Home / اسپيشل افيئر / چين مان ڪمين جي واپسي کانپوءِ!
above article banner

چين مان ڪمين جي واپسي کانپوءِ!

Amir Mandhiroسنڌ مان غير قانوني طور چين اسمگل ڪيل ٻه سئو ڪميون نيٺ واپس اچي ويون . وائيلڊ لائيف کاتي سنڌ جي عملدارن موجب اهي ڪميون غيرقانوني طور تي ٻاهر موڪلڻ پويان مقامي ماڻهن سان گڏ ڪجهه کاتي جا پنهنجا ماڻهو به شامل آهن .

هونئن ته اها هڪ عام خبر آهي پر جيڪي ماڻهو فطرت سان پيار ڪن ٿا انهن جي لاءِ انهي عام خبر ۾ هڪ خاص اتساهه سمايل آهي .پاڪستان مان ڪميون اسمگل ڪري چين ۽ ٻين ملڪن موڪلڻ وارو هي ڏوه جيڪو هاڻي هڪ باقائده روزگار جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي سو ڪو اڄ يا ڪالهه جو قصو ناهي بلڪه گذريل ڏهن سالن کان منظم طور تي اهو ڪاروبار هلندو رهي ٿو .

رڳو اهو چوڻ ته ته دريائن،ڪئنالن،ڍنڍن ۽ جيٽين تان باگڙي ،ڀيل ۽ ٻيا ماهيگير انهن ڪمين کي پڪڙي ،ڊيلرن وسيلي پاڪ چائنا بارڊر تا اسمگل ڪن ٿا ،اڌ سچ آهي .پورو سچ اهو آهي ته جڏهن اڄ کان پندرهن سال پهرين چيني انجينيرن سنڌ ۾ اچي روڊن رستن ۽ ٻين پروجيڪٽن تي ڪم ڪيو ته انهن مڇي کانسواءِ ڪمين ۽ ٻي آبي جيوت کي نه رڳو پاڻ کائڻ شروع ڪيو پر انهي کي چائنا به موڪلڻ شروع ڪيو .ان وقت هي معاملو ايترو ڳنڀير به ڪونه سو ڪنهن ڌيان نه ڏنو .

انهن چيني عملدارن سان گڏ ڪم ڪندڙ ڪارن ۽ ڀورن انگريزن جڏهن ڏٺو ته هي هڪ فائدي وارو ڪاروبار آهي ته انهن هتان جي مقامي مهاڻن ۽ شڪارين کي انهي ڪم سان لڳائي ڇڏيو .ٿوري اجرت تي انهن کي وڏي انگ ۾ ڪميون ملڻ لڳيون ۽ سرڪاري عملدارن کي به دش ڪش ملڻ لڳي .هرڻن ،ڦاڙهن ۽ پرديسي پکين جي شڪار جي ڪمائي تي گذر سفر ڪندڙن جي کيسي ۾ اضافي طور ڪمين جا پئسا به اچڻ لڳا .

سنڌ جي درياهه،ڍنڍن ، واهن ۽ ڪئنالن تي اڳ ۾ ئي مڇي جي نسل ڪشي ڪندڙ مافيا پاران پابندي پيل رڇ لڳل هئا ،جن مان اڌ انچ جي مڇي به نڪري نه پئي سگهي ،سو ڪميون ڪٿي ٿيون بچن ؟لکن جي تعداد ۾ مرندڙ قيمتي مڇي کي ڪڇ جي نالي ۾ مرغي ۽ ڀاڻ جي لاءِ موڪلڻ جو ڪاروبار قانوني شڪل اختيار ڪري ويو .سڀ فشريز جا جوڙيل قانون ڄڻ ته معطل ٿي ويا ،سو انهي ڪڇ سان گڏ ڪميون به شڪار ٿيڻ لڳيون .هن وقت تائين لکين ڪميون شڪار ٿي اسمگل ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيتريون اڃا تائين ڪڇ جي رڇن تي اسمگل ٿيڻ جي انتظار ۾ آهن .

لاڳاپيل کاتا ان بابت بلڪل خاموش بڻيل آهن .هي ٻه سئو ڪميون ته خود چائنا وارن مهرباني ڪري واپس موٽايون آهن ،اسان جي سرڪار جو ڪمال ته تڏهن چئجي جو هو هيل تائين نسل ڪشي جو شڪار بڻيل ڪمين ۽ ٻي آبي جيوت جي نقصان جو ڪاٿو لڳائي ۽ انهي ڏوه ۾ ملوث سمورن ڏوهارين خلاف قدم کڻي .هن سلسلي ۾ وائلڊ لائيف کاتي، فشريز کاتي ۽ پوليس کاتي کي گڏيل طور تي ڪا پاليسي جوڙڻي پوندي تڏهن وڃي ڪي نظر ايندڙ نتيجا حاصل ڪري سگهبا .

30-sep-2014    43

ظلم جي حد اها آهي ته پلو سنڌ جي سڃاڻپ آهي پر هن وقت اسان وٽ جيڪو پلو استعمال ٿئي پيو سو ٻاهران کان گهرايو ٿو وڃي .بولي ۽ گجي تي پابندي صرف قانون جي ڪتابن ۾ آهي پر ان تي ڪو به عمل درآمد نه ٿو ٿئي ،جنهن سبب پلو ۽ ٻي مڇي مڪمل طور تي ختم ٿي وئي آهي ،امڪان آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ مهاڻن جي روزگار جو اهم وسيلو مڇي بلڪل ختم ٿي ويندي ،فوڊ سيڪيورٽي جو هڪ وڏو بحران پيدا ٿي ويندو ۽ جيڪا لڏپلاڻ نريڙي ۽ ڪانگن کاڌي سميت ٻين ڍنڍن تان ٿئي پئي ان ۾ ويتر اضافو ٿي ويندو .

بدين ۽ ٺٽي ۾ جيڪي ڪڇ جا گدام آهن انهن تي بنگالي ،پٺاڻ ۽ ٻيا بروڪر باقائده روزانه جي حساب سان واڪ لڳائي ڪمي ،کيکڙو ۽ ناياب نسل جي مڇي خريد ڪن ٿا ،جن جي خلاف هنگامي بنيادن تي فشريز کاتي ۽ وائلڊ لائيف کاتي کي تحرڪ وٺڻ کپي چين مان ٻه سئو ڪمين جي با سلامت واپسي تي جشن ملهائيندڙ سرڪاري عملدارن کي جس ڏيڻ سان گڏ اها به گذارش ڪجي ٿي ته هاڻي هو ڪجهه پنهنجي اختيارن جو به استعمال ڪن ۽ فطرت دشمن مافيائن خلاف آپريشن شروع ڪن .

ameermandhro@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو