Home / سياسي افيئر / متحده سربراهه جي بيان خلاف ساڃاهه وندن ۽ سول سوسائٽي جو احتجاج!
above article banner

متحده سربراهه جي بيان خلاف ساڃاهه وندن ۽ سول سوسائٽي جو احتجاج!

Razak Khatiڪجهه ڏهاڙا اڳ سنڌ رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم ۽ سول سوسائٽي طرفان ڪراچي ۾ ٽي تلوار وٽ متحده سربراهه الطاف حسين جي سنڌ کي انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ واري بدنيتيءَ تي ٻڌل بيان خلاف ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ رهندڙ سنڌين سميت ڪراچي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين ماڻهن گهر ڀاتين، ٻارڙن ۽ بزرگن سميت شرڪت ڪري سنڌ خلاف اهڙي سازشي بيان کي رد ڪري ڇڏيو. لڳ ڀڳ 4 ڪلاڪ ٽي تلوار وارو مک روڊ ٽريفڪ لاءِ بند رهيو ۽ پر امن مظاهرين “مرسون مرسون-سنڌ نه ڏيسون” جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندا رهيا. احتجاجي مظاهري ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو به وڏو انگ شريڪ هو. ان موقعي تي بئريسٽر ضمير گهمرو، دستگير ڀٽي، آڪاش انصاري ۽ نوراحمد ميمڻ خطاب ڪندي الطاف حسين جي اهڙي بيان کي سنڌ خلاف بدترين سازش قرار ڏنو. احتجاجي مظاهري ۾ ناليوارن اديبن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل ماڻهن نصير اعجاز، هدايت بلوچ، ادل سومرو، اشتياق انصاري، انعام شيخ، شاهنواز راڄپر، مظفر چانڊيو، امجد سراج، شيرين زنئوز، شير مهراڻي، علي احمد رند، همسفر گاڏهي، نديم تاج، منظور سولنگي، اصغو سوومرو، فيض صديقي، سمير منڌرو، راشد ميمڻ، الاهي بخش بڪڪ، شفيع محمد ڄاموٽ، دودو مهيري، ، آدم ملڪ امداد سومرو، لڇمڻ، ماڻڪ ڪنگراڻي، اسد چانڊيو، نورالدين جمالي، محمد خان شيخ، محمد صالح ڀٽي، اعجاز عباسي، غلام رسول سوهو، عثمان پرهياڙ، اختر ڪڇي، مشتاق ميراڻي، اعجاز قريشي، علي حسن چانڊيو، سميت ڪيترن ئي ماڻهن شريڪ ٿي يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي رائٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم طرفان احتجاجي پڌرنامو پڻ جاري ڪيو ويو، جنهن جو متن هن ريت آهي:

سنڌ جا اديب، دانشور، سياسي ڪارڪن ۽ سِول سوسائٽيءَ جا ميمبر سنڌ اندر نوان صوبا ٺاھڻ واري مطالبي کي سختيءَ سان رد ڪن ٿا. اھو مطالبو غير آئيني ۽ پاڪستان جي سالميت تي وار آھي. سنڌ جا اديب ۽ دانشور سمجھن ٿا ته ايم ڪيو ايم ۽ ان جي قيادت سندن تنظيم اندر ڦوٽ کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ تي سنڌ ۾ نسلي رتوڇاڻ جي ھڪ نئين لھر شروع ڪرڻ لاءِ اھڙا مطالبا ڪري رھيا آھن.

سنڌ جا اديب ۽ دانشور سمجھن ٿا ته ھڪ برطانوي شھريءَ کي پاڪستان جي سياسي معاملن ۾ مداخلت جو ڪوبه حق نه ھئڻ گھرجي. الطاف حسين قتل جھڙي سنگين ڏوھه جو ملزم آھي جنھن جي ھن وقت جاچ ھلي رھي آھي. ھُو ۽ سندس تنظيم سنڌ ۽ پاڪستان ۾ دھشتگرديءَ جھڙن وحشياڻن واقعن جي حوالي سان ڄاتا وڃن ٿا. ھو لاڳيتو سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ توھين آميز رَوَين جو اظھار ڪندا رھيا آھن. الطاف حسين پنھنجي اشتعال انگيز تقريرن ذريعي به پاڪستان اندر وڳوڙ ڀڙڪائيندو رھيو آھي. پاڪستان ۽ سنڌ جا شھري سندس تقريرن کي توھين ۽ اڳرائي سمجھندي انھن بيانن جي سختيءَ سان مذمت ڪن ٿا.

سنڌ رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم ۽ سول سوسائٽي سمجھي ٿي ته برطانوي حڪومت اڻسڌي طرح ان صورتحال جي ذميوار آھي ڇو ته الطاف حسين سندن شھري آھي ۽ برطانوي حڪومت جي ذميواري آھي ته پاڪستان ۾ وڳوڙ پيدا ڪرڻ تي سندس خلاف قدم کڻي. انتھائي افسوس جي ڳالھه آھي ته برطانوي حڪومت لاڳيتو پنھنجي اھڙي شھريءَ جي سرگرمين ۽ رَوش کي نظرانداز ڪري رھي آھي جيڪو پاڻ ۽ سندس فاشسٽ پارٽي دھشتگرديءَ جي واقعن ۾ ملوث رھيا آھن. ڪراچيءَ ۾ ھلندڙ آپريشن دوران سندس پارٽيءَ جا ڪيترائي بدنام دھشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ھٿان پڪڙيا آھن، جن ڇرڪائيندڙ اعتراف ڪيا آھن ته ھنن سندن پارٽيءَ جي قيادت جي ھدايتن تي دھشتگردي ڪئي آھي. حيرت جي ڳالھه آھي ته ھڪ پاسي برطانوي حڪومت دھشتگرديءَ خلاف عالمي جنگ جو حصو آھي ۽ ٻئي پاسي سندس پنھنجو شھري ۽ ان جي تنظيم دھشتگردي ۽ وڳوڙ پيدا ڪرڻ ۾ کلم کُلا ملوث آھن. ان معاملي تي برطانوي حڪومت جي خاموشي پاڪستان جي عوام لاءِ ڳڻتيءَ جو ڪارڻ آھي. جيڪڏھن الطاف حسين ۽ سندس تنظيم نَوَن انتظامي يونٽن جي نالي ۾ سنڌ ۾ ھٿ ٺوڪئي مھاجر صوبي جو جواز پيدا ڪرڻ لاءِ نئين سر رتوڇاڻ شروع ڪرائي ته پاڪستان ۽ سنڌ جو عوام برطانوي حڪومت کي ذميوار سڏڻ ۾ حق بجانب ھوندا.

30-sep-2014    23

سنڌ رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم برطانوي حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته الطاف حسين جي تازي تقرير جو سنجيدگيءَ سان سخت نوٽيس وٺي. برطانوي حڪومت جي آئيني ۽ اخلاقي ذميواري آھي ته پنھنجي شھريءَ خلاف قانوني قدم کڻي جيڪو غير آئيني ۽ مجرماڻن طريقن سان پاڪستان جي سالميت کي چئلينج ڪري رھيو آھي. پاڪستان ۽ سنڌ جو عوام سمجھي ٿو ته ان قسم جون حرڪتون سنڌ ۾ امن جي اڳئي نازڪ صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏينديون. پاڪستان اڳئي دھشتگردي ۽ وڳوڙ جي اوڙاھه ۾ سڙي رھيو آھي ۽ سنڌ ۾ نئين سر وڳوڙ ملڪ کي تباھيءَ جي ڪنڌيءَ تي پھچائي ڇڏيندو. سنڌ جي جاگرافيائي بيھڪ انتھائي اھم آھي تنھنڪري ھن صوبي ۾ وڳوڙ علاقائي امن تي به گنڀير اثر ڇڏيندو. ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين ھن پُر امن صوبي کي وڳوڙ ڏانھن ڌڪي رھيا آھن جنھن سان اھڙا گنڀير نتيجا نڪرندا جنھن جو تصور به نٿو ڪري سگھجي. اھا پاڳلپڻي واري ھوڏ نسلي ڇڪتاڻ ۽ بيچيني پيدا ڪندي جنھن سان خاص طور سنڌ جي رھاڪن لاءِ امن کي اھڙو ڌڪ لڳندو جنھن جو تدارڪ به نه ٿي سگھندو. سنڌ جي عوام لاءِ سندن مادرِوطن جي سالميت سڀ کان اُتم آھي جنھن جنھن جو اھي ھر قيمت تي تحفظ ڪندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو