Home / سياسي افيئر / متحده ۾ ڏڦيڙ-عمران خان جي چاندي!
above article banner

متحده ۾ ڏڦيڙ-عمران خان جي چاندي!

گذريل عام چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن جي مقابلي ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوارن 10 لک کان وڌيڪ ووٽ کنيا هُئا. جن ۾ ضلعي سينٽرل جي عزيز آباد (نائن زيرو) واري تڪ مان چونڊ وڙهندڙ اميدوار نبيل گبول جي مقابلي ۾ 20 هزار کن ووٽ کنيا هُئا. لانڍي مان زبير خان نالي اميدوار 40 هزار ووٽ کنيا ۽ ڪيماڙي مان قادر پٽيل جي مقابلي ۾ تحريڪ انصاف جي سبحان علي ساحل پڻ لڳ ڀڳ 40 هزار ووٽ کنيا هُئا. جيتوڻيڪ مٿيون سموريون قومي اسيمبليءَ جو سيٽون ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کٽيون هُيون پر تحريڪ انصاف جي غير مقبول اميدوارن ڪراچيءَ جي ضلعي سينٽرل مان ايڏا وڏا ووٽ کنيا جيڪا غير معمولي ڳالهه هُئي. جيڪڏهن چونڊن ۾ ڌانڌلي، ٺپا مافيا، بيلٽ پيپرز جي چوري ۽ من پسند پرزائيڊنگ آفيسرن جي مقرري جهڙا مسئلا نه هُجن ها ته ڪراچيءَ مان تحريڪ انصاف قومي اسيمبليءَ جون چار پنج ۽ سنڌ اسيمبليءَ جون ڏهاڪو کن سيٽون کڻي وڃي ها.

2013 جي چونڊن کانپوءِ ايم ڪيو ايم اندر تنطيمي بحران شروع ٿيو. قائد تحريڪ شديد ناراض ٿيو ڪيترائي اڳواڻ پارٽيءَ مان ته ڪيترا ملڪ مان بيدخل ٿي ويا. انيس قائم خاني ۽ مصطفيٰ ڪمال جو گروپ اڄ تائين ملڪ کان ٻاهر ويٺو آهي. هڪ خيال آهي ته سنڌ جو گورنر عشرت العباد به هن گروپ سان گڏ آهي. هن گروپ جون همدرديون عمران فاروق سان ٻڌايون وڃن ٿيون، جنهن کي چار سال اڳ لنڊن ۾ قتل ڪيو ويو. سندس چوٿين ورسي خاموشيءَ سان گذري وئي. 2013 جي عام چونڊن کانپوءِ ٻيو منظر وري اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ نظر اچي پيو جيڪو ايو ڪيو ايم جي ڳڙهه ضلعي سينٽرل ۾ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ڌرڻا هڻن پيا. انهن ڌرڻن ۾ نج اردو ڳالهائيندڙ (مهاجرن) جي اڪثريت شرڪت ڪري ٿي. اڄ کان ٻه سال اڳ اهو تصور به ڏکيو هو ته نارٿ ڪراچي جي فائيو اسٽار چورنگي وٽ ڌرڻو لڳي ۽ ان ڌرڻي ۾ ايم ڪيو ايم خلاف مقامي اڳواڻ تقريرون به ڪن. نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي، ناظم آباد، ڪورنگي، نرسري، قائد اعظم جي مزار، ايڪسپو سينٽر، قيوم آباد، سي ويو وٽ گذريل هڪ هفتي کان تحريڪ انصاف جا ڪارڪن گڏجي رات جو ڌرڻا هڻندا آهن ۽ ان کانپوءِ عمران خان مجبور ٿيو ته هُو اسلام آباد مان ڪهي اچي ڪراچيءَ ۾ جلسي کي خطاب ڪري.

هن سڄي صورتحال ۾ سڀ کان اهم پهلو ايم ڪيو ايم جو ماٺ هُجڻ آهي. ان جا ٻه ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. ڇا ايم ڪيو ايم جي تحريڪ انصاف کي حمايت حاصل آهي؟ يا ڇا ايم ڪيو ايم کان ڪراچيءَ جي ماڻهن جي بيزاري سبب ايم ڪيو ايم اندروني بحران ۽ فرسٽريشن جو شڪار آهي ان لاءِ هُو تحريڪ انصاف خلاف في الحال ڪو به قدم نه پئي کڻي ۽ وقت اچڻ تي پنهنجو حساب برابر ڪندي. مونکي تحريڪ انصاف جي عورت ڪارڪنن ٻڌايو ته ٽي وي تي سندن چهرا ڏسي سيڪٽر آفيس جا ڇوڪرا سندن گهرن تي اچي گهر وارن کي، والدين، مڙسن، ڀائرن کي چئي وڃن ٿا ته پنهنجي ماين کي ڌرڻن ۾ نه موڪليو نه ته انهن سان ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. اهڙين ڌمڪين باوجود اُهي مايون ۽ ڇوڪريون ڌرڻن ۾ مسلسل اچي رهيون آهن. ان حساب سان ڪراچيءَ ۾ رنگ بدلجي رهيو آهي. عمران خان ڏانهن ماڻهن جو ڇڪجڻ اصل ۾ ايم ڪيو ايم کان بيزاري جو کُليل مظهر آهي. جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽيءَ کانپوءِ اردو ڳالهائيندڙن کي هڪ ٽين جماعت تحريڪ انصاف جي صورت ۾ ملي آهي. جنهن ڏانهن مُهاجر نوجوانن ۽ عورتن جو وڏو لاڙو آهي. پر ان جو هڪ پهلو اهو به آهي ته جيڪڏهن عمران خان جي سياست ناڪام وڃي ٿي ۽ عمران خان ماڻهن جو تحفظ نه ٿو ڪري ته پوءِ ايم ڪيو ايم آڏو بيهي رهندڙ ڪراچيءَ جي ماڻهن لاءِ ڏکيو وقت به اچي سگهي ٿو. ٽين اهم ڳالهه الطاف حسين جي سڀ کان وڏي سياسي حريف آفاق احمد جو لنڊن پهچڻ جي آهي. اطلاع آهن ته آفاق احمد پهرين دبئي ۽ ان کانپوءِ لنڊن ۾ متحده قومي موومينٽ جي مخالف اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون آهن. آفاق احمد جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مهاجر مٿس اعتماد ڪن ته هُو الطاف حسين جو پتو صاف ڪري سگهي ٿو. آفاق احمد اڃا تائين لنڊن ۾ ئي آهي. سندس ملاقاتن جو سلسلو هلندڙ آهي پر آفاق احمد سياسي طور تي ڪراچيءَ ۾ انتهائي ڪمزور پوزيشن ۾ آهي. ڪراچيءَ ۾ کيس لياري جي امن ڪميٽي ۽ اڻ سڌي ريت پشتونن جي به حمايت حاصل آهي. لياري جي امن ڪميٽي جا ڪارڪن تحريڪ انصاف جي ڌرڻن ۾ به شريڪ ٿين ٿا. ايئن لڳي رهيو آهي ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم خلاف هڪ نئين تياري ٿي رهي آهي، جنهن جو بنيادي ڪارڻ ايم ڪيو ايم جو اندريون بحران آهي.

15   SEP 2014    3

ايم ڪيو ايم جي سياست سان ويجهڙائپ رکندڙ صحافين جو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ دفعو وري 1992 جهڙي پوزيشن تي بيٺي آهي ۽ الطاف حسين جو پارٽيءَ تي “ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول” انتهائي ڪمزور ٿي چُڪو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو هن رابطا ڪميٽي ۽ ڪراچي جي عهديدارن کي هٽائي ڇڏيو. پاڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته ايم ڪيو ايم ڪرپشن، قبضن، ڀتن ۾ شريڪ ٿي وئي آهي. جيتوڻيڪ سڀني کي خبر آهي ته ايم ڪيو ايم ڇا آهي پر جڏهن الطاف حسين اهڙي ڳالهه ڪري ته پوءِ اها ڳالهه معنيٰ رکي ٿي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ سرڪار ۾ پڻ شامل آهي. وفاقي سرڪار ۾ شامل ٿيڻ لاٰءِ هر وقت “تيار” آهي. پر سياست ۾ آئسوليشن مان نڪرڻ لاءِ وٽس بس هڪڙوئي تڪراري نعرو آهي ته هو سنڌ جي ورهاڱي يا نون صوبن جي تڪراري ڳالهه ڪري، کيس خبرآهي ته سنڌ ۾ اهڙي ڳالهه جو رد عمل اڻ ٽر آهي. سنڌي قومپرستن سان گڏ پيپلز پارٽيءَ کي به رد عمل ظاهر ڪرڻو آهي. ڇو ته پيپلز پارٽي به سنڌ ڪارڊ پنهنجي کيسي ۾ ئي رکڻ چاهي ٿي. بلاول ڀٽو جو الطاف جي باري ۾ رد عمل ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين ٻنهي کي ڪو نه وڻيو. مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ته الطاف حسين پاڻ به چوندو رهيو آهي. پر بلاول چوي ٿو ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙ “احمق” آهن. الطاف حسين پنهنجي سالگرهه جي تقريب ۾ بلاول لاءِ جيڪو چيو آهي اهو پيپلز پارٽي کي وڌيڪ چيڙائڻ برابر آهي. پر سنڌ ۾ گذريل ڇهن سالن کان ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ جو هڪ ٻئي ڏانهن رويو سَسَ ۽ ننهن وارو آهي. منظور وساڻ ان کي زال ۽ مڙس جي رنگ ۾ ڏسي پيو پرهنن جا طعنا، مهڻا، رسڻ پرچڻ وري هڪ ئي گهر ۾ گڏ رهڻ سَسَ ۽ ننهن جهڙو ڪردار آهي. جيڪو سنڌي عوام جي قسمت ۾ لکيل آهي.

ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن هلندڙ آهي تڏهن به اها سرڪار ۾ شامل ٿي وئي. پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم کي مافيا ۽ ڪرپٽ به سمجهي ٿي پر بار بار منٿون ڪري به کيس سنڌ سرڪار ۾ شامل به ڪري ٿي. هڪ ٻئي کي گاريون به ڏين ٿا وري پرچائين به ٿا. جنهن جو ڏچو سنڌ جي عوام کي ڀوڳڻو پوي ٿو. سنڌي قومپرستن جو رد عمل روايتي آهي. الطاف حسين هميشه غير سنجيده قسم جا بيان ڏئي سنڌين کي مڇرائيندو آهي وري ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ ڦري ويندو آهي. غير سنجيده موقف تي يا ته بلڪل سنجيده ٿيڻ گهرجي ۽ هڪ ڀيرو ئي جواب ڏجي يا نوٽيس ئي نه وٺڻ گهرجي. روايتي “تون ڇا تون ڇا” مان سنڌ کي ڪو به فائدو ڪونهي ٿيڻو.

ايم ڪيو ايم پنهنجي اندرئين بحران ۽ اختلافن مان نڪرڻ جو رستو سنڌ جي ورهاڱي جي نالي ۾ ڳوليندي آهي. اطلاع آهن ته اڄڪلهه هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم اندر اختلاف ۽ بحران شدت اختيار ڪري ويا آهن. ايتري قدر جو الطاف حسين پاڪستان اچڻ لاءِ سوچي پيو ته سندس پارٽي ايئن پئي سوچي ته کيس پاڪستان اچڻ کان ڪيئن روڪيو وڃي. اهڙن بحرانن مان نڪرڻ لاءِ هو رستا ڳولي پئي. نئين قيادت آڻڻ کان وٺي ڪا وڏي تبديليءَ لاءِ ايم ڪيو ايم به سوچي رهي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو