Home / اسپيشل افيئر / هڪ آشيانو ،جيڪو اُجڙي ويو
above article banner

هڪ آشيانو ،جيڪو اُجڙي ويو

Ustad Nizamariسانگهڙ شهر جي مرڪزي جامعه مسجد جي اولهه طرف مهيني کن کان مزدور هڪ مضبوط عمارت جون بنيادون اُکيڙي رهيا هئا، واٽ ويندڙ عام ماڻهن لاءِ ته معمولي بنگلي جي ڀڃ ڊاه هُئي پر ڪجهه سانگهڙ جا اهڙا به دردمند هُئا جن کي انهي عمارت جي وجود تي لڳندڙ هٿوڙا پنهنجي سيني تي محسوس پئي ٿيا.. جنهن بنگلي جي مان ڳالهه پيو لکان، انهي بنگلي جي زندگي صرف 45 سال هُئي، پر هن بلڊنگ جي مختصر تاريخ صدين تائين تحريرن ۾ زنده رهندي. هي نه ڪو محل آهي نه ئي ڪنهن شنشاه جو ڪوٽ يا قلعو، هي سادو عام رواجي بنگلو هو جنهن کي سياسي، سماجي، ادبي، سرگرمين جي مرڪز هئڻ ڪري وڏي اهميت ملي وئي.

اهو بنگلو حاجي فتح الدين شاه نالي شخص ٺهرايو هو، حاجي فتح الدين سانگهڙ کان پنجويه ڇويهه ڪلوميٽر اوڀر طرف ٽنڊي مٺا خان جو رهاڪو مخدوم طالب الموليٰ جو خليفو هو. پهريائين انهي بنگلي جي جاءِ تي هڪڙي ڪوٺي هُئي

بقول وزيرعلي پنهور سينئر (پي پي ڪارڪن) مخدوم طالب الموليٰ صاحب اسان کي هالا ۾ گهرايو(وفد ۾ شامل ڪارڪن مجاهد غلام رسول پنهور، وزيرحسسين پنهور، خان محمد پنهور) ۽ چيائين ته توهان مان ڪو ماڻهو قومي اسيمبلي جي سيٽ تي فارم ڀرائي، اسان معزرت ڪندي چيو، اسان سانگهڙ ۾ رهون ٿا اسان جا حرجماعت جي ماڻهن سان ڀائپي وارا تعلقات آهن اسان اليڪشن ۾ انهن سان مقابلو نه ڪنداسين، مخدوم صاحب چيو ته، پوءِ اسان فتح الدين شاه کي ٽڪيٽ ٿا ڏياريون توهان هن جي مدد ڪجو. ائين فتح الدين شاه، کي پي پي طرفان عطا محمد مري سان مقابلي جي لاءِ ٽڪيٽ ملي ، ان ڏينهن کانپوءِ سانگهڙ ۾ اها فتح الدين شاه واري ڪوٺي بنگلي جو روپ وٺڻ لڳي، 1970ع ۾ هن جي تعمير تمام وڏي تيزي سان ٿي جڏهن جناب ذولفقار علي ڀٽي جو جو جلسو سانگهڙ ۾ ٿيڻو هو .

15   SEP 2014    17

ڪجهه مهينن اندر عاليشان ٻه منزله بنگلو تيار ٿي ويو، جنهن جا اٺ ڪمرا هيٺ ۽ مٿي ٽي ڪمرا ۽ هڪ وڏو هال هو. چاڙهين جي مٿان وڏو ٽاور ٺهيل هو جنهن کي چوڌاري رنگين شيشا لڳل هُئا. فتح الدين شاه کي پي پي طرفان ٽڪيٽ ملڻ کانپوءِ اهو بنگلو سياسي سرگرمين جو محور بڻجي ويو ان کي وڌيڪ شهرت ان وقت ملي جڏهن ذولفقار علي ڀٽو پنهنجي اليڪشن جي مهم جي سلسلي ۾ سانگهڙ اچڻ جو پروگرام ٺاهيو. جناب ذولفقار علي ڀُٽو جلوس جي اڳواڻي ڪندو سانگهڙ ويجهو پُهتو، اوچتو فائرنگ ٿي جنهن جي ڪري اهو جلسو ٿي نه سگهيو. سانگهڙ ۾ ٿيندڙ انهي واقعي بين القوامي توجه حاصل ڪئي. ا ڳالهه جا پيرا ٿا کڻجن ته جلسي واري رات مسٽر زيڊ اي ڀُٽو شهدادپور ۾ عبدالسلام ٿهيم جي جاءِ تي ترسيل هو، ان ساڳي رات سنجهوري ڀرسان سنجراڻين جي دعوت تي پير پاڳارو آيل هو، ٿوري گهڻي گڙ بڙ ان رات ئي سانگهڙ شهر ۾ ٿي پئي هُئي، جنهن جي خبر پيرسائين پاڳاري کي دعوت تي پئي،. پيرصاحب جي انهي دعوت ۾ ان وقت ڄام صادق علي، علي بخش جوڻيجو، سميت جماعت جا خليفه ۽ حرجماعت جو وڏو تعداد موجود هو، ٻي طرف شهدادپور ڀرسان به ڀُٽي صاحب سان به وڏو هُجوم هو، پيرپاڳاري پنهنجي مريدن کي پُرامن رهڻ جي اپيل ڪئي، اهو به چيو ته جيڪڏهن ڪنهن شرارت ڪئي ته الزام اسان تي ايندو ۽ مخالف مقبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي پروپئگنڊا طور ان کي استعمال ڪندا، ان موقعي تي ڪي سايسي گُرگ ڪُجهه ٻيو ئي سوچي رهيا هُئا، ان بهار جي موسم م جڏهن هر طرف باغن ۾ اُميدن جا نوان گونچ ڦُٽل هُئا، ان ڪلين جي موسم ۾ اهڙا سازشي هٿ به هُئا جن کي هميشه انهي امن جي چمن ۾ نفرت جي پيوند ڪاري ڪرڻي هُئي ۽ اُهي هٿ نفرت جو ٻج ڇٽڻ ۾ ڪامياب به ٿي ويا.

وزير حُسين پنهور جي چوڻ مطابق ان صورتحال کي ڏسندي اسان فتح الدين شاه جي اڳواڻي ۾ سانگهڙ پيپلزپارٽي جي جي عهديدارن مرحوم ڀُٽي صاحب کي اپيل ڪئي ته سانگهڙ م جهيڙي جو خطرو آهي اوهان ان دوري تي ڪجهه سوچيو، پر ڀُٽي صاحب پنهنجي ڪارڪنن جي ڳالهه کي نظرانداز ڪندي چيو مان ضرور ايندس واپس نه ورندس، اُتي ان وقت سانگهڙ جي ڊپٽي ڪليڪٽر (غلام قادر خان هو يا علي ڏنو ايم پنهور) کين سانگهڙ جي گرم صورتحال کان آگاه ڪيو.

ٻئي ڏينهن 30 مارچ 1970ع جي صبح 10 وڳي جڏهن ڀٽي صاحب جو جلوس شهدادپور روڊ کان سانگهڙ شهر ۾ داخل ٿيو،. ٻي پاسي کان حُرجماعت جا ماڻهو نواب شاه ۽ سنجهورو روڊ کان به پنهنجي ٻارن ٻچن سميت به پيرصاحب جي دعوت کان موٽي رهيا هُئا، سانگهڙ شهدادپور روڊ تي جتي هاڻي الحيات ڪاٽن فيڪٽري آهي، اُتي فائر ٿيو، ڪير هُئا، ڪنهن گولي هلائي انهن چهرن جي خبر اڄ تائين نه پئي آهي، فائرنگ جي ڪري جلوس رڪجي ويو، پي پي ڪارڪن وزير حسين پنهور جو چوڻ آهي ته مخدوم طالب الموليٰ ۽ ڀُٽو پويان سيٽ تي ويٺل هُئا، جڏهن ته مير رسول بخش ٽالپر گاڏي پئي هلائي، فرنٽ سيٽ تي پير غلام رسول شاه ميرپور وارو ويٺل هُئا (حسن عسڪري جو چوڻ آهي ته مون پاڻ ڏٺو هو ته گاڏي غلام مصطفيٰ کر پئي هلائي، جيئن ئي فائر ٿيو، کر گاڏي کي تيزي سان رورس غير ۾ ڪڍي ويو. ڀُٽو گاڏي مان ٻاهر نڪري آيو پر ڪارڪنن وري کيس گاڏي ۾ ويهاريو، اها ڳالهه ذولفقار علي ڀُٽي پاڻ به لياري واري جلسي ۾ ڪئي آهي. هو ته مان پاڻ گاڏي مان لٿو هو. (ميرضيغم ٽالپرجهول وارو) جي گاڏي جيڪا قافلي ۾ هُئي، ان کي باه ڏني وئي، ان سڙيل گاڏي جو ڍانچو ڪيترن سالن تائين سانگهڙ ڀرسان ان واقعي جي ياد ڏياريندو رهندو هو. واپس جلوس وريو گهنڊڻ ڀرسان وري فائرنگ ٿي جتي عثمان چانيهو جو ڊرائيور مارجي ويو. هوڏانهن فتح الدين شاه جي انهي عمارت تي به فائرنگ ٿي جتي ڀت جون ديڳيون چڙهيل هُيون پوءِ ته افراتفري ۾ ڪيڏانهن ويون ديڳيون، ڪيڏانهن ويا ليڊر اچي ماڻهن ۾ ڀاڄ پئي. اهو سانگهڙ جو واقعو مُلڪ جي سرحدن کان ٻاهر به مشهور ٿي ويو، بقول قاضي صدرالدين جي ته بي بي سي نشريات ۾ اهو ٻُڌايو هو ته سانگهڙ جي انهي واقعي کانپوءِ پيپلز پارٽي سانگهڙ سٽي جي صدر عباس سومرو استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي آهي. ڀُٽي صاحب جو به بي بي سي تي بيان نشر ٿيو.

ان افسوسناڪ واقعي کانپوءِ 12 اپريل 1970ع ۾ گبول پارڪ لياري ۾ ڀُٽي صاحب جذباتي تقرير ڪئي سانگهڙ جو واقعو خاص موضوع هو. جنهن ۾ چيائين، اسان کي سانگهڙ جي انظاميه( ڊپٽي ڪمشنر ۽ سُپريڊنٽ پوليس ) صورتحال کان آگاه نه ڪيو هو، وڌيڪ چيائين ته اسان جا مخالف هٿيارن سان مورچن م ويٺل، ۽ وڻن تي چڙهيل هُئا، جن فائر ڪيا. هتي جا مقامي پي پي ڪارڪن اهو به چون ٿا ته ان وقت سانگهڙ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٺاڪر ڪمان سنگهه به جلسي وارن جي انظاميه کي آگاه ڪيو هو ته صورتحال خراب آهي. (اهو ٺاڪر ڪمان سنگهه 71ع واري جنگ دوران هندستان ڀڄي ويو هو) سانگهڙ ۾ انهي معرڪي تي تفصيل سان ڪنهن ٻي موقعي تي وڌيڪ احول ڏبو.

اليڪشن دوران اولهه پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي آرام سان سيٽون حاصل ڪيون اُتي سانگهڙ شهر ۾ کين شڪست جو مُنهن ڏسڻو پين، پيرصاحب جي حمايت سان بيٺل عطا محمد مري ڪاميابي حاصل ڪئي، ياد رهي ته عطا محمد مري بعد ۾ پيرصاحب جي ئي اجازت سان پي پي حڪومت ۾ شامل ٿيو (پارلياماني سيڪريٽري ٿيو) تاريخ جي شاگردن کي ياد رهي ته عطا محمد مري جو والد علي محمد مري واحد سنڌ اسيمبلي جو ميمبر هو (برٽش ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر) جنهن حُرتحريڪ دوران 20 مارچ 1942ع ۾ حُرايڪٽ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو هو. تازو عطا محمد مري جي نياڻي شازيه مري قومي اسيمبلي ۾ پي پي جي بئنچن تي ويٺل آهي. وڏيرڪي سياست جا اهي انگ ونگ سنڌ جا سادا ماڻهو سمجهي نه سگهيا آهن. اهڙا ٻيا به خاندان آهن جن جون وفاداريون مختلف وقتن تي مٽبيون رهيون آهن.

پيپلز پارٽي جي دور ۾ فتح الدين شاه جو بنگلو سياسي سرگرمين جو مرڪز رهيو. هن بنگلي ۾ پ پ جا اهم رهنما جهڙوڪ مير رسول بخش ٽالپر، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، معراج محمد خان، راڻي پور جا پير ۽ ٻيا مقامي توڙي ٻاهر جا اهم ماڻهو سياسي ميٽنگن ۾ حصو وٺندا رهيا. 1977ع ۾ پاڪستان قومي اتحاد جي تحريڪ دوران سانگهڙ ۾ سيڪيورٽي فورس جي ڪارواين جي ردعمل ۾ احتجاجن جيڪي شهر جي ٻين اهم عمارتن تي حملا ٿيا اُتي هن عمارت جي ٽاور جا رنگين شيشا به شاهد آهن ته هن تي به پٿرن جي بارش ٿي پر عمارت موجود رهي. هن عمارت ۾ فتح الدين شاه جا ٻه باڊي گارڊ اتفاق سان ٻئي ڀائر گولي جو نشانو بڻيا، پهرين مينهل ملاح اتفاق سان پنهنجي هٿان فائر ٿيڻ ڪري مُئو، ٻيو ڀاءَ حاڪم ملاح به گولي جو کاڄ بڻيو جيڪو زخمي ٿيو، انهن واقعن جا پير کڻبا ته هڪ ٻيو داستان وجود ۾ اچي ويندو.

جنرل ضياءَ جي مارشل لا دوران هن عمارت ۾ سياسي سرگرميون جهڙوڪ ختم ٿي ويون، بلڊنگ ۾ اها چهل پهل رونق نه رهي، وڌيڪ فتح الدين شاه جي وفات کانپوءِ ائين ئي ٿيو جيئن وڏيراڻي ملڪيتن تي اولاد ۾ ورهاست دوران ٿيندو آهي، خواهشن، گهرجن جي پورائي لاءِ پهرين زمينون وڪامنديون آهن پوءِ بنگلا ۽ پلاٽ. هي جاءِ به هڪ سيٺ ٽيڪم داس خريد ڪئي، ان کان وري پوءِ عبدالواحد لغاري خريد ڪئي، جنهن انهي بنگلي جا پنج پورشن ڪري رهائش لاءِ مختلف ماڻهن کي ڪرائي تي ڏيئي ڇڏيا. اهڙي طرح سياسي حالتن سان گڏوگڏ بلڊنگ جا مالڪ به بدلجي ويا.

ان عمارت جو ٻيو تاريخي دور ان وقت شروع ٿيو جڏهن عوامي ورڪرز پارٽي جي دوستن هڪ پورشن ڪرائي تي ورتو، جنهن ۾ عوامي ورڪر پارٽي جي آفيس ٺاهي ڪم ڪيو. هن آفس ۾ ڪنهن کي به جهل پل نه هُئي، ان ڪري هي جاءِ شهر جي سول سوسائٽي جي توجه جو مرڪز بڻجي وئي، ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ جي دوستن کي به ادبي گڏجاڻين لاءِ ٺڪاڻو ملي ويو.

عوامي ورڪرز پارٽي جي ميزباني ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو وڪيل عوامي ورڪر پارٽي جو رهنما، عابد حسين منٽو، يوسف مستي خان، اخترحُسين، ڪيترائي دفعا آيا، ان کان سواءِ رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر عبدلخالق جوڻيجو، ، ابرار قاضي، روچي رام، وشنو مل، پٿر سنڌي، بخشل ٿلهو جهڙيون شخصيتون پڻ آيون جن نه صرف هتي ميٽنگون ڪيون پر سياسي، سماجي، ادبي ليڪچر پڻ ڏنا. جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت طرفان اهم پروگرامن ۾ حفيظ ڪنڀر، مشتاق راڄپر، امر سنڌو، ميرعالم مري ، جامي چانڊيو، جان خاصخيلي، شاهزيب جيلاني کان ويندي مرحوم لکمير ڏاهري جهڙن دانشورن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، انهي عمارت جي ڇانو ۾ محمد علي شاه، سليمان جي ابڙو، حسن وساڻ جهڙا ماڻهو به ايندا رهيا.

انجمن ترقي پسند مصنفين جا اجلاس به هتي شروع ٿيا ڇاڪاڻ ته انجمن جي دوستن کي به هتي قدم رکڻ لاءِ ڪامريڊ حسن عسڪري ميزباني جو شرف بخشيو، ڊاڪٽر بدر اُڄڻ،راحت سعيد، مظهر اُڄڻ، کان وٺي تازو بي بي سي جو براڊ ڪاسٽر رضا علي عابدي صاحب به هن آفس ۾ چانهه جا ڍڪ ڀري ويوهو. . ان کان سواءِ ارباب نيڪ محمد ۽ عزيز الله ٻوهيو به هن عمارت ۾ ڪامريڊن جون جليبون کاهي جامعيه مسجد ڏانهن نماز لاءِ روانو ٿيندي ڏٺا ويا. هن عمارت ۾ نه صرف ڊراماٽڪ سوسائتي وارا پنهنجي ڊرامن جو ريهر سل ڪندا رهيا آهن بلڪه ڪجهه نوجوان اديب جهونن اديبن جا دڙڪا به سهندا رهيا آهن، جنهن ڪري نه صرف هتي اديبن، صحافين جا ، نبيرا به ٿيندا رهيا آهن پر شهري ايڪشن ڪميٽي، شهر جا معاملا کڻي غور ويچار لاءِ هت اهم ميٽنگون به ڪندي رهي آهي جنهن جي ڪري شهر جي چونڊيل ايم پي ايز کان ويندي شهري جي ڪامورن جا قدم به هن عمارت جي فرش تي گهمندا رهيا آهن، ان ڪري ڪي شهري ماڻهو هن کي چريا پڙي به سڏيندا رهيا آهن. ، يعني ساري جهان ڪا درد هماري جگر ۾ هي ، وانگي هڪ وڏو چريو ڪامريڊ حسن عسڪري انهن سرگرمين جو اهم ڪردار رهيو آهي.

هتي سعيد بلوچ، پنهنجي هٿن سان هڪ سک چين جو وڻ پوکيو هو جنهن جي آبياري هتي جي سڀني ميمبرن ڪئي، هتي جڏهن وڻ جي گهاٽي ڇانو ٿي تڏهن پکين جي چوڳي لاءِ خليل بلوچ بازار مان نه صرف ٻاجهري وٺي ايندو هو پر انهن جي لاءِ پاڻي جا ٿانو به ڀري رکندو هو جنهن کي اُڃارا پکي پي پيا گد گد ٿيندا هُئا. ان عمارت ۾ هڪ ٻلو به رهندو هو، چوندا آهن ته جڏهن طوفان ايندو آهي ته ان جا آثار به ظاهر ٿندا آهن جڏهن وڻ هيٺان گهڻا پکي چوڳو ڪرڻ لڳا تڏهن اهو ٻلو لڪي حملو ڪري شڪار ڪندو هو پکين جا کنڀ اڪثر آفس ۾ پيا هوندا هُئا، پوءِ انهي ٻلي جي خوف کان پکين اچڻ ڇڏي ڏنو، پاڻي ۽ اناج سان پاٽوڙا تي ڀريل رهيا پر اهي پکي وري نه موٽيا، انهي عمارت ۾ موجود انهي ٻلي جي ٻولي آخر تائين ٻُڌڻ ۾ پئي آئي جنهن ڏينهن انهي عمارت جي آخري ديوار پٽ پئجي وئي اهو آواز به بند ٿي ويو.

هن عمارت ۾ ڪم ڪندڙ ٻه ڀائر به گولين جو کاڄ ٿيا، هڪڙو مينهل ملاح، ٻيو حاڪم ملاح، انهن ٻنهي ڀائرن جو سوٽ محمد بخش ملاح جيڪو پڻ انهي بنگلي تي ملازم هو، ان جو چوڻ آهي ته مينهل کي پنهنجي ئي گولي لڳي هُئي، جڏهن ته حاڪم کي پولنگ جي وزٽ دورن فائرنگ ٿي جنهن ۾ هو زخمي ٿيو هو جيڪو وڏو عرصو انهن زخمن ۾ ڀوڳيندو رهيو.

هن بلڊنگ سان ٻيون به کوڙ ساريون ڪهاڻيون مختلف ماڻهن جي زبانن تي آهن پر چوندا آهن ته ماڻهن ۽ کوهن جا وات بند ڪري نه ٿا سگهجن. هڪ ڏينهن جڏهن دوستن کي جاءِ خالي ڪرڻ جو نوٽيس مليو تڏهن سڀني دوستن جي دل ڀرجي آئي مالڪ مڪان انهي بلڊنگ کي ڊاهي شاپنگ سينٽر ٺاهڻ جو ارادو ظاهر ڪيو، دوستن جي دل ڪون ٿي مڃيو پر هڪ ڏينهن مزدور بيلچه، ٽيڪم، هٿوڙا کڻي اچي نڪتا، مجبورن دوستن کي اها جاءِ خالي ڪرڻي پئي، مهيني بعد عمارت کي مڪمل ڊاهڻ کانپوءِ مزدور واندا ٿي بنگلي جي آخري نشاني ان سُک چين جي وڻ هيٺان شام جي چانهه پي رهيا هُئا، جنهن کي سعيد بلوچ پنهنجي هٿن سان پاڻي ڏيئي اولاد وانگي سنڀاليو هو، اهو وڻ به شايد ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهي، ڪاش ان وڻ کي وڏڙن جي نشاني سمجهي رهڻ ڏنو وڃي. جيئن هتي جا پکي مُرده روحن جو نوحو ڳائيندا رهن. هن بنگلي سان وابسطه ڪي ٻي به ڳالهيون هونديون يقينن هنن صفحن ۾ ايتري وڌيڪ گنجائش نه هُئي جو وڌيڪ ڪجهه لکجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو