Home / ڪرنٽ افيئر / متحده جو داخلي بحران: رتوڇاڻ جو خطرو!
above article banner

متحده جو داخلي بحران: رتوڇاڻ جو خطرو!

Sameer Mandhoroهي پهريون ڀيرو ناهي جو متحده جو اڳواڻ الطاف حسين ۽ هن جي ساٿين پنهنجو اصلي چهرو ڏيکاريندي سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. نه ئي هنن جي اهڙن بيانن کان پوءِ مهاجرن ۾ مختلف قسم جا بحث نه ڇڙيا هجن. هن ڀيري واري بيان کان پوءِ ڪُجهه عجيب ڳالهيون به ٻڌڻ ۾ آيون. جن جو ذڪر “افيئر” پڙهندڙن اڳيان رکڻ ضروري آهي.

هڪ پرائيوٽ ڪمپني ۾ ڪندڙ لڳ ڀڳ 28 سالن جي نوجوان سانگهڙ کان واپسيءَ تي پنهنجي خاتون ساٿي کي ٻڌايو ته سنڌ جي مُک شهرن کان سواءِ ننڍن شهرن ۾ سنڌي هاڻ اردو کان نفرت ڪرڻ لڳا آهن. خاتون ڇرڪ ڀريندي پڇيو: “اردو کان؟” هن وراڻيو ها اردو کان، ۽ انهيءَ جو سبب ٻولي ۽ انهيءَ جا ڳالهائيندڙ ناهن بلڪه متحده جا چڙ ڏياريندڙ بيان آهن. خاتون پاڻ کي ڪرسي تي اڇلائيندي غرور واري انداز سان جواب ڏنو ته ان سان ڪو فرق نٿو پوي. ٻئي گهڻي دير تائين بحث ڪندا رهيا ۽ آخر تنگ ٿي خاتون وراڻيو“تڏهن ئي ته ڀائي چوي ٿو ته الڳ صوبو ڏنو وڃي ۽ پوءِ اسان کي به جيڪڏهن ضرورت پوندي ته سنڌي سکي وٺنداسين.”

25 سيپٽمبر تي سي ايم هائوس ڪراچيءَ سامهون لڳل ڌرڻي ۾ متحده جي عام ڪارڪنن سميت مُک اڳواڻ به موجود هُئا. ان ٻن ڏينهن جي ڌرڻي جو مقصد هڪ ڏينهن اڳ گرفتار ٿيل متحده جا ڪارڪن آزاد ڪرائڻ هو، جن کي رينجرز رات جو دير سان گڏجاڻي دوران گرفتار ڪيو هو. اهڙي ماحول ۾ جڏهن متحده غير فطري، غير قانوني ۽ غير اخلاقي گهر ڪئي هئي ته رينجرز جي هٿان اهڙي قسم جي گرفتارين کان پوءِ عجيب بي چيني به نظر آئي. هڪ ڪنڊ ۾ ڀت سان ٽيڪ لڳائي ڪجهه نوجوان بحث ڪري هڪٻئي کي مطمئن ڪندي نظر آيا. هڪ چوي ته اهڙي قسم جي ڌرڻن سان بدنامي ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن پڪڙيل همراهن ۾ ڪي خاص همراهه هوندا ته. هن پنهنجي ئي ڳالهه کي ٺيڪ ثابت ڪرڻ لاءِ چيو ته عيد جو موسم آهي ۽ اُها ميٽنگ ممڪن آهي ته کلن جي گڏ ڪرڻ لاءِ ئي ٿيندي هوندي ۽ رينجرز کي اطلاع مليو هوندو ۽ انهيءَ ڇاپو هنيو. ٻئي انهيءَ جي ڳالهه کي لڳ ڀڳ هٿي ڏيندي ڪاوڙ مان چيو ته پوءِ اهڙي قسم جي ڳالهه ٻاهر ڪيئن نڪتي هوندي؟ ٽئين چيو ته جذباتي نه ٿيو. هي گرفتاريون اسان کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون آهن ته جيئن اسان پنهنجا حق نه وٺي سگهون.

متحده جي مطالبي ۽ گرفتارين کان پوءِ واري ڌرڻي تي هڪ اردو ڳالهائيندڙ دڪاندار سان ڪچهري ٿي. هن جو عام ۽ سادو خيال هو ته هي سڄي بليڪ ميلنگ آهي ٻيو ڪجهه به نه. هن جو هڪ لاجواب رايو اهو به هو ته ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اهڙي صورت حال ۾ خوني وڳوڙ به ٿي سگهن ٿا، جنهن جي لاءِ به متحده کي استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ امڪاني طور ايئن به ٿي سگهي ٿو. پُڇيومانس تون ڪير آهين؟ چيائين ته هن سميت وڏي اڪثريت هيستائين اهو فيصلو ناهي ڪري سگهي تي 70 سالن کان پوءِ به هو ڪيرآهن. ارود ڳالهائيندڙ يا مهاجر؟

هي ته هو مونجهارو جيڪا هميشه اهڙن بيانن کان پوءِ ڪڏهن ڪجهه وقت لاءِ ته ڪڏهن وڌيڪ ڏينهن لاءِ نظر ايندو آهي. جيڪو گهڻو ڪري ڪارڪنن، همدردن، اردو ڳالهائيندڙ عام شهرين وغيره ۾ نظر اچي ٿو.

پر انهيءَ کان وڌيڪ مونجهارو اڳواڻن جي ڪئٽيگري ۾ پڻ نظر اچي ٿو. جن جو خيال آهي ته هنن جي پارٽي کي مختلف وقتن تي مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري هو اڃا پاڻ تان لسانيت وارو الزام هڪ طرف نه سگهيا آهن.

ٻڌايو وڃي ٿو ته هن ڀيري وارن بيانن ۾ جنهن ۾ فوج کي پڻ نشانو بڻايو ويو آهي جي پويان به مُک اڳواڻن جو مونجهارو آهي.

هڪڙن جو خيال آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف طرف عام شهرين جي وڌندڙ لاڙي سبب متحده پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪرڻ لڳي آهي ۽ انهيءَ ڪري هڪ هنڌ تي مڙني اردو ڳالهائيندڙن کي ڪٺو ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جو مطالبو ڪيو ويو آهي. متحده جي لنڊن واري ليڊرشپ سمجهي ٿي ته اهڙي قسم جي بيانن سان اردو ڳالهائيندڙ ڪميونٽي وري هڪ ٿي سگهي ٿي ۽ امڪاني طور ايندڙ اليڪشن جنهن ۾ڌانڌلي جا امڪان گهٽ آهن ۾ وڏي اڪثريت تحريڪ انصاف جي حق ۾ ووٽ نه ڏئي وجهي.

30-sep-2014    16

جڏهن ته هڪ لابي جو خيال آهي ته متحده جي اندر بغاوت عروج تي پهچي وئي آهي. اها بغاوت صرف مهاجرن لاءِ الڳ صوبي جي نعري سان ختم ٿي سگهي ٿي. انهيءَ بغاوت جا ڪيترائي سبب آهن جن ۾ اهم سبب الطاف حسين تي ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ملوث هجڻ وارو شڪ به شامل آهي. هو سمجهن ٿا ته ڊاڪٽر عمران فاروق ئي نظرياتي اڳواڻ هو جنهن جو شروع کان آخر تائين هڪ ئي مقصد رهيو هو ته مهاجرن/اردو ڳالهائيندڙ جي حقن لاءِ جاکوڙ. اهڙي نظرياتي اڳواڻ جي قتل عام ڪارڪنن کان مک اڳواڻن ۾ بي چيني اڄ به ايئن ئي موجود آهي جيئن 2010 ۾ هن جي قتل ٿيڻ وقت هئي.

پر انهيءَ کان سواءِ به هڪ چرپر ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته الطاف حسين ۽ متحده جي پاليسين سبب هڪ وڏي اڪثريت يا ته ٻين سياسي ۽ مذهبي پارٽين طرف وڃي رهي آهي ۽ ڏسي پئي ته هڪ طبقو اهو به آهي جيڪو الطاف جي نشي ۾ ڪجهه اڳ تائين ڌت هو اهو به انهيءَ سحر مان نڪري پيو.

ڪو پڪ سان نه نٿو چوي پر هڪ خيال اهو به آهي ته عامر خان جي متحده ۾ اچڻ کان پوءِ يعني 2011 کان پوءِ مسلسل بدنظمي وڌي آهي. انهي ندنظمي سبب پارٽي ۾ انتشار پکڙڻ سان گڏوگڏ اها سوچ به اڀرڻ لڳي آهي ته الطاف حسين کان پوءِ ڪير؟ چيو وڃي ٿو ته عامر خان جو متحده ۾ شامل ٿيڻ جو هڪ سبب اهو به هو ته هو ئي الطاف حسين جي جاءِ وٺي سگهي ٿو ۽ گذريل چئن سالن جي عرصي دوران هو ڪن حلقن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۾ ڪامياب به ٿي ويو آهي.

ڪُجهه ڌرين جو خيال آهي ته اهڙن ئي اڳواڻن جي مدد سان رياستي ادارن متحده ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ڪئي ۽ جنهن جا نتيجا هن وقت نظر اچن پيا. دليل ۾ هو چون ٿا ته اڳ هن پارٽي ۾ صرف اچڻ جو رستو هو، واپسي ناممڪن هئي. جڏهن ته هن وقت ڪيترائي عام ۽ خاص پارٽي کان ڪناره ڪشي ڪندي سڪون سان گذارين پيا ۽ متحده هنن کي نشانو بڻائڻ کان لاچار آهي. الطاف حسين سميت ڪجهه قيادت کي انهيءَ ڳالهه جي باري ۾ به چڱي ريت ڄاڻ پئجي چڪي آهي ته پارٽي اندر ڪير ڪنهن لاءِ ٿو ڪم ڪري.

متحده جي هڪ پُراڻي ڪارڪن ٻڌايو ته هن وقت الطاف حسين وٽ صرف هڪ خاص ٽيم وڃي بچي آهي جيڪا ڪنهن به ريت باقي گروپن جي هٿ ۾ نٿي اچي، نه ته هن وقت متحده جا ٽن کان وڌيڪ ٽڪرا ٿي چُڪا هُجن ها. هن ٻڌايو ته ڪيترن ئي پارٽي ورڪرن جي گرفتارين جي پويان متحده جا پنهنجا ئي ماڻهو آهن جيڪي نٿا چاهين ته متحده ايئن ئي هلندي رهي جيئن اڄ کان ٽيهه سال اڳ! هن ٻڌايو ته متحده جو وجود خطري ۾ آهي ۽ صرف لساني جهيڙا ئي هن کي آڪيسجن مهيا ڪري سگهن ٿا. هن جو اهو به خيال هو سنڌين سان وڏو خوني جهيڙو ئي امڪاني طور متحده کي وري جيئاري سگهي ٿو. “پر هن ڀيري اهڙي قسم جي خون ريزي سان متحده کي ئي وڌيڪ نقصان رسندو” هن اندازو هنيو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو