Home / اسپيشل افيئر / پراسرار هيرو ازم!
above article banner

پراسرار هيرو ازم!

Nadeem F parachaاصل ۾ هيرو ازم /خدائي فوجداري (vigilantism) هڪ اهڙي پراسرار نجات ڏياريندڙ جو عوامي ۽ مسيحائي تصور آهي جيڪو ظالم معاشري ۾ انصاف جو علمبردار بڻجي عوام مان ئي اُڀرندو آهي. اهڙا ڪردار حقيقت ۾ حقيقي زندگي بدران ڪٿائن، موويز، ڪهاڻين ۽ ڪومڪس ۾ وڌيڪ ملندا آهن، جتي اهي هيرو قانون کي هٿ ۾ کڻي سول سوسائٽي کي ڪارين رڍن کان پاڪ ڪري ڇڏيندا آهن.

پوءِ به ڪجهه ماڻهو سماج جا ٺيڪيدار بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ پوءِ سندن منهن ڀت سان لڳندو آهي، ڇو ته ظاهر آهي ته زندگي ڪا مووي نه آهي.

بهرحال ڪيترن ئي سياستدانن ۽ آمرن هيروازم جو مقبول ۽ تصوراتي لباس پائي پاڻ کي جديد دور جو مسيحا ۽ نجات ڏياريندڙ ڪري پيش ڪيو، ڇاڪاڻ جو ڇڪتاڻ ۾ مبتلا سماج کين آساني سان قبول ڪري وٺندا آهن.

ليڪن اڳوڻي اٽالين فاشسٽ مسوليني ۽ جرمن نازي سپرمين ايڊولف هٽلر وانگرعام طور تي اهڙا ماڻهو عظيم هيرو مان بدلجي مڪروهه مخلوق بڻجي وڃن ٿا ۽ پنهنجي جنون ۽ رت ۾ ٻڏي ختم ٿي ويندا آهن ۽ اهوئي عوام جيڪو ڪنهن وڏي عقيدت سان سندن پوڄا ڪندو آهي اهو کانئن نفرت ڪرڻ لڳندو آهي. نه رڳو اهو ته فرضي هيرو ازم جو لاڙو انهن ماڻهن ۾ اڄ تائين مقبول آهي جن وٽ قانون جي حيثيت ڪمزور آهي. بدعنواني آهي يا عوام جي سماجي، سياسي ۽ مذهبي لاڙي مطابق نه آهي بلڪه ان جو تاثر سياستدان به ڏيندا آهن.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جتي وڌيڪ معاشرا پاڻکي عوامي ۽ مسيحائي خدائي فوجداري بڻائي پيش ڪندڙ ليڊرن کان تنگ ٿي ويا آهن، اتي وري ميڊيا هائوسز نمائشي خدائي فوجداري جو انداز اختيار ڪري ورتو آهي. مثال طور پاڪستان ۽ هندستان ۾ وڌندڙ اربنائيزيشن سبب مڊل ڪلاس ايڪٽوازم ۾ واڌ ٿي آهي. پرائيوٽ ٽي وي چئنلز مڊل ڪلاس هيرو ازم جو تصور پيش ڪرڻ لڳا جيڪو گهڻو تڻو ان طبقي جي مايوسي جي پئداوار هوندو آهي، ڇو ته اهو طبقو سماجي ۽ معاشي اثر رسوخ حاصل ڪري وٺڻ باوجود اقتدار جي مٿاهين تخت تائين رسائي حاصل نٿو ڪري سگهي. اها هڪ اهڙي محدود شرافيه آهي جيڪا پنهنجي رسائي جي راهه ۾ رنڊڪون وجهڻ جو الزام ملڪ جي بدعنوان نظام تي مڙهي ٿي ۽ پنهنجي مايوسيءَ جي ڪري اهي معاشري جي ڪجهه پهلوئن کي غير اخلاقي ۽ نظام جي زوال سان تعبير ڪن ٿا.

پاڪستان ۾ وڌيڪ ريٽنگ لاءِ بيتاب ڪجهه ٻئي درجي جي چئنلن ان رجحان تي ڪم ڪندڙ اهڙن جذباتي مردن ۽ وڌيڪ جذباتي عورتن تي ٻڌل ٽي وي شوز تيار ڪيا جن ۾ اهي خدائي فوجدار هٿن ۾ مائڪرو فون ۽ ڪئمرا کڻي کدڙن، بدمست پوليس وارن ۽ ڊيٽنگ جوڙن پٺيان ڊوڙن ٿا ۽ بداخلاقي ڦهلائڻ تي کين لعنت ملامت ڪن ٿا.

وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اخلاق جا اهي علمبردار هٿن ۾ ڏنڊا کنيل سونهاري وارا مرد يا برقعا پوش عورتون ناهن هونديون بلڪه اهي نارمل مڊل ڪلاس عورتون ۽ مرد هجن ٿا يا گهٽ ۾ گهٽ لڳندو ايئن ئي آهي.

15   SEP 2014    9

ليڪن عام خيال جي ابتڙ، ان عمل مان ان حقيقت کي سگهه ضرور ملي ٿي ته 1980ع کانپوءِ پاڪستان ۾ ڦهلجندڙ “اسلامائيزيشن” جي لهر جو اڻ پڙهيل ۽ گهٽ رعايت يافته طبقي سان گهٽ تعلق آهي. ان عمل جو هميشھ کان ۽ هينئر تائين وڏي پئماني تي تعلق ملڪ جي شهري مڊل ڪلاس ۽ واپاري طبقي سان آهي. 1980ع ۾ ضياالحق جي “اسلامائيزيشن” جي عمل جو فائدو کڻندي ڪيترن ئي مذهبي تنظيمن پاڪستاني سياست ۽ عمرانيات جي ميدان ۾ قدم ڄمائي ورتا. حالانڪه انهن ۾ اڪثريت ويڙهاڪن جي هئي ۽ انهن آخرڪار پاڻ کي “اسٽريٽيجڪلي”بنياد پرست ادارن جي ڪجهه حصن سان ڳنڍي ڇڏيو. ليڪن اهي تبليغي تحريڪون هيون جن ملڪ جي سماجي ۽ ثقافتي ماحول اندر وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪئي.

۽ ڪڏهن کان اهي نام نهاد “تعليم يافته” ۽ امير شهري طبقا اخلاقي ڪروسيڊرز بڻجي ويا؟ ان جو جواب شهري مڊل ڪلاس جي وچ ۾ موجود اهي سامعين آهن جيڪي تبليغي جماعتن کي مليا.

ليڪن خدائي فوجداري جو هڪ قسم جيڪو اڄڪلهه اسان کي انهن بدنام ٽي وي شوز ۾ ڏسڻ لاءِ ملي ٿو ان جو تعلق 1980 جي مذهبي جماعتن جي يوٿ ونگ سان آهي، جيڪي ميوزيڪل ڪنسرٽس، نيوايئر پارٽين ۽ سئنيما گهرن تي حملا ڪندا هئا.

اڄ جي دور ۾ اخلاقي هيرو ازم فقط هڪ ٽيليويزن افيئر ئي ناهي، ان کي هلائيندڙ اهي مرد ۽ عورتون آهن جن کي کدڙن، ڊيٽنگ جوڙن ۽ بدمست پوليس وارن کان ڌپ ته ايندي هوندي ليڪن سندن واندڪائي وارو وقت سئنيما گهرن جا چڪر ڪاٽيندي، شادين ۾ ڊانس ڪندي ۽ جديد مالز ۾ شاپنگ ڪندي گذري ٿو.

سوال اهو آهي ته (ماڊرن عورتن تي ٻڌل) اهي ڪردار جيڪي ممڪن آهي ته تڪڙي ريٽنگ حاصل ڪرڻ لاءِ ايئن ڪري رهيا هجن ليڪن اصل ۾ ٽي وي لاءِ ٺاهيل نام نهاد هيرو ازم جا پروگرام ڪهڙي ريت سيالڪوٽ جي ان جنوني هجوم کان مختلف آهن جنهن ٻه سال اڳ رڳو چوريءَ جي شڪ ۾ ٻن نوجوان ڇوڪرن کي ماري ماري اَڌ مئو ڪري ڇڏيو هو.

انصاف ۽ اخلاق لاءِ سماج جي فرضي اڃ اجهائڻ جي دعويٰ ڪرڻ بدران اهي خدائي فوجداري پروگرام اصل ۾ ان شهري مڊل ۽ لوئر ڪلاس جي ماحول ڏانهن اشارو آهن جيڪو خطرناڪ حد تائين فاشسٽ لاڙا ۽ مايوسي، ڪيني پروريت ڏانهن وڌي رهيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو