Home / سنڌ افيئر / ٻوڏ جو خطرو ٽريو-ڀوتارن جو سڻڀو گرهه رولڙي ۾!
above article banner

ٻوڏ جو خطرو ٽريو-ڀوتارن جو سڻڀو گرهه رولڙي ۾!

Naseem Bukhariپنجاب ۾ برساتي ٻوڏ جي ٻوڙان ٻوڙ کان پوءِ سنڌ کي جنهن خطري هيٺ رکيو پئي ويو يا جهڙي ريت سنڌ ۾ برساتي پاڻيءَ جي داخل ٿيڻ کان هڪ هفتو اڳ سنڌ حڪومت موبائل ميسيج ذريعي اردوءَ ۾ اطلاع سان ماڻهن جا وڻ وڄايا ۽ خلق پنهنجو پاڻ کي اوچتو آيل مصيبت جي وڪڙ ۾ وڪوڙيل محسوس ڪيو. اهو خوف ۽ خطرو ٽري ويو آهي ۽ دلجاءِ ٿي آهي ته سنڌ برساتي ٻوڏ ۾ نه لڙهندي سنڌ جي ڪچي ۾ جيڪا وچٿري ٻوڏ آئي آهي ان ته سنڌ جا ڍورا به نه ڀريا آهن.

سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ جي نالي ۾ ضلعن ۽ تعلقن جي انتظاميا ڪروڙين روپيا ضرور ڪليم ڪيا ۽ اڳواٽ وصوليا به آهن. وزير، مشير ۽ ڪامورا بندن جي دورن جي نالي ۾ يارن دوستن ۽ مٽن مائٽن جون دعوتون کائيندا رهيا ۽ شادين جي دعوتن جون مبارڪون توڙي عذر خواهيون ڏيندي ڏسڻ ۾ آيا، گڏوگڏ ٽي اي ڊي اي به ٺاهيندا رهيا. “افيئر” ٽيم هڪ ڀوتار جي بنگلي ۾ وڃي ان جو پڇاڻو ڪيو، معلوم ٿيو ته ڀوتار بندن جي حفاظت لاءِ راڄ ڀاڳ جي ماڻهن ۽ هارين توڙي لاڳاپيل مشينري سميت ڪچي ۾ ويل آهي. “افيئر” سوال اُٿاريو ته اهو نه وزير، نه مشير نه چونڊيل نمائندو نه ئي حڪومتي پارٽي سان لاڳاپيل، ان جو ڇا وڃي بندن جي تحفظ سان؟ اهو ته سرڪار ڄاڻي ۽ ان جا ماڻهو ڄاڻن. جواب مليو صاحب کي خطرو آهي ته ڪٿي هروڀرو حڪومت وارا بند نه ڀڃائن. ڇو ته انهن کي ان آڌار تي مال کائڻو ۽ ڦٻائڻو آهي. صاحب ان ڪري بندن جي پنهنجي ماڻهن ۽ مشينري سان گڏ نگراني ڪري رهيو آهي ته جيڪڏهن سرڪار ڪو اهڙو ڪوجهو ڪم ڪيو ته بندن کي لڳل ٽڪ بند ڪرڻ لاءِ وقتائتا قدم کڻجن.

سنڌ ۾ برساتون هجن يا ٻوڏ طاقتور ماڻهن پاران پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ ملڪ ٻوڙي ڇڏڻ عام روايت رهي آهي.

مٿي ڀوتار جي بنگلي وارو مثال رڳو نشاندهي طور تي ڪتب آندو ويو آهي پاڻ وٽ اهڙا انيڪ حوالا آهن جن ۾ هزارين ڳڻتيون سمايل سُجهن ٿيون. سنڌ جي ڪچي ۾ جيڪا ۽ جهڙي ريت انتظامي طاقت سان ماڻهن کي لڏائڻ جون ڪوششون ڏسڻ ۾ آيون ان مان لڳي نه پيو ته ڪا سرڪار پنهنجي ئي ماڻهن کي محفوظ پناهگاهن طرف پهچائڻ جي ڳڻتي ۾ هئي پر بلڪه ايئن پئي لڳو ڄڻ ڪنهن مخالف فوج جي سپاهين کي ٺڪاڻي طرف ڌڪي رهي هجي.

خلق جو سرڪار تي ويساه نه هو ان ڪري ماڻهن سرڪار ۽ ان جي ڪارندن تي اعتماد نه پئي ڪيو. ماڻهن پنهنجي ڪکاون گهرن ۾ مرڻ کي ته ترجيح ڏني پر پڪي تي نه آيا ۽ اچن به ها ته ڪهڙن افعالن تي؟

هنن لاءِ کاڌي پيتي، صحت ۽ ضروري حاجتن جي پوراءُ جو ڪو به بندوبست ڪيل نه هو. هو ٺلهن آسرن ۽ سکڻن دلاسن تي ڪيئن اجها خالي ڪن ها؟

ٻوڏ جي خوف واري لهر مان نڪري آيل سنڌ جي خلق هاڻي موسميات کاتي پاران به مينهن نه پوڻ واري خاطري کان پوءِ ان نتيجي تي پهتي آهي ته ٻوڏ اچي ها يا نه پر ٻوڏ جي بهاني امڪاني امداد جي آسري تي گهڻن ئي ڀوتارن، سياستدانن ۽ ڪامورن ڪڙن وڏا اندازا لڳايا هئا. اهي اندازا هاڻ ارمان ۽ حسرت ۾ بدلجي ويا آهن ڇو ته جيتري توقع ڪئي پئي وئي کين اوترو گرهه نصيب نه ٿيو آهي پر ان جي باوجود به امڪاني ٻوڏ کي نظرن ۾ رکندي هتي جيڪا ميڙا چونڊي ڪئي وئي آهي سا به سڀني ڪنهن کي خبر آهي.

15   SEP 2014    10هنن کي آسرو هو ته هن ڀيري جي ٻوڏ به هنن جا وارا نيارا ڪندي، انهن جي سياست، طاقت ۽ حيثيت چمڪندي، هنن جو رعب وڌنڌو. هو تر ۾ وڏي لئي ڪري گهمندا. هنن انهن حوالي سان ڪامورن ڪڙن سان خراب ٿي ويل لاڳاپا به ڏئي وٺي وري نئين حساب ڪتاب سان ٺاهيا هئا ڪامورن ڪڙن به پڪ ڏياري هئي ته هاڻوڪي هاڪ اڳ واري ساک کان به سرس هوندي پر وقت ۽ حالتن اها مهل ئي نه آندي جيڪا هنن پاران ملهائجڻي هئي.

ڪن سياست ته ڪن مذهب ۽ ڪن وري سماجي طور تي پنهنجا نت نوان تعارف جوڙي رکيا هئا. مٿين حوالن سان هو هڪ نئين جوش جذبي سان آڏو اچڻا هئا، ڪن ته ان حوالي سان تقريرون ۽ عوامي هنڌن تي ڪتب ايندڙ جملا به رٽي ڇڏيا هئا.

اها الڳ ڳالهه آهي ته هنن پنهنجي پاران ڪنهن خاندان کي به ٽڪائڻ ۽ کارائڻ پيارڻ جو انتظام نه ڪيو هو. هنن ڪا ڪيمپ قائم نه ڪئي هئي نه وري ڪو عوامي شڪايت جي ازالي وارو عارضي دفتر قائم ڪيو هو.

پر جي مصيبت ڪڙڪي ها ته هي خود پاڻ مصيبتن کان وڌيڪ تلخين سان گڏ ضرور پهچي وڃن ها. هنن پنهنجي پاران ڏيٺ وارن سماجي ادارن سان لهه وچڙ ڪري امداد جي ملڻ جي پوري پوري پڪ ورتي هئي ۽ جنهن ڪنهن کي اهڙي خاطري به ڪرائي هئي پر ٻوڏ آئي ئي نه ته هو ڪنهن کي ڪيئن پڪڙين؟

سنڌ ۾ آيل تيزي سان ختم ٿي ويل ٻيلا برساتي ٻوڏ کان بچاءُ جو وڏو جهل هوندا آهن پر ڪچي جو ڪروڙين روپين جو ڪاٺ ڪنهن جي نوٽيس ۾ نه آهي جنهن جي واڍي اڄ به جاري آهي، چوي ته ڪير چوي ۽ ڳالهائي ته ڪير ڳالهائي؟ سرڪاري ٻيلا ۽ سرڪاري زمينون ڌاڙيلن جي ملڪيت ٿي ويون آهن. دريا جا لنگهه ماڻهن جي قبضي ۾ آهن. عدالت جي حڪم باوجود اهي خالي نه ڪرايا ويا آهن. هي ته قدرت جي مهرباني جو مينهن نه وسيا پر جي برسات به پوي ها ۽ ٻوڏ به ڪچو پڪو ٻوڙي ڇڏي ها ته پوءِ ڪهڙي در ٻاڏائجي ها؟ ڪنهن کي دانهن ڏجي ها ۽ ڪير اسان جي عوام جا لڙڪ اگهي ها؟

ايئن ناهي ته ٻوڏ نه اچڻ جي ڪري سياستدانن ۽ ڪامورن جا مالي فائدن وارا خواب خاڪ ۾ ملي ويا آهن. هنن امڪاني ٻوڏ جي کاتي ۾ به گهڻو ڪجهه کاڌو آهي پر جيڪا ڍئو تي ماني کين اڃا کائڻي هئي سا شايد وات ۾ ايندي ايندي قدرت کسي ڇڏي آهي. قدرت هنن کي سڪايو آهي ۽ سمجهايو به آهي ته اهڙي اميد نه رکو ڇو ته اميدون سدائين چڱيون رکڻ گهرجن. شايد ان ڪري ئي چوندا آهن ته خدا جي من ۾ هڪڙي ۽ بندي جي من ۾ ٻي.

هن ٻوڏ ۾ ڪچي ۾ ايترو پاڻي به نه پهتو آهي جيترو ان جي خوشحالي لاءِ ضروري سمجهيو ويندو آهي. بندن جي مرمت ۽ انهن جي دورن جي کاتي ۾ اربين روپيا ڪک پن ٿي ويا آهن. سنڌ سرڪار کي عوام ۽ سندن جي اهڙي خيال رکڻ تي واقعي به لک لک مبارڪون ملڻ کپن. سنڌ سرڪار سان امڪاني ٻوڏ جيڪا مَلههَ ڪري وئي آهي اهو ته ان ڪڏهن سوچيو به نه هو. ٻوڏ به ٻوڏ آهي پر ڀوتار به ڀوتار آهن، مهيني ٻن کان پوءِ رپورٽون پڙهي ڏسجو ته ٻوڏ جي بچاءُ وارن خرچن جي وچور ۾ ڪيئن ڪسرون پوريون ڪيون ويون آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو