Home / شوبز / پرينيتي چوپڙا جي دعوت عشق!
above article banner

پرينيتي چوپڙا جي دعوت عشق!

15   SEP 2014    13اداڪارا پرينيتي چوپڙا ۽ اديتيا راءِ ڪپور پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”دعوتِ عشق“ جي پروموشن لاءِ ڀارتي شهر گجرات ۾ پهچي ويا، سندن گجرات ۾ موجودگيءَ مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو. فلم ”دعوتِ عشق“ جي مرڪزي ڪردارن ۾ پرينيتي ۽ اديتيا راءِ ڪپور فلم جي پروموشن تقريب ۾ گجرات پهتا جتي ٻنهي فنڪارن کي ڏسڻ لاءِ مداحن جو رش لڳي وئي. پرينيتي چوپڙا پنهنجي چاهيندڙن سان ملاقات ڪئي ته اديتيا راءِ ڪپور به مداحن سان وقت گذاريو. ٻنهي تقريب ۾ ڪيڪ به ڪٽيو، دعوت عشق ۾ حيدرآبادي سيلز گرل ۽ لکنئو جي بورچي جي محبت جي ڪهاڻي، رومينس ۽ ڪاميڊي سان ڀرپور هيءَ فلم 19 سيپٽمبر تي سئنيما گھرن جي زينت بڻبي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو