Home / اسپيشل افيئر / پينو فقير-تاريخ جي جبر جو شڪار!
above article banner

پينو فقير-تاريخ جي جبر جو شڪار!

Dr Mubarakروايتي تاريخ لکندڙن هميشھ نظرانداز ٿيل طبقن کي تاريخ جي مک ڌارا مان ڪڍي پئي ڇڏيو، کين “تاريخ کان وانجهيل” سمجهيو ۽ سندن سماج لاءِ ڪيل ڪارگذاري کي تسليم پڻ نه ڪيو ويو. طبقاتي سماج ۾ جتي غريب ۽ امير وچ ۾ تمام وڏي وڇوٽي آهي، جنهن ۾ پينو فقير هڪ اهڙي طبقي طور اُڀريا جن جو مدار امير طبقي جي رحم ڪرم تي هجي ٿو. جڏهن ته سڀني مذهبن خيراتي ڪمن کي واکاڻيو آهي. (هڪ اهڙو شاندار ڪم جنهن جي خدا به تعريف ڪري ٿو) ان ڪري ان تصور کي هميشھ مٿئين طبقي جو غلبو حاوي رکڻ ۽ انتهائي غربت جو شڪار ماڻهن جي استحصالي طبقي خلاف سوچ ۽ مزاحمت کي ماٺو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو.

سماج اندر پينو فقير اهڙو گروهه آهن جن کي سماج جي هرپرت طرفان نهايت حقارت سان ڏٺو وڃي ٿو. جڏهن به تاريخ ۾ سندن ذڪر ڪيو وڃي ٿو تڏهن شاهوڪار طبقي جو اميج بهتر ڪرڻ خاطر کين کانئن رعايتون حاصل ڪندڙ طور ڄاڻايو وڃي ٿو. جرمن فلاسافر نٽشي چواڻي همدردي ۽ رحمدليءَ جا اخلاقي قدر سماج ۾ ڏتڙيل طبقي مٿان مٿئين طبقي کي فوقيت ڏيڻ کي هٿي ڏين ٿا.

فقيرن جا ڪيترائي قسم هجن ٿا. رومن فلاسافر سينيسا (Seneca) )( 65ع) جو چوڻ آهي ته رومن بادشاهت ۾ پروفيشنل فقير هوندا هئا. انهن جي اڳواڻي ڪندڙن جو ڪم ئي اهو هوندو هو ته اهي ٻار اغوا ڪري سندن هڏ گُڏ ڀڃي کين معذور بڻائي پنائيندا هئا ته جيئن ماڻهو مٿن رحم کائي کين خيرات ڏين ۽ پوءِ هو انهن کي انهن ئي ڏوڪڙن مان بخشش ڏئي خوش ڪندا هئا. چارلس ڊڪنس پڻ برطانيا جي وڪٽورين دور بابت چوي ٿو ته ان دور ۾ اتي فقيرن جا منظم گروهه سرگرم هوندا هئا، جيڪي خيرات وسيلي حاصل ڪيل رقم پنهنجي اڳواڻن حوالي ڪندا هئا، جنهن جي بدلي ۾ اهي سندن سار سنڀال لهندا هئا.

اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين جيئن جو تيئن جاري آهي. فقيرن جا اهڙا منظم گروهه آهن جيڪي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي کانئن خيرات ۾ رقمون حاصل ڪن ٿا. اسان کي فقير جتي ڪٿي نظر ايندا، خاص طور مارڪيٽن، اسپتالن، مسجدن ۽مقبرن تي، جتي اهي ماڻهن کي اپيل ڪندي نظر ايندا ته کين مذهب جي نالي تي يا رحم کائي خيرات ڏني وڃي.

ڪلاسيڪل يوناني فلاسافي ۾ Cynicism نالي هڪ تحريڪ هلي، جنهن جي پوئلڳن نه رڳو دنيا تياڳي بلڪه پنڻ تي ئي گذارو ڪيائون. ان تحريڪ جي بانيڪارن مان هڪ جو نالو Diogenes هو، (323 قبل مسيح) جنهن وٽ پاڻي پيئڻ لاءِ ٺڪر جي ڪٽوري کانسواءِ ڪجهه به نه هو. هن هڪ ڏينهن ڏٺو ته هڪ ٻار نديءَ ڪناري ٻُڪ سان پاڻي پي رهيو هو، ان ڏينهن هن پنهنجو ٺڪر جو ڪٽورو ڀڃي ڇڏيو ۽طئي ڪيو ته هو اڳتي لاءِ ايئن ئي پاڻي پيئندو، جيئن ٻارڙي نديءَ ڪناري پئي پيتو. هن پنهنجي سڄي ڄمار خيرات تي گذارو ڪيو.

ڪجهه مذهبن ۾ ته پنڻ کي خدا پرستي جو جذبو چئي اتساهيو ويو آهي، ٻڌ ڌرم ۾ مرد ڀڪشو ۽ عورت ڀڪشڻ موجود آهن، جڏهن ته عورت کي ڪابه خانگي ملڪيت رکڻ جو حق ناهي، نه وري مادي دنيا سان ڪو تعلق رکڻ جو حق.

ايسيسي جو سينٽ فرانسس (1226-1181) اٽليءَ جو ڪيٿولڪ مبلغ هو، فرانسس 1204ع ۾ ايسيسي (Assisi) ڏانهن واپس موٽيو ۽ دنيا تياڳڻ جو مزو ماڻيائين. روم ڏانهن حج تي ويندي هن سينٽ پيٽر جي بيسليڪا ۾ غريبن سان گڏ پنڻ کي ترجيح ڏني. پنڻ جي تجربي مان اتساهه وٺندي هن غربت ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو. پنهنجي اباڻي گهر واپسي کانپوءِ هن گهٽين ۾ تبليغ شروع ڪئي ۽ ٿوري وقت ۾ ئي کيس ڪيترائي پوئلڳ ملي ويا.

15   SEP 2014    7

16 هين عيسوي ۾ هالينڊ ۽ بيلجيم گڏيل صوبي طور سڃاتا ويندا هئا ۽ انهن اسپين جي حڪمراني جي مزاحمت پڻ ڪئي. جهدوجهد دوران گڏيل صوبن جي هڪ وفد اسپين جي خاتون گورنر کي پنهنجا ڪجهه مطالبا پيش ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو. جڏهن اها درخواست کيس پيش ڪئي وئي تڏهن سندس صلاحڪارن مان هڪ کيس صلاح ڏني ته سندن مطالبا نه مڃيا وڃن، ڇو ته اهي پينو فقير رهيا آهن. جڏهن اهو وفد بنا ڪنهن ڪاميابيءَ جي واپس موٽيو تڏهن کين پينو فقير چيو ويو ۽ سندن اسپين خلاف جهدوجهد ۾ پينو فقير (Beggers) لفظ سندن مزاحمتي جهدوجهد جو اهڃاڻ بڻجي ويو. جڏهن اتان جي نيوي باغين سان شامل ٿي وئي ته ان کي “سامونڊي فقير” ڪوٺيو ويو. ايئن “پينو فقير” لفظ کي اسپين خلاف آزادي جي جهدوجهد ۾ ماڻهن جي جذبي خلاف استعمال ڪيو ويو.

يورپ ۾ وچئين دور دوران پنڻ کي عيب نه سمجهيو ويندو هو. ليڪن صنعتي انقلاب کانپوءِ پنڻ کان لاتعلقي ظاهر ڪندي ماڻهن تي سماج طرفان زور ڀريو ويو ته اهي پنهنجو گذر معاش پورهئي وسيلي حاصل ڪن. ڪجهه يورپي ملڪن ۾ ته پنڻ تي قانوني طور پابندي پيل آهي.

پاڪستان ۾ ته پنڻ عام جام آهي، جن ماڻهن کي گذر معاش جو ڪو ذريعو ناهي يا ڪٽنب طرفان سهارو ناهي، اهي پنڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ٻئي طرف وري ڌنڌوڙي پينو فقير ماڻهن جي جذبات جو استعمال ڪري پنڻ کي پنهنجي گذر معاش جو ذريعو بڻائن ٿا.

اسان جي سماج ۾ پنڻ واري ڪرت ۾ جاگيرداري ڪلچر سبب پڻ واڌ آئي آهي. شاهوڪار ۽ دولتمند ماڻهو غريب ۽ بکايل ماڻهن کي کاڌ خوراڪ مهيا ڪري فخر محسوس ڪن ٿا. اهڙي عمل وسيلي اهي سماج اندر پنهنجي سٺي ساک ٺاهين ٿا. پر اهو طئي آهي ته خيرات وسيلي معاشري مان نه ته غربت ختم ڪري سگهجي ٿي نه وري خوشحال معاشرو اڏي سگهجي ٿو. سماج مان پنڻ وارو مرض فقط رياست طرفان تعليم، صحت، روزگار ۽ ماڻهن جي فلاح جي ذميواري مڪمل ريت نڀائڻ وسيلي ئي ختم ٿي سگهي ٿو.

mubarakali@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو