Home / ڪرنٽ افيئر / ٻوڏون: وري ڊيمن جو رينگٽ!
above article banner

ٻوڏون: وري ڊيمن جو رينگٽ!

Zofeenاهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان پنهنجي دريائن جي بي رحم پاڻي سبب آيل تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيو آهي تڏهن انڊس واٽر ڪميشن جو چيئرمين مرزا آصف بيگ فرمائي ٿو ته جيڪڏهن ڊيمن ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي ها ته ٻوڏن جي تباهڪارين کان گهڻي حد تائين بچي پئي سگهياسين. مرزا آصف بيگ ان قيمتي نعمت جي ضايع ٿيڻ تي ڏکويل آهي. سندس خيال موجب سنڌو درياءَ تي وڏن ڊيمن جي اڏاوت سان انهي مسئلي ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ليڪن وڏا ڊيم هڪ اهم سياسي مسئلو آهن. “ٿرڊ پول ڊاٽ نيٽ” سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊيمن جي مسئلي کي ايترو ته حساس ڪيو ويو آهي جو ان معاملي تي قومي مفاد کي نقصان پهتو آهي.

هلندڙ سال مئي مهيني ۾ وزير اعظم ميان نواز شريف سنڌو درياءَ تي ديامير، ڀاشا ڊيم ۽ داسو هائڊرو پراجيڪيٽ ٺاهڻ جي منظوري ڏني هئي جيڪي ترتيبوار 4500 ۽ 2 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پاڻي جي ماهر اختر علي موجب اهي نوان ذخيرا پاڪستان جي وڌندڙ پاڻي ۽ توانائي جي بحران جي خاتمي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکندڙ آهن. جڏهن ته آبادي ۽ صنعتن جي وڌندڙ پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ خوراڪ جي گهٽتائي کي ختم ڪرڻ لاءِ به اهم آهي. ان جو چوڻ هو ته ڊيم پاڻي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار هجن ٿا ۽ پاڻي کي ضرورت وقت استعمال ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن پاڻي جا وڏا ذخيرا ٺاهيا وڃن ته ٻوڏ جي پاڻي ۾ فائدو کڻي سگهجي ٿو ۽ ڊائون اسٽريم ۾ ٻوڏ اچڻ کي روڪي سگهجي ٿو.

مرزا آصف بيگ موجب ڊيمن سان زراعت لاءِ پاڻي موجود هجڻ ۾ مدد ملي ٿي، جڏهن ته پاڻي تي ڪنٽرول حاصل ڪري بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي ۽ توانائي جي بحران تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. سنڌو دريا پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ ساڍا ٽي ڪروڙ ايڪڙ زمين آباد ڪري ٿو جيڪو آبپاشي نظام تي ٻڌل دنيا جي سڀ کان وڏي ايراضي آهي. ان لاءِ تمام گهڻي مقدار ۾ پاڻي جي ضرورت آهي جڏهن ته انڊس بيسن تي رڳو ٻه ذخيرا تربيلا ۽ منگلا موجود آهن. انهن ٻنهي جي هوندي پاڪستان فقط ٽيهن ڏينهن لاءِ پاڻي ذخيرو ڪري سگهي ٿو جڏهن ته ترقي يافته ملڪ هڪ کان ٻن سالن جي ضرورت جو پاڻي ذخيرو ڪري سگهن ٿا.

پاڪستان تيزي سان پاڻي جي کوٽ جو شڪار ٿي رهيو آهي، موسميات کاتي پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل غلام رسول مطابق هن وقت ملڪ ۾ هڪ ماڻهو لاءِ فقط 250 ڪيوسڪ ميٽر پاڻي موجود آهي، جڏهن ته 1951 ۾ هر ماڻهو لاءِ 5500 ڪيوسڪ پاڻي موجود هو. هن جوچوڻ هو ته جيڪڏهن معاملا ايئن ئي هلندا رهيا ته وڌندڙ آبادي جي پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ مشڪل ٿي وينديون. ليڪن سڀني ماڻهن جي خيال ۾ ڊيم بهتر حل نه آهن. مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي سينٽر آف انجنيئرنگ اينڊ ڊيولپمينٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر مشتاق ميراڻي جو چوڻ آهي ته ڊيمن جي حمايت ڪرڻ وارا ڊيمن ٺهڻ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ هائڊرالاجيڪل تبديلين ۽ نقصان کي نظرانداز ڪري ٿا ڇڏين. هن چواڻي ڊيمن جي ضرورت تي بحث هر ٻوڏ کان پوءِ ٿيندو آهي ليڪن ڊيمن جي حمايت رڳو اپر اسٽريم صوبي پنجاب ۾ آهي.

سنڌو درياءَ جي پاڻي تي بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي ڪالا باغ ڊيم تي گذريل ٽن ڏهاڪن کان تڪرار هلندڙ آهي. پنجاب ۾ ان جي حمايت ڪئي وڃي ٿي ليڪن سنڌ ۽ خيبرپختونخواه 3600 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندڙ ان پراجيڪٽ جي مخالفت ڪن ٿا ڇو ته کين خطرو آهي ته ان سان پنجاب کي سندن پاڻي ڪنٽرول حاصل ٿي ويندو. مشتاق ميراڻي موجب ڊيم تعمير ڪرڻ کان اڳ پاڻي جي قدرتي وهڪري کي نهايت احتياط سان سمجهڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته ڊيم ڊائون اسٽريم جي پاڻي جي قدرتي وهڪري کي تبديل ڪري ٿا ڇڏين. هن چواڻي وڏن ڊيمن جي اڏاوت ۾ تمام گهڻو سرمايو لڳي ٿو جڏهن ته مقامي ماڻهن ۽ جهنگلي جيوت کي پڻ دربدري جو عذاب ڀوڳڻو پوي ٿو. ڪجهه ٻين ماڻهن موجب وڏا ڊيم انتهاپسندن جو آسان نشانو بڻجي سگهن ٿا، جيئن ويجهڙ ۾ ئي عراق جو موصل ڊئم نشانو بڻيو هو.

آڪسفورڊ يونيورسٽي جي سيڊ بزنس جي هڪ نئين تحقيق مطابق وڏن ڊيمن جا نه رڳو اقتصادي بلڪه انساني ۽ ماحولياتي نقصان به آهن. سنه 2000 ع ۾ ڊيمن جي عالمي ڪميشن جي تحقيق کانپوءِ وڏن ڊيمن کي عمل جوڳو ۽ فائدي مند هجڻ ۽ نه هجڻ جي حوالي سان غيرجانبدار تحقيق گهٽ ٿي آهي، جڏهن ته سنه 2000ع تائين سموري دنيا ۾ ڊيمن جو انگ 47000 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو هو. اٺ لک ننڍا ڊيم ان کانسواءِ آهن. آڪسفورڊ جي ان تحقيق ۾ 65 ملڪن جي 245 وڏن ڊيمن جو مطالعو ڪيو ويو. تحقيق مطابق ڊيمن مختلف ملڪن کي وڏن وڏن قرضن ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. تحقيق مطابق ننڍا ۽ ترت تعمير ٿيندڙ هائڊرو اليڪٽرڪ پراجيڪٽس کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ گهرجي. رپورٽ موجب برازيل، چين، ايٿوپيا ۽ پاڪستان جهڙيون وڌندڙ معيشتون تيزيءَ سان ڊيمن جي اڏاوت ڏانهن وڃي رهيون آهن.

30-sep-2014    14

ڊيم اڪيلو حل نه آهن.

اڳوڻو سفير ۽ گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جي عهديدار شفقت ڪاڪاخيل موجب ٻوڏ جي پاڻي جو رخ موڙڻ يا ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڊيم اڪيلو ۽ سٺو حل نه آهن. هن جو چوڻ آهي ته جهڙي ريت اسان گذريل ڪجهه سالن کان ٻوڏن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ان کي سنڀالڻ لاءِ مختلف سائيزن جا ڊيم مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. ليڪن اهو رستو موجود ڪيترن ئي رستن مان فقط هڪ رستو آهي. مشتاق ميراڻي موجب ڊيم ٺاهڻ کان اڳ پاڪستان کي پنهنجو آبپاشي نظام صحيح ڪرڻو پوندو جنهن جي فرسوده ٿيڻ جا سبب تقريباََ 60 سيڪڙو پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو. ان کان سواءِ اسان هاڻي به آبپاشي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام آهيون جڏهن ته اسان وٽ ايترو پاڻي موجود آهي جو اسان ان کي ڏڪار سٽيل ٿر ڏانهن به موڙي سگهون ٿا جتي سمنڊ جو پاڻي وڏي پئماني تي زرعي زمينن کي ڳڙڪائي رهيو آهي يا وري ان سان ڪراچي جهڙن شهرن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪري سگجهي ٿي.

شفقت ڪاڪاخيل موجب هر پراجيڪٽ جا فائدا ۽ چئلينجيز مدنظر رکڻ ضروري آهن. ڊيمن کان متاثڙ ٿيندڙ آبادين جا خدشا جائز آهن ليڪن اوهان اهو به ڏسو ته چين ۾ Three Gorges ۽ YantazeBasinٻوڏن تي ضابطو آڻڻ ۽ بجلي پئدا ڪرڻ ۾ ڪيترو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڻي سان هلندڙ بجلي گهر گهڻو ڪري شهرن کي بجلي مهيا ڪن ٿا ليڪن ان جي ڀرسان موجود علائقا اونداهي ۾ ٻڏل رهن ٿا. ڪاڪاخيل ان ڳالهه سان اتفاق ڪندي هندستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جو مثال ڏئي ٿو، جتي ڪشميري شڪايت ڪن ٿا ته سندن پاڻي استعمال ڪيو وڃي ٿو ليڪن کين پاڪستان وانگر لوڊشيدنگ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ليڪن ڪاڪاخيل موجب انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پاڻي سان هلندڙ بجلي گهرن تان هٿ کڻڻ ضروري نه آهي. ڪاڪاخيل هاڻي به بجلي پئدا ڪرڻ لاءِ ڊيمن بدران سج جي روشني ۽ هوا مان بجلي پئدا ڪرڻ جي منصوبن کي اوليت ڏئي ٿو ڇو ته ان موجب ڊيم رڳو بجلي پئدا نه ٿا ڪن بلڪه منگلا ۽ تربيلا وانگر آباد زرعي ايراضي ۾ واڌارو ڪن ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو