Home / پروفائيل / شڪيل کي مِس ڪرڻ جي موسم!
above article banner

شڪيل کي مِس ڪرڻ جي موسم!

“آخر هي تنهن جو حيدرآباد ته ڇا شيءِ آهي؟” منهنجي هم نام مظهر علي مون کان ڪيترائي ڀيرا پڇيو ۽ آخر ڪار مون کيس ٻڌايو ته حيدرآباد جي ڪهاڻي ڇا آهي. مظهر جو تعلق حيدرآباد دکن سان هو ۽ هو پاڪ – انڊيا پيس موومينٽ جي ڀارتي چيپٽر جو اڳواڻ هو. ورهاڱي وقت حيدرآباد سنڌ ۾ هير آباد کان ايندڙ ڪيترن ئي سنڌين کي حيدرآباد دکن جو نالو رڳو حيدرآباد جي ڪري ايترو وڻي ويو جو هو ڏورانهين ڏکڻ ڀارت جي ٻين شهرن ۾ لڏ پلاڻ ڪري ويا. برادر مظهر ٻڌايو ته حيدرآباد دکن ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولين ۾ شامل ڪرڻ جي تحريڪ ايتري ته زور شور سان هلي رهي آهي جو سنڌين جي اڪثر هوٽلن ۽ ريسٽورنٽس جي اڳيان بينر لڳل آهي تهSpeak Sindhi and get 10% discount”’’

” مظهر سان منهنجو اهو واعدو ته ڊسڪائونٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن ڏينهن حيدرآباد دکن اچي اتي جي مٽي کي سلام ڪندس اڃا تائين پورو نه ٿي سگهيو آهي. ليڪن مون مظهر کي اهو ٻڌايو ته منهنجي حيدرآباد ۾ مير تقي مير ۽ غالب جي اردو ايئن ڳالهائي ويندي آهي جيئن اها فيض آباد يا بجنور ۾ ڳالهائي ويندي هجي ۽ اها منهنجي ايئن ئي امڙ جي ٻولي آهي جيئن غلام شاهه ڪلهوڙي جي ٻولي منهنجي ماءُ جي ٻولي آهي. مظهر جي اکين ۾ چمڪ ته اچي وئي ليڪن مان اهو چئي نه ٿو سگهان ته کيس سچ پچ مون تي يقين به اچي ويو.

منهنجي دوست شڪيل بچاڻي کي خبر هئي ته خواجه فريد منهنجو ۽ سندس پيرو مرشد ضرور هو ۽ امڙ مون کي سرائڪي ضرور سيکاري هئي ليڪن سرائڪي منهنجي مادري ٻولي نه هئي. مان ته “چڪي بلوچاني ۽ گلڙي شيراني” هئس. اسان سرائڪي وسيب ۾ ڪجهه سئو ورهين لاءِ مهمان بڻيا هئا سين، جتي باغي خواجه فريد منهنجي بزرگن کي سيکاريو هو ته “پَٽ انگريزي ٿاڻا!”. اتان کان اسان کي ٽالپرن جو انتظام هلائڻ لاءِ ڏکڻ ۾ اچڻو پيو، جتي ڀٽو اسان جو هاري ٿيو ۽ پوءِ ان ڪارڻ سندس دل مان اسان جي وڏڙي ولي محمد خان لغاري لاءِ دشمني ڪڏهن به نڪري نه سگهي! انهي حد تائين جو شير باز مزاري به اهو داستان لکڻ لاءِ مجبور ٿيو.

جيتوڻيڪ منهنجي ماءُ نه ته ابراهيم جويو ۽ نه ئي جميل جالبي هئي ليڪن مون پنهنجي گهر جي تمام وڏي لائبريري ۾ جڏهن به حافظ جو ڪتاب اردو ترجمي سميت کنيو تڏهن امڙ مون کي هميشه چيو “تون حافظ پيو پڙهين! ڪٿي چريو نه ٿي وڃين!” ۽ پنهنجي عقل جي هاڻوڪين حالتن کي ڏسندي ايئن ٿو لڳي ته امڙ ڪا پهتل هستي هئي، مون لاءِ ٻالڪپڻي کان اهو بحران رهيو ته آخر منهنجي مادري ٻولي ڪهڙي آهي؟ نجام الدين جي ٻولي؟ خواجه فريد جي ٻولي؟ ڪيچ مڪران “ چه حال انت” يا منهنجي لطيف جي ٻولي؟ وقت مون کي سيکاريو ته اهي ٽئي منهنجون ٻوليون آهن ۽ جڏهن ادارتي امانت داري منهنجي ۽ شڪيل بچاڻي جي حصي ۾ آئي تڏهن اسان ڪنهن لاءِ به اهو فرق نه ڇڏيو ته اهو اسان جي ماڻهن کي انهن ٻولين جي بنياد تي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري.

30-sep-2014    52

پريس ڪلب جي لان ۾ جڏهن به ڪو ساڙولو قومپرست اسان سان بحث ۾ الجهندو هو ته ان کان جان ڇڏائڻ لاءِ اسان سنڌي ۾ نعرو لڳائيندا هئاسين ته “جيڪو ماڻهن سان تعصب ڪري ته ان کي…..؟” ۽ پوءِ اسان پاڻ ئي ان نعري جو جواب ڏيئي ويچارن ماڻهن جي مشڪل آسان ڪري ڇڏيندا هئا سين ته “ڪجهه به نه” سڄو پريس ڪلب اسان جي کل ۾ شريڪ ٿيندو هو. پريس ڪلب، جنهن جي ڇت هائيڊ پارڪ هئي، هر ڪو پنهنجي مرضي سان ڪجهه نه ڪجهه ڪوڙاڻ کڻي ايندو هو ۽ پنهنجي پنهنجي ميز تي ويهي سقراط بڻجندو هو. هڪ ئي هنڌ ماڻهو دائرن ۾ ويهندا هئا ساڳئي ئي وقت سوچ جي دائرن ۾ پڻ.

شروع شروع جي ڳالهه آهي ٽنڊو الهيار ۾ مون ۽ تسليم شڪيل جي امڙ وٽ جڏهن اهي ڪتاب ڏٺا جيڪي اسان وٽ هئا ته اسان مطمئن ٿي ويا سين ته هاڻي اسان محفوظ هٿن ۾ آهيون ۽ ترت دلچسپ ڏينهن اچڻ وارا آهن. شڪيل هڪ عظيم سنڌي ليکڪ جو پٽ هو. ان جي روشن خيالي تي سندس والد جي سوچن جو پاڇو هو ۽ اها مذاق نه آهي ته شڪيل منهنجي پيرو مرشد حليم بروهي جي دوستن جي حلقي ۾ شامل هيو. حليم جڏهن به ڪاوش اخبار ۾ ايندو هو ته سڀ کان پهرين چانهه جي فرمائش ڪندو هو، اخباري آفيس ۾ چاچو جمعو دونهين واري چانهه پياريندو هو ۽ جيڪڏهن حليم دير سان ايندو هو ته ان دونهاندار چانهه جو دورو پهرين ئي هلي چڪو هوندو هو، پوءِ اداري جي قائدن ۽ ضابطن مطابق ٻيهر چلهو ٻارڻ جي منع ٿيل هئي. ايتري ۾ شڪيل جي اسپورٽرس موٽر سائيڪل هوا ۾ اڏامندي ويندي هئي ۽ ڪجهه منٽن ۾ ئي هو صدر جي ڪيفي صلاح تان کير پتي چانهه وٺي ايندو هو جنهن کي ڪجهه دوست “هارٽ اٽيڪ چانهه” به چوندا هئا. گهڻي عرصي کانپوءِ حليم بروهي مون کي ٻڌايو هو ته سندس دل چاهي ٿي ته هو ان لائبريري ۾ اچي ڪا هارڊ ڊرنڪ وٺي ليڪن اسان مان کيس ڪو به هارڊ ڊرنڪ پيش نه ڪري سگهندو هو، ان ڪري هو چانهه تي ئي گذارو ڪندو هو.

شڪيل کي خبر هئي ته نفرت جو کيل ڪهڙا نتيجا آڻي سگهي ٿو. هو انهن ڪجهه خير خواهن جي گروپ ۾ شامل هئو جن الياس عشقي کي قاسم آباد ڇڏڻ جو مشورو ڏنو هو ڇو ته ملڪ عزيز جي بقول ته حيدرآباد جا ماڻهو “بدبودار سنڌين ۽ بدبودار مهاجرن” ۾ ورهائجندا ٿي ويا ۽ حيدرآباد شهر آپگهات جو سوچي رهيو هو. عشقي کان بهتر پٽ سنڌ مشڪل سان ئي پيدا ڪندي سندس سڃاڻپ جو پاسپورٽ عشق هو، ساڻس اهو حشر ٿيو جيڪو فاشزم ۾ ٿيندو آهي، ورهين کانپوءِ جڏهن اسان حيدرآباد جي ورهاڱي جا تفصيل ڊاڪيومينٽ ڪري رهيا هئاسين ۽ تاريخ جو قلم شڪيل جي هٿ ۾ آيو ته هن ان ڪميڻگي جي ڪهاڻي سئو سيڪڙو سچ طور بيان ڪئي. اسان گانڌين، نهروئن ۽ جناحن کي ته سڃاڻندا هئا سين ليڪن اسان کي اهو سمجهه ۾ نه آيو ته ان ورهاڱي جو مائونٽ بيٽن ڪير هو؟

تڏهن اسان کي حليم پنهنجي مٿان کلڻ سيکاريو منهنجو ته جيڪو به حال رهيو ليڪن شڪيل پنهنجي ذات مٿان هڪ وڏو ٽهڪ بڻجي ويو، هن جي مزاح جي حس تمام تيز هئي هو پاڪستان جي سمورن اقتداري، ڪاميڊينس جو اهڙو ته نقل ڪندو هو جو انهن مان هر هڪ لالو پرساد يادو بڻجي ويندو هو. ڪالا باغ ڊيم تي بحث جي زماني ۾ شڪيل جو سڀ کان بهترين ائٽم ان زماني جو “پاڻي پرست” سنڌي سيد قمر زمان شاهه هو، شاهه صاحب چيڙاڪ شخص هو ۽ کيس ڪاوڙ به جلدي اچي ويندي هئي ۽ ڪاوڙ ۾ ان جو آواز جهڙي ريت سنهو ٿيندو ويندو هو شڪيل ان جو زبردست نقل ڪندو هو. اها اهڙي سنڌي زده اردو هئي جنهن ۾ “ڀيڻسان” جو لفظ وري وري رپيٽ ٿيندو هو.

ڪنهن چيف منسٽر جي نوڪري وڃڻ جو وقت ويجهو ايندو هو ته شڪيل ڪيترائي هفتا اڳ ۾ انڊين فلم ڪرن ارجن جو ڊائلاگ دهرائڻ شروع ڪندو هو“ ٺاڪر تو ڳيو!” ۽ پوءِ سڄو نيوز روم چوڻ شروع ڪندو هو“ٺاڪر تو ڳيو!”.

ڪنهن خرابي جي ڪري جهنگ ۾ رڪيل ريل گاڏي هجي، تربت کان هاءِ جيڪ ٿي حيدرآباد لهڻ وارو جهاز هجي، پرويز مشرف خلاف سندس پنهنجي جلسي ۾ لڳندڙ لعنت وارا نعرا هجن، شڪيل انهن کي بنا ڪنهن خوف خطري جي رپورٽ ڪندو هو، سنڌ يونيورسٽي جا نڪما ڊپارٽمينٽ هجن، عظيم جاهل سنڌي استاد هجن، جن کي شمس العلماءَ چيو وڃي ٿو. ڪرپٽ رجسٽرار يا وي سي هجن-شڪيل حقيقت کي جوتي وانگر سندن منهن تي ڦهڪائي ڪڍندو هو.

سچ ڳالهائيندڙ کي ته ڊيڄاري سگهجي ٿو ليڪن سچ کان ڊپ لڳندو آهي. هڪ ڀيري هڪ وڏي سياستدان اخبار جي مالڪ کي شڪايت ڪئي ته شڪيل سندس باري ۾ لکيو آهي ته: “تو کي حيف هجي” سنڌي ۾ “حيف هجي جو سڌي ريت مطلب آهي “تو تي لعنت هجي” ايڊيٽر ڏاڍو ناراض ٿيو ليڪن شڪيل ان وڏيري کان معافي نه ورتي.

شڪيل جي پسنديده نيوز ڪريڪٽرز ۾ بينظير ڀٽو ۽ عاصمه جهانگير سر فهرست هيون ليڪن کيس بينظير جو حيدرآباد جي جلسي ۾ نواز شريف لاءِ چوڙيون اڇلائڻ پسند نه آيو. شڪيل جي سڀ کان ڏکي اسائنمينٽ بدين ۽ ٺٽي جي سامونڊي علائقي ۾ سائيڪلون هو، سائيڪلون کان پوءِ جڏهن هو اتي پهتو ته هن علائقي ۾ هڪ فوٽ ڊگها سامونڊي وڇون به ڏٺا. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته اهي وڇون، ڪريب “ڪيڪڙا” نه بلڪه سچ پچ وڇون هئا جيڪي مينگروز جي وڻن سان چنبڙيل هئا ۽ اتان هيٺ ڪري رهيا هئا.

شڪيل حيدرآباد جو حقيقي مالڪ هو. ڀلي اها گلاب گهٽي هجي جيڪا شهر جي انٽرٽينمينٽ گهٽي طور مشهور آهي يا ڪو تاريخي پِڙ هجي. جتي ماتمي جلوس برآمد ٿيندا هجن، کيس شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ جي خبر هئي. ان کي خبر هوندي هئي ته ڪٿي سٺو پان ملندو آهي ۽ ڪٿي سٺي چانهه، جيڪا توهان جي حيدرآباد جي سفر کي يادگار بڻائي سگهي ٿي.

آئون شڪيل، اختر بلوچ، سعيد افضال جو شڪر گذار آهيان جن شام جي ستين وڳي کانپوءِ جڏهن به انهن مون کي ڪاٽا ٿيل لغڙ وانگي مٿي آسمان تي ڏٺو، ڪنهن نه ڪنهن ريت پنهنجي اڏام کٽولي تي ويهاري مون کي پنهنجي گهر ڇڏي آيا. اڄ آءُ پاڻ کي ڪنهن اڻ ڄاڻ چوراهي تي بدحواس بيٺل محسوس ڪريان ٿو. حيدرآباد ڇڏڻ کانپوءِ سچ پچ مون کي ڪو به اهڙو ناهي مليو جيڪو مون کي پنهنجي گهر جو رستو ٻڌائي سگهي! فيض جڏهن سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد هو تڏهن هن غزل لکيو هو..

بسر یوں ہم نے زندگی کی ہے

ہر قدم ہم نے عاشقی کی ہے

تیرے کوچے میں بادشاہی کی

جب سے نکلے گداگری کی ہے

فیض اوج خیال سے ہم نے

آسماں سندھ کی زمیں کی ہے

خبر نه آهي اڄ به ايئن ٿو لڳي جيئن هو پنهنجي اسپورٽس موٽر بائيڪ کي ريس ڏئي آس پاس ۾ رپورٽنگ لاءِ ويو آهي ۽ بس ڄاڻ ئي آيو. خبر ناهي هاڻي هو ڪهڙي باس کي رپورٽ ڪندو هوندو؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو