Home / اسپيشل افيئر / مائينڊ سيٽ!
above article banner

مائينڊ سيٽ!

Irshad Memonڪَٽر، عام حالتن ۾ سمجهوتي نه ٿيڻ جوڳا خيال ۽ انهن جي بنيادن تي جنم وٺندڙ انساني رويا. نتيجي ۾ نِسري نِروار ٿيندڙ پختيون عادتون ۽ سندن اثرَ- گڏيل طور سموري لقاءَ کي مائينڊ سيٽ ڪوٺين ٿا. ليکڪ جهڙي گهٽ علم واري ماڻهوءَ ڪاڻ ڏکيو آهي ته محاوري جو مقامي، سنڌي ويس اوهان سامهون پيش ڪري. اسان جي ٻوليءَ ۾ اهڙن اهڃاڻن واسطي تُز ۽ فهم سانڍيندڙ عنوان پيدا نه ٿي سگهڻ جا سبب آهن. سماجي لحاظ کان پاڻ فڪر جي تنهن اوچائيءَ تي ڪڏهن آهيون جو معاشرتي سطح تي وڏي ڇَٽَ سان عمل ڪندڙ مائينڊ سيٽ ۽ تهڙن ٻين معاملن جي تِکائي يا نرمي پرکي سگهون. سوشل ڊيولپمينٽ جي مٿاهينءَ رَسي وڃئون، جيڪر. تڏهن پروڙ لائق ٿبو ته ان پارن موضوعن کي هٿ ۾ کڻڻ سان سوسائٽي لاءِ ڪيئن لاڀائتا وَرَ وَڪڙ خلقي وٺجن. مونجهاري گاڏڙ صورتحال چئجي. عاقل، فاضل انيڪ آهن. ذهنيت لکجيس ته ڇَسائپ جو ڏيک. حياتيءَ جي اسٽيج تي اداڪاري ڪندڙ ايڪٽر جي جُهد مان ايڪشن نڪري ويندو. لٻاڙ ۾ نه وڃجي ته منش جي دماغ اندر سرجندڙ سوچ، ويچار بعد کنيل سندس وِکَ، اڳتي وڌايل گام جا سماج، انسانذات ويندي سرشٽي مٿان اولڙا، پاڇا- تنهن کان پرانهون ۽ سڀ ڪجهه مائينڊ سيٽ جي ڀاڱي مڃجي.

يارهين سيپٽمبر جي شام. راوي ٽي وي چئنلز ڦلهوريندي سي اين اين تي ٽِڪَ ٻڌي ٿو. ننڍي کنڊ ۾ ٻوڏ بابت چئن پنجن منٽن جي رپورٽ،خبرن ۾ پيش ڪن ٿا. اسي سيڪڙو وقت پاڪستاني پنجاب جي پنجن ضلعن ۾ ڇَرَ ڪارڻي ٿيل راڱا. باقي سٺ سيڪنڊ انڊيا ۾ آيل تباهيءَ متعلق. عالم طرفان ڳڻتيءَ جو اظهار. اُتان ٿي سنڌي نيوز نيٽ ورڪ ڏانهن اچي. وٽن وري ‘امڪاني ٻوڏ’ جي سري هيٺ پَٽي اسڪرال ۾ احوال پيا گهمن. اُٿل ايندي. بندن جي حالت جو بيان هيئن ڪجي يا هُونءَ. ٻيو مڙئي خير. مطلب ته پاڻيءَ جي چاڙهه ڀَرَواري صوبي ۾ ٻوڙٻوڙان ڪري ڇڏي. ڳوٺن جا ڳوٺ پَٽ. هزارين ماڻهو دربدر ته ڪيترائي اجل جو شڪار. اسان جي ڪن تي جُونءِ ڪانه چري. دنيا اونائتي. سنڌ واسين کي پرواه ته سيلاب جي امڪانن جي. سج سِينڌ تي اُڀرڻ ۽ لهڻ جي نرگسيت جي روڳي اينڪرز وٽ پڻ ساڳي وائي. ايندڙ ڪجهه ڏيهاڙن ۾ ليکڪ، دانش جي چوٽي سَرڪندڙ ساڃاهه وندن روبرو ڀاشڻ ڏيندي اهڙي ورتاءَ کي سِيج مينٽلٽي سڏيو ته مزيدار تبصرا ٻڌڻ ۾ آيا. ڪير به تنهن ڳالهه کي وزنائتي مڃڻ لاءِ تيار نه هئو. هڪ ڀيرو هُو قبول ڪري وٺن ته سنڌي، قوم جا قوم، ريل جي اڪيلي دٻي ۾ بند وچ بيابان ۾، بنا انجڻ جي بيٺي آهي. مامرو آسان ٿي وڃي، هُوند. ڌيان ڇڪيندڙ سَو طرف ته لکاريءَ لفظ مينٽلٽي اُچاريو. گفتگو مائينڊ سيٽ پاسي سِرڪي ته ڍينگوئي ڍير. کلئي نموني ٿو قلم وهائجي. سِيج، بنديخاني سندي آتم کي اسان پاڻ، مَنجهه پَالي متارو ڪيو آهي. ڇاتيءَ اندر گُهٽ ۽ ٻوساٽ جي ٻَوجَهي تي فخر ڪرڻ جو مرض اٿئون. بي بنياد ڦُونڊَ جي ٽيڪ وٺندي بياني آهيون ايئن ڄڻ سموري جڳ جي سڀيتا مهراڻ جو طواف ڪندي هجي. وراثت بابت وڏائيءَ جو احساس چِت ۾ کنيو هلئون. اتهاس جنهن ۾ شڪست ۽ غلاميءَ جا دفتر ڀريا پيا آهن.

30-sep-2014    46

ماتر ڀوميءَ تي ٿورائيءَ ۾ بدلجڻ جو نظارو خشڪ اکين سان نهاريندڙ انسان اسڪاٽ لوڪ جي برطانوي قبضي مان ڇوٽڪاري ڪاڻ ريفرنڊم ۾ اڻ معمولي دلچسپي رکن. رياستي اسٽيبلشمينٽ جي پگهاردار هئڻ جي تهمت مان غير آجي قوم پرست قيادت توڻي ڪٽڻپي جي موالپ ۾ مبتلا سنڌ جي ڏاهپ نيشنلزم سندي آٽيءَ وٽيل بي مثال آشاوندي مليل خطبا خلق کي سُڻائين. جيئن بِگ بينگ جي کوجنا عام ٿيڻ مهل جهان کي باور ڪرايو ويو. اٽڪل سڀني مذهبن جا رکوال ڌرمي ڪتابن مان اُبتيون سُبتيون سٽون ڳولهي ثابت ڪرڻ ۾ لڳي ويا ته سندن ڀڳوان، گاڊ ئي تنهن ڌماڪي کي وجود ۾ آڻي ڪائنات جي سِٽاءَ کي مادي شڪل ڏني. سائنس کي الهام جو ڳيجهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ۾. نه وسارڻ کپي ته ان قسم جي روش کي مائينڊ سيٽ پُڪارين ٿا.

سنڌي ماڻهن جي مزاج جي روشن ڪُنڊَ خود تنقيد ڪرڻ ۽ ٿڌائپ سان ٻُڌڻ آهي. اڪثر اهو رويو ماتام جي پَوتڙي ويڙهيل محسوس ٿيندو. تنهن ڪارڻ ئي شايد اسان جي سماجي نفس جو ڪوڙهه ورتل رخ پاڻ مٿان ٽيڪا ٽپڻي کي بي حسي وچان غير اهم ڄاڻڻ آهي. بي عملي هتي اُڀار کائيندڙ مائينڊ سيٽ جو مکيه وَاٽوَ ڪوٺجي. اڳڀري نظر رکڻ، پير وڌائڻ، مُڙسي ڏيکارڻ ان معاشرتي فصل جو قيمتي لاڀ هجي ٿو. تن املهه گڻن جي اڻهوند البت معاشري مان مائينڊ سيٽ کي نيڪالي بلڪل به نه ڏئي سگهندي.

اهڙي ماحول ۾ گڏيل انساني ذهن کي معذور، ناچاق سڏڻو پوندو. سوسائٽي پوئتي رهجي ويندي. وٽس تنهن طرح جي گهاٽي متعلق پڇتاءَ جي وٿ باقي ڪين بچندي. جيئن سنڌ واسي مشاهدي جي دائري ۾ اچن ٿا. چوڌاري ڀڃ ڊاهه وارو ڏيک طبع جي چڱ ڀلائيءَ کان ڏور هئڻ جو نتيجو چئجي ته غلط نه هوندو. رستو جتان موٽ کائڻ واسطي مائينڊ سيٽ جو جائزو وٺڻ اوس ڪوشش ۽ اڪسير علاج لائق فائدو ڏيندو. وقت جي دانش جو فرض پڻ تڏهن ادا ٿي سگهندو جڏهن اُها، سندي مهارت کي نپوڙي وحشي جانورن مثل آدم کي پڌري ڪاريگري يا ڊوههَ سان هَڪلي وڻڪار جي ڀِڪَ وٺي ايندي. پهريائين ڪچي گوشت کائڻ جي جسم تي ٿڌي تاثير بيان ڪندي ۽ پوءِ، ان کي رڌي پچائي واپرائڻ يا ماهه چٻاڙڻ کان هَٽي ڪري ڀاڄي خور هجڻ جا نفعا سُڻائيندي. هڪڙي باک ڦٽيءَ گوتم ٻُڌ جي ٻوليءَ ۾ پيٽ پُٺيءَ لڳل روپ بابت رومانوي گيت اُچاريندي. بُک ڪاٽڻ جا آفاقي پهلو ڳڻائيندي.

شهري ۽ ڳوٺاڻي حيات ۾ وڇوٽي اسان جي مائينڊ سيٽ تي حاوي رنگ آهي. اربن علائقا کسجي وڃڻ جو الائي ڪيترو حقي ٻرڙاٽ چوطرف ڪَن پوي. ايندڙ زماني ۾ ڪا ويڙهه سُجهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد بغل مان نڪرڻ جي بچاءَ ۾. سنڌي لوڪ جي ميٽروپوليٽن ٽِڪنڊي ۾ داخل ٿيڻ تي شادمانائي شادمانا. گاديءَ واري ماڳ جو ڪو به چوٿون ڀاڱو کڻو. مطالعي خاطر. گذريل پنجويهه سالن ۾ اُتي هزارين ڪُڙمَ سنڌ جي جَهرَ جهنگ کان لڏي آباد ٿي ويل گڏبا. مڃيل نڪتن هيٺ انڊيڪيٽرز ۾ نشان لڳائيندا وڃو، پڪا گهر، صفائيءَ جو معيار، تعليم، روزگار،صحت ويندي گهڻ لساني ڪلچر. اوهان تن وسندين کي خيرپور ناٿن شاهه ۽ ماتلي کان ٿورڙي مختلف لقاءَ ۾ نهاريندا.

ساڳيو ۽ اڃا به بدتر حال پٺاڻ، سرائڪي پاڙن ۾ پسبو، زرعي آمدني تي گذاري جي ڳالهه جتي ڪٿي ٻُڌبي. سڪرنڊ کان آيل همراهه کي اَٽو به اُتان جو کپي ته گوشت پڻ. شاهراهه فيصل تي گاڏي ڊوڙائيندي خوف سبب پگهرجي ويندو. ڦِري گِهري سچل ڳوٺ ۽ آسپاس اچي ٿاڪ ڳولهيندو. مستقبل جي امڪاني ڦڏن جو ويچاري، پلاٽ خريد ڪري جاءِ اوڏانهن جوڙائيندو. غور طلب محاورو ‘امڪان’ آهي. امڪاني ويڙهه، امڪاني ٻوڏ، امڪاني آمدني. تنهن هر طرفي امڪاني زندگاني ۾ سندس ايندڙ نسل پختي انداز ۾ نظارو ڏيندڙ سِيج مينٽلٽي کان پاڻ ڪيئن آجو ڪري سگهندو- فڪر جوڳو معاملو چئجي. سڄي جهان ۾ اربن جياپي جي آتما، شهري حدن اندر ئي ڪُڏندي آهي. هڙئي جو هڙئي دَاوَ تن منجهه لڳندا آهن.

ليکڪ رهائشي ڪراچي جو ڪوٺجي. وسيل تباهه ڳوٺ غازي ۾.نه بِل ڀري نه بجلي هجيس. ٻارن جي تعليمي آئيندي متعلق پرستاني خواب سانڍي. مهل اچڻ تي شهر مٿان قبضي جي جنگاڻ ۾ ٽپي پوڻ جي ٻٽاڪ جدا. ڪم ڪو به نه ڪري. گذران موري ۾ چئن ڪچن دوڪانن مان ملندڙ ڀاڙي تي. دانشور کيس روشن مستقبل جا احوال سُڻائڻ ۾ مصروف. ٻين ڌنڌن مثال قبضي گيري، ڀتي خوري ۽ ڪرائم جي بات نه ٿي ڪجي. هي سِٽون فقط راوي جي مائينڊ سيٽ کي سمجهڻ لاءِ تحرير ٿيون ڪجن ۽ خود ان عنوان جي تفصيل ۾ گهڙندي.

موضوع ڏانهن موٽندي. پنهنجي ماحول جا ڪجهه پاسا کڻي، مائينڊ سيٽ کي پروڙڻ جي سئي آهي. خود تنقيد اجائي به نه آهي. مقصد تنهن ڊيگهه جو مجموعي انساني سرگرمي ۾ عمل، ايڪشن جي جَهرڻي کي تلاش ڪرڻ ڪوٺجي. ابتدا ڪهڙي هنڌان ٿي ٿئي، پرکي وڃجي ته جيڪر کوڙ مرضن کي بنهه شروعات ۾ ٻُنجو ڏئي سگهجي. مائينڊ سيٽ، تڏهن مُيسر عقل ۽ فهم سان سماجي مامرن جي ڏس ۾ اسان جو ورتاءُ ۽ رَد ورتاءُ آهي. شايد سرس پرانهون. راوي سندي جهالت ڪين لڪائي سگهندو. هُن جي مٿاڇري ڄاڻ هتي رڳو ايسيتائين پٽاڙ ڪري ٿڪجي پوندي.

آخري لفظ ته معاشري جي گڏيل مغز منجهان جيئندان جون الڳ الڳ ڌارائون ڦوٽهڙو کائين ٿيون. جن کي اسين هڪ وڏي ۽ ويڪري منظر ۾ ڏسي وائڙا هجئون ٿا.

مرڻينگ سوسائٽي، بيمار سوچ ۽ ان جي نتيجي ۾ مرضيل عملن جو نتيجو ڀانئجي. بهتر سماج جي حاصلات ويجهو هجبو جيڪڏهن پاڻ پنهنجي ويچار ڪرڻ واري نيوڪليس کي تپ، دق کان آزاد ڪيون. شخصي ڏورڻن جو دان کپي ٿو. مَٿي ڦريل ڏهه ڄڻا همت کان ڪم وٺن ته چاڙهَي جو سنيهو پهچندي دير ڪا نه لڳندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو