاجاڻن وٽ پهچي ٿو. ان قافلي ۾ شهر جي سڄاڻ ۽ متحرڪ ڌرين جي نمائندگي ڪندڙ اهم شخصيتن جي شرڪت ۽ متاثر ڌر تي ٺاهه لاءِ دٻاءُ، اسانجي قومي تحريڪ جي روايتن جي منفي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

جسقم چيئرمين بشير خان قريشي پنهنجي زندگيءَ ۾ جهيڙيندڙ ڌرين ۾ نبيرا ڪرائڻ جي حوالي سان هڪ وڏي سڃاڻپ رکي ٿو. بشير خان قريشي، رياست جي رٽ نه هئڻ ۽ ڌرين ۾ رتوڇاڻ وارو تسلسل ڏسي، اهڙي اڳڀرائي وڌيڪ انساني جانين کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِنيڪ نيتي جي جذبي سان ڪندو هو ۽ اها ڳالهه ساراهه جوڳي به آهي. پر انهن سلسلن ۾ شڪارپور ۾ هڪ بئنڪ آفيسر جي قتل واري واقعي ۾ ڏينهن رات جو فرق ۽ تضاد آهي. مقتول جي وارثن وٽ، جيڪي ماڻهو ميڙ منٿ ٿي ويا هئا، انهن ئي ماڻهن ٿورو عرصو اڳ جلسن، جلوسن ۽ ڌرڻن ۾ اسٽيجن تان بيهي، قاتلن جي گرفتاري جا مطالبا به ڪيا ۽ انتظاميه تي قاتل ڌر سان ملي ڀڳت جا الزام پئي هنيا. پرخبر ناهي ته اُهي ڪهڙا ڳجها هٿ هئا يا ڪهڙين طاقتور ڌرين جو دٻاءُ هو جن هنن جي موقف ۾ زبردست ڦيرو آڻي ڇڏيو. هنن جي انهي مصلحت کي پنهنجي پاران ڪنهن اهميت هيٺ نه به آڻيون، تڏهن به تاريخ جي تلوار هنن جي ڪردار کي جهڙيءَ ريت تين وال ڪري ڇڏيو آهي، اُهو حوالو انتهائي افسوسناڪ آهي.

مقتول ڌر ميڙ منٿ ٿي آيل قافلي کي ڪو مان نه ڏئي ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو آهي. ان ڳالهه تي ٻه رايا نه آهن ته: معاملو نيٺ فيصلي ۽ خير جي صورت ۾ ئي پنهنجي منطقي انجام تي پهچڻو آهي. پر اُهو فيصلو ڪو راڄوڻي نه هئڻ کپي. ان ڪيس جو يا اهڙن ٻين ڪيسن جو فيصلو عدالت طرفان اچڻ کپي، ڇو ته راڄوڻن فيصلن ۾ خون بها ڏئي ڪري، هتي غلط ۽ انتهائي خطرناڪ رجحان کي هوا ڏني ويندي آهي، جنهن ڪري ماڻهو جي من ۾ قانون جون خوف نه رهندو آهي ۽ پئسي جي زور تي قتل ٿيندا ۽ لئه مٽي ٿي ويندا آهن.

خبر ناهي ته قاتل ڌر جي طرفداري وارو تعارف معززين جي خود پنهجي دل ۾ ڪهڙي ڪيفيت کي جنم ڏنو هوندو، پر اهڙين خبرن جي عيان ٿيڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ حساس ۽ شريف ماڻهن جي دل ۾ اهو سوال ضرور اڀري رهيو آهي ته آخر هي ڇا ٿي رهيو آهي ۽ اسان جا قومي ۽ سماجي اڳواڻ ڪهڙي تاريخ ٺاهي رهيا آهن. ڪنهن صحافيءَ هنن کان قاتلن جي طرفداري جي حوالي سان ڪا آڏي پڇا نه ڪئي آهي، ڪنهن اخبار اُن غلط روايت تي ايڊيٽوريل نه لکيو آهي. اهو معاملو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پڻ اچي چڪو آهي.

ايئن ئي جيڪڏهن غلط عملن ۽ خطرناڪ رجحانن وارو سلسلو جاري رهيو ته اهو ڪٿي وڃي هڻي هنڌ ڪندو. اها ڪهڙي حڪمت عملي آهي جو هڪڙو عهديدار مرڪزي قيادت کي قاتل ڌر طرفان ميڙ منٿ ۾ وڃڻ لاءِ فون ڪري ۽ اها قيادت اڳ پوءِ جاچڻ کانسواءِ تاريخ جي تمام وڏي گناهه ۾ بنا ڪنهن سوچ ويچار جي اچي شريڪ ٿئي؟

ان کانپوءِ شڪارپور جي هڪ سياسي ڌر ۽ ان جو هڪ اهم اڳواڻ، قاتلن جي بچاءُ ۾ ۽ بئنڪ آفيسر جي خون لوڙهڻ ۾ جهڙي ريت ظاهر ظهور اڳيان آيو آهي سو به اتنهائي مذمت جوڳو عمل آهي، ايئن ئي جيڪڏهن سياستدان ۽ با اثر ماڻهو خونين ۽ شودن ماڻهن کي پناهون ڏيڻ لڳندا ته پوءِ شريف ۽ مسڪين ماڻهو ڪهڙي در دانهيندا؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو