Home / اسپيشل افيئر / چارلس نيپئر جو قاتلن کي ڦاهي لاءِ چتاءُ …۽جڏھن سنڌ ۾ عورتن جي قاتلن کي ڦاھيءَ چاڙھيو ويندو ھو !
above article banner

چارلس نيپئر جو قاتلن کي ڦاهي لاءِ چتاءُ …۽جڏھن سنڌ ۾ عورتن جي قاتلن کي ڦاھيءَ چاڙھيو ويندو ھو !

Naseer Ejazيورپي پارليمينٽيرين ڪائونسل 2009 ۾ ھڪ ٺھراءُ پاس ڪيو ھو ته جيئن ميمبر ملڪن کي غيرت جي نالي ۾ عورتن جي ٿيندڙ قتل جي واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ لاءِ بار وجھي سگھجي. ٺھراءَ ۾ چيو ويو: “يورپ توڙي ٻين ھنڌن تي ھٿ ٺوڪي غيرت جي نالي تي ڏوھن جي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي. عورتون انھن ڏوھن جو شڪار ٿي رھيون آھن ۽ خاص طور اُتي جتي بنياد پرست برادريون ۽ سماج موجود آھن. انڪري يورپي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن کي چئجي ٿو ته قومي ائڪشن پلان ٺاھي غيرت جي نالي ۾ عورتن خلاف ڏوھن کي روڪڻ لاءِ ان تي عمل ڪن.”

ان قسم جي ٺھراءَ جي ضرورت انھيءَ ڪري پيش آئي جو يورپ توڙي دنيا جي ٻين مختلف ملڪن ۾ ھٿ ٺوڪي غيرت يا عُرف عام ڪارنھن جي الزام ھيٺ عورتن جي قتل جا ڪيترائي واقعا ٿي رھيا ھئا. يورپ اندر ٿيندڙ انھن واقعن ۾ خاص طور اھي ماڻھو ملوث ھئا جيڪي عرب ۽ ايشيائي ملڪن مان لڏي اچي آباد ٿيا ھئا. مثال طور ھڪ رپورٽ موجب 2005 ۾ جرمنيءَ اندر ڇھن مھينن ۾ ڇھه مسلم عورتون ڪارنھن جي الزام ۾ قتل ٿيون. ساڳي سال برطانيا ۾ 12 کن ايشيائي عورتن کي ان الزام ھيٺ خُون ڪيو ويو پر وقت گذرڻ سان گڏ 2010 تائين اُتي اھڙن ڏوھن ۾ 47 سيڪڙو واڌارو ٿي ويو. گڏيل قومن جي ھڪ رپورٽ توڙي ڪن ٻين عالمي رپورٽن موجب ارجنٽائين، البانيا، فرانس، برازيل، سويڊن، آسٽريليا، گوئٽيمالا، اڪئيڊور، پيرو، مصر، ايران، وينزويلا، اردن، عراق، شام، افغانستان، لبنان، مراڪش، يوگنڊا، ترڪي، يمن، انڊيا، پاڪستان ۽ ويندي فلسطين، اسرائيل ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪارنھن جي الزام ۾ عورتن جو قتل ٿيندو رھيو آھي.

تاريخي حقيقتون ٻڌائن ٿيون ته قديم زماني کان عورتون ان ظلم جو شڪار ٿينديون رھيون آھن. عرب دنيا ۾ اسلام جي نزول کان اڳ نياڻين کي جيئري دفنايو ويندو ھو. آمريڪي ليکڪا ڪئرِن آرمسٽرانگ پنھنجي ڪتاب “محمد” ۾ لکي ٿي ته نياڻين جي قتل تي عربن کي ڪوبه افسوس ڪونه ھوندو ھو. “درحقيقت عورتن کي غلامن جيان ڪي به انساني ۽ قانوني حق حاصل ڪونه ھوندا ھئا. انھن سان ظالماڻو ورتاءُ ڪيو ويندو ھو.” اھي حقيقتون تاريخ جي ورقن ۾ لکيل آھن ۽ ھرڪو پڙھندو رھيو آھي ته پيغمبر صلعم ان ظلم کي اچي ٻُنجو ڏنو. گڏيل قومن جي “منشيات ۽ ڏوھن کي روڪڻ واري اداري” جي رپورٽ موجب عورتن جو قتل جنس جي بنياد تي ڏوھن جي تاريخ جي پراڻي ۾ پراڻي شڪل آھي، سو نه رُڳو اسلام کان اڳ اھو سلسلو جاري ھو پر پوءِ به ختم نه ٿي سگھيو آھي. اسان وٽ غيرت جي نالي ۾ قتل سڏيو وڃي ٿو ته لاطيني آمريڪا، قديم روم ۽ يونان ۾ ان کي يعني ڪاوڙ يا جذبات ۾ اچي ڪيل ڏوھن جو نالو ڏنو ويو. Crimes of Passion گڏيل قومن جي رپورٽ موجب ارجنٽائين، اڪئيڊور، مصر، گوئٽيمالا، ايران، اسرائيل، اردن، پيرو، شام، وينزويلا ۽ فلسطين توڙي پاڪستان ۾ ڪارنھن جي الزام ۾ عورتن جو قتل ڪندڙن لاءِ سخت سزائون ڪونه ھيون. پر عجيب ڳالھه آھي ته يورپ جي اھم ملڪ فرانس ۾ به 19 ھين صديءَ ۾ انھن لاءِ سزا ۾ نرمي ھئي. فرانس ۾ 1804 ۾ لاڳو ڪيل نيپولين ڪوڊ مطابق عورت جي قاتل کي قتل واري ڏوھه جي سخت سزا بدران ھلڪي ڦلڪي سزا ڏيڻي ھئي. فلسطين ۾ به 2012 تائين عورتن جي قاتلن لاءِ ڪوبه سخت قانون ڪونه ھو. چيچنيا جي موجوده صدر رمضان ڪيدروف ته کليل لفظن ۾ ڪارنھن جي الزام ۾ قتلن جي حمايت ڪندي چئي ڏنو ته “غيرت ۾ قتل انھن لاءِ آھي، جيڪي ان جون مستحق آھن.” پاڪستان ۾ 2005 ۾ اھڙن خونين کي قتل جي ڏوھه واري سزا ڏيڻ لاءِ ھڪ بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويو ھو پر اھو پاس نه ٿي سگھيو ۽ نيٺ ٻئي سال 2006 ۾ وري اھڙو بل پيش ڪرڻ تي پاس ٿيو پر روايتي طرح اھو قانون ٻين قانونن جيان مُرده خاني ۾ ھليو ويو ۽ اڄ به نه رڳو ڪارنھن جي الزام ھيٺ عورتن جو رت وھايو پيو وڃي پر ھڪ اين جي او جي رپورٽ موجب ستر کان اسي سيڪڙو قاتل خُون جي ڪيسن مان آزاد به ٿي وڃن ٿا. اھا صورتحال سڄي پاڪستان ۾ آھي ڇوته ڪارنھن جي الزام ۾ عورتن جو قتل رُڳو سنڌ ۾ نه پر پنجاب، خيبر پختونخواھه ۽ بلوچستان ۾ به ٿئي ٿو. انگن اکرن جو جائزو وٺجي ته ڪارنھن جي الزام ۾ عورتن جو قتل سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ ٿئي ٿو جنھن کانپوءِ سنڌ آھي جڏھن ته خيبر پختونخواھه ۽ بلوچستان، جتان اھا ڪاري رسم سنڌ پھتي، اتي عورتن جي قتل جو انگ بنھه گھٽ آھي. مونکي ڪڏھن به انھن ٻنھي صوبن جي انگن اکرن تي ويساھه ڪونه آيو جو اتي قبائلي سماج ۾ اھڙن واقعن کي پوليس وٽ رپورٽ ڪرڻ بدران مقامي سطح تي دٻايو وڃي ٿو. جيڪڏھن ڪو واقعو ميڊيا ذريعي وائکو به ٿي وڃي ٿو ته اُتان جا قبائلي سردار کُلم کُلا عورتن جي قتل جي حمايت ڪن ٿا، جيئن 2008 ۾ بلوچستان جي سينيٽر اسرار الله زھريءَ عمراڻي قبيلي جي پنج عورتن جي قتل تي سينيٽ ۾ پنھنجي ذھنيت جو اظھار ڪندي چيو ھو: “اھي اسان جون پراڻيون روايتون آھن ۽ مان انھن روايتن جو دفاع جاري رکندس.” خيبر پختونخواھه جي انگن اکرن کي ته خُود اُتان جي ھڪ صحافي دوست ڪوڙو سڏيو ھو. ڪجھه سال اڳ اسلام آباد ۾ لنڊي ڪوتل کان آيل سُڌير آفريديءَ ٻڌايو ھو ته سندن قبائلي سماج ۾ عورت جو قتل ڪا وڏي ڳالھه ناھي ۽ اھڙا واقعا رپورٽ ڪرڻ جي به ڪنھن کي اجازت ڪانھي. بھرحال مان ڳالھه سنڌ جي ڪندس جتي اڄ به عورتن کي مختلف بھانن سان ماري مٿن ڪارنھن جو ٽِڪو ھنيو وڃي ٿو. مان ان ڳالھه جي وڪالت نٿو ڪريان ته سنڌ ۾ اھڙا خُون گھٽ ۽ ٻين ھنڌن تي وڌيڪ ٿين ٿا. عورت ھڪ قتل ٿئي يا ھڪ سئو، سنڌ ۾ قتل ٿئي يا دنيا جي ڪنھن ٻي ڪُنڊ ۾، اھو عمل انسانيت جي خلاف آھي. ڪارنھن جي الزام ۾ عورتن جي قتل واري ھيءَ ڪاري رسم ڪٿان به سنڌ ۾ آئي، پر گذريل وڏي عرصي کان سنڌ لاءِ ڪارو داڳ بڻيل آھي. ڏھه ٻارھن سال اڳ ڏھرڪيءَ جي ھڪ دوست صحافي شمس ڀُٽي سندس شھر کان 30 ڪلوميٽر اوڀر ۾ ڀڙڀانگ علائقي ٻيروُٽا ۾ ڪارنھن جي الزام ھيٺ ماريل عورتن جي ھڪ قبرستان جو انڪشاف ڪيو ھو جيڪو ھڪ سئو سالن کان وڌيڪ پراڻو ھو. مون جڏھن ان قبرستان جي خبر تصويرن سميت پنھنجي نيوز ايجنسيءَ تان جاري ڪئي ته قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ ان جو نوٽيس وٺي گھوٽڪي ضلعي جي پوليس عملدارن ۽ جج ھٿان انڪوائري به ڪرائي ھئي ۽ آسپاس جي ڳوٺاڻن ان جي تصديق ڪئي ھئي. ھن وقت اتي پنج ڏھه سيڪڙو قبرن کانسواءِ باقي ختم ٿي چڪيون آھن. مارجي ويل عورتن کي بنا ڪفن ۽ جنازي نماز پڙھڻ جي اتي ويراني ۾ دفنايو ويندو ھو. “سنڌ جون عورتون اڄ به ايئن ئي مارجي ۽ بنا ڪفن دفن ٿي رھيون آھن، بس فرق رُڳو ھيءُ آھي ته سندن قبرستان گھڻا ٿي ويا آھن،” صحافي شمس ڀُٽي مون سان تازو فون تي ڳالھائيندي چيو ھو. ھن ٻڌايو ته ٻه مھينا اڳ ڏھرڪي شھر جي شيخ برادريءَ جي ھڪ عورت کي ڪاري ڪري ماريو ويو ۽ سندن سردار حُڪم ڪيو ھو ته ماريل عورت کي بنا ڪفن ۽ جنازي نماز جي پُوريو وڃي. نه رُڳو ان حڪم تي عمل ٿيو پر ماريل عورت جي خاندان سان عذرخواھي به نه ڪئي وئي جو اھو به سردار جو حُڪم ھو. سنڌ جي اھڙن سردارن کي جنرل چارلس نيپئر چڱيءَ طرح ڀِتو ھو. انگريزن جون لکيل تاريخون ان وقت جي حالتن کي ھن ريت بيان ڪن ٿيون:

30-sep-2014  40

“سنڌ ۾ ٽالپرن جي راڄ ۾بلوچن جو اڻ لکيل قانون رائج ھو، جنھن تحت مڙس کي اجازت ھئي ته ھُو ڪارنھن جي الزام ۾ پنھنجي زال کي قتل ڪري ڇڏي،” ايڇ ٽي سورلي اولھه پاڪستان گزيٽيئر جي سنڌ واري ڀاڱي ۾ لکيو ھو جيڪو ھن 1958 ڌاري تيار ڪري ڇڏيو پر 1968 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سنڌ ۾ ڪارنھن جي الزام توڙي ٻين اجاين ڳالھين تي عورتن جي قتل جو ذڪر سَر وليم نيپئر پنھنجي ڪتاب “ھسٽري آف جنرل سَر چارلس نيپئرس ايڊمنسٽريشن آف سنڌ” (1856 ۾ ڇپيل) ۾ به ڪيو آھي. وليم نيپئر لکي ٿو: “ٻارن، خاص طور نياڻين جو قتل سنڌ ۾ عام ھو. اھو ڄڻ ته قانون ھو ۽ ان حد تائين جو نياڻين جي خُون کي ڏوھه سمجھيو ئي ڪونه ويندو ھو. خثيث ڳالھين تي جوش ۾ اچي يا ڪنھن شڪ جي بنياد تي نياڻين کي قتل ڪيو ويندو ھو. ھڪ ماڻھو عورت کي وارن کان جھلي بيھندو ھو ۽ ٻيو تلوار جو وار ڪري سندس مُنڍي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيندو ھو. ھر بلوچ ڪنھن به ڳالھه تي عورتن کي خُون ڪرڻ پنھنجو حق سمجھندو ھو ۽ ان ناحق قتل کان کين روڪڻ جو ڪو تصور ئي ڪونه ھو.”

سَر چارلس نيپئر سنڌ جون واڳون سنڀاليندي ئي انھن خوني واقعن جي خلاف قدم کڻڻ شروع ڪيا. ھن ھڪ شخص کي پنھنجي زال کي قتل ڪرڻ جي ڏوھه ۾ موت جي سزا ٻڌائي ته قبيلي جو سردار ڏوھاريءَ کي بچائڻ لاءِ وٽس پھچي ويو ۽ معافيءَ جي درخواست ڪيائين. “نه. مان ھن خونيءَ کي ڦاھي ڏيندس،” سَر چارلس نيپئر کيس ٺُپ انڪار ڪندي چيو. قبائلي سردار حيران ٿيندي چيس: “ڇا! توھان ان ماڻھوءَ کي فقط پنھنجي زال کي خُون ڪرڻ جي ڏوھه ۾ ڦاھيءَ چاڙھيندو؟” “بلڪل. انھيءَ ڪري جو عورت جو ڪوبه ڏوھه ڪونه ھو،” جنرل نيپئر وراڻيس. سردار صاحب خونيءَ جي وڪالت ڪندي چيو: “ عورت جوڏوھه ته واقعي ڪونه ھو، پر سندس مڙس ڪاوڙ ۾ ھو. ان حالت ۾ ھُو ڇونه کيس قتل ڪري؟” جنرل چارلس نيپئر کيس ٺوس جواب ڏئي ماٺ ڪري ڇڏيو: “ٺيڪ آھي. ھن وقت مان به ڪاوڙ ۾ آھيان، پوءِ توکي به ڇونه ماري ڇڏيان؟”

وليم نيپئر لکي ٿو ته عورتن کي قتل ڪرڻ کي پنھنجو حق سمجھڻ واري سوچ ايتري ته پڪي ھئن جو ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي قاتلن کي ڦاھيون ڏيڻيون پيون. جنرل نيپئر پنھنجي ارادي تي پڪو رھيو ته عورتن کي ماريندڙن کي ڦاھيءَ چاڙھبو ڇو ته اھي قاتل آھن.

جنرل چارلس نيپئر سنڌ ۾بيواھه عورتن کي ستي ڪري باھه جي اوڙاھه ۾ ساڙي مارڻ واري رسم جو به خاتمو آندو. “جنرل نيپئر محسوس ڪيو ته پنڊت ان غلط رسم جو فائدو وٺن ٿا ۽ فيصلو ڪيائين ته ان رسم کي ھميشه لاءِ ختم ڪندو. سندس فيصلي تي پنڊتن ۾ پريشاني پيدا ٿي وئي. ھنن دليل ڏنو ته اھا سندن مذھبي رسم آھي جيئن ھر قوم جون رسمون ھونديون آھن. انھن مذھبي ريتن رواجن جو احترام ڪرڻ گھرجي. پنڊتن جي انھيءَ دليل تي جنرل نيپئر وراڻيو ھو: “بلڪل ٺيڪ! بيواھه عورتن کي ساڙي مارڻ توھان جي ريت رسم آھي. توھان انھن کي ساڙي مارڻ لاءِ بيشڪ مچ ٻاريو. پر منھنجي قوم جي به ھڪ رسم ۽ ريت آھي. اسان وٽ ھر انھيءَ ماڻھوءَ کي ڦاھيءَ چاڙھيو ويندو آھي ۽ سندس ملڪيت ضبط ڪبي آھي، جيڪو عورتن کي ساڙي ماريندو آھي. منھنجا ڪاريگر ڦاسي گھاٽ تيار ڪندا ۽ جڏھن به ڪنھن بيواھه عورت کي ستي ڪري مچ ۾ وڌو ويندو ته ان ڏوھه ۾ ملوث سمورن ماڻھن کي ڦاھيءَ تي ٽنگيندس. اچو ته اسان سڀ پنھنجي پنھنجي قومي رسمن ريتن تي عمل ڪريون.” سندس ان ڳالھه کانپوءِ سنڌ ۾ وري ڪنھن بيواھه عورت کي ستي ڪري ساڙڻ جو ڪوبه واقعو نه ٿيو. انڊين اسڪالر ڊاڪٽر آر ڊي چوڪسيءَ به پنھنجي ڪتاب “دي اسٽوري آف سنڌ _ اڪنامڪ اينڊ سوشل سروي 1843 ٽُه 1933” ۾ لکيو آھي ته جنرل چارلس نيپئر غلامي ۽ زالن کي قتل ڪرڻ خلاف سخت سزائون ڏيندو ھو.

انگريز ظالم ھو، جارح ھو، ھن سنڌ تي حملو ڪري ان کي غلام بنايو، وسيلا لُٽيا. ھن 1843 کان 1947 تائين ھڪ سئو ورھين کان وڌيڪ اسان تي راڄ ڪيو. سڀ ڳالھيون سئو سيڪڙو صحيح. سنڌ ۽ سنڌين جي آزادي کسيندڙ نيپئر اسان جو دشمن ھو، پر چوندا آھن ته دشمن جي چڱي ڳالھه کي ضرور ساراھجي. بس ھڪ ڳالھه جيڪا ھن غلط ڪئي سا اِھا ته سنڌ جي قبائلي سردارن کي جاگيرون ڏئي مضبوط ڪري ويو ۽ نتيجي ۾ ايڪيھين صديءَ ۾ به اسان پاڻ کي قبائلي سماج ۾ رھندا محسوس ڪريون ٿا. اڄ گھٽ ۾ گھٽ عورتن جي بچاءَ لاءِ چارلس نيپئر جھڙو ماڻھو ھجڻ گھرجي ھا پر ڇا ڪجي، اھڙو ڪو ماڻھو ھن وقت ڪونھي. عورتن جا قاتل ڦاھيءَ ٽنگجڻ بدران آزاد گھمي رھيا آھن ۽ ڪارنھن جي الزام ۾ ماريل عورتن جا قبرستان وڌندا پيا وڃن. ڪٿي ايئن نه ٿئي ته اڳتي ھلي تاريخ ۾ سنڌ کي ڪارنھن جي الزام ۾ ماريل عورتن جي وڏي ۾ وڏي قبرستان جي نالي سان ياد ڪيو وڃي.

(خاص افيئر ميگزين لاءِ لکيل)

nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو