Home / اسپيشل افيئر / ڇا اين جي اوز جو فلسفو سماجي ڀلائي سان ٽڪراءُ ۾ آهي؟
above article banner

ڇا اين جي اوز جو فلسفو سماجي ڀلائي سان ٽڪراءُ ۾ آهي؟

Zahida Abroويهين صدي دوران انساني تاريخ ۾ اهو واڌارو ٿيو ته هڪ طرف رياستن سوشلسٽ پاليسي اختيار ڪري پبلڪ سيڪٽر جي خدمتن جهڙوڪ تعليم، صحت ۽ بنيادي ضرورتن کي عام ماڻهن تائين پهچايو ۽ نيشنلائيزيشن ذريعي مزدور طبقي جي خوشحالي ۽ ترقي ٿي. ٻئي پاسي سرمائيداريءَ ويلفيئر رياست جو تصور ڏئي اهو ثابت ڪيو ته انساني گهرجن جو پورائو ۽ ترقي فقط ان نظام هيٺ ئي ٿي سگهي ٿي. پر سرد جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ دنيا ڪميونسٽ ۽ سرمائيداري بلاڪن ۾ ورهايل نه آهي.

ان ڪري ايڪهين صدي تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري وئي آهي.هر هنڌ گڏيل قومن جي ان نقطئه نظر تي بحث ٿي رهيو آهي ته سماجي ڀلائي جو مقصد رڳو ڪجهه براين کي ختم ڪرڻ نه آهي پر اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وڃن جن سان انسان جي ذهني، جسماني ۽ سماجي زندگيءَ ۾ بهتري اچي سگهي. هونئن به قدرتي ۽ انساني مصيبتون تڪليف جو سبب ٿين ٿيون. انهن جي خاتمي لاءِ يا ان جي شدت ۾ ڪمي ڪرڻ لازمي ٿيو پوي ته جيئن مستقبل قريب ۾ پيش ايندڙ معاشي، معاشرتي ۽ نفسياتي مسئلن جو حل ڳولهي سگهجي.

اسان وٽ به سماجي ڀلائي جي حوالي سان ميڊيا ۾ اهو بحث هلي رهيو آهي ته ڇا غير سرڪاري تنظيمون نئين بيٺڪي نظام جي ايجنڊا تحت ڪم ڪري رهيون آهن. ڇو ته انهن کي فنڊ ٻاهران ملي رهيا آهن. پر ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اين جي اوز جي مثبت ڪردار کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. ان کان سواءِ نئين ملينيم (هڪ هزار ساله) گڏيل قومن جي ترقيءَ جي ايجنڊا جي پسمنظر بابت لکندي سماجي اڳواڻ سليمان ابڙو سنڌ اندر سماجي خدمتن جي کوٽ جي نشاندهي ڪئي آهي. جڏهن ته جامي چانڊيو جو اهو چوڻ آهي ته ڏينهون ڏينهن غير سرڪاري تنظيمون عالمي ايجنڊا تي اثر انداز ٿي رهيون آهن. ان سان گڏوگڏ اهو به جاچڻو پوندو ته اسين درآمد ٿيل اين جي اوز جي تشريح ڪيئن ٿا ڪيون. ڇو ته سماجي تبديلي هڪ تحريڪ ٿئي ٿي جنهن جو مقصد ملڪ يا قوم کي درپيش سماجي مسئلن کي ختم ڪرڻ هوندو آهي، پر هرپرٽ اسٽروپ چوي ٿو ته جيستائين معاشري جي سماجي ۽ معاشي تنظيمن ۾ تبديلي نه ٿي اچي ته اسين ترقيءَ جا حدف حاصل نه ڪري سگهنداسين.

اسان کي اهو به ڏسڻو آهي ته ملڪ اندر اين جي اوز ڪلچر اُسري رهيو آهي ۽عالمي ايجنڊا تي اثر انداز ٿيندڙ غير سرڪاري تنظيمن جا فيصلا ملڪ اندر سماجي ڀلائي جي فڪر سان ڪٿي ٽڪراءُ ۾ ته نه اچي رهيا آهن.

اسان جيڪڏهن پنهنجي ملڪ جي تاريخ تي نظر وجهون ته اسان کي معلوم ٿيندو ته رياست پاران تعليم جو ڪو خاص بندوبست ڪو نه رهيو آهي. ماضيءَ ۾ مڪتب ۽ مدرسن جي ذريعي تعليم سان گڏوگڏ مذهبي فڪر جي ڄاڻ ڏني ويندي هئي، بعد ۾ انگريز حڪمران سرڪاري تعليمي نظام جو بنياد وڌو.

15   SEP 2014    20

سنڌ جي مسلمانن ۽ هندن سماجي ڀلائي جي ميدان ۾ سرگرمي ۽ دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪيو. خاص طور صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ ڪيئي اسڪول ۽ اسپتالون کوليون ويون. اهڙيءَ طرح انگريز حڪومت پاران تنظيمن جي نظم و ضبط ۽ سماجي ڪارڪنن جي همت افزائيءَ لاءِ سوسائٽي ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو ڇو ته انگريزن کي اهو تجربو هيو، سندن ملڪ برطانيه ۾ حڪو مت سماجي خدمتن جي اهميت کي سمجهندي اهڙين تنظيمن جي پٺڀرائي ڪري ٿي.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ تاريخ جي وڏي لڏپلاڻ ٿي ۽ هندستان جي مسلم مهاجرن جي اڪثريت سنڌ ڏانهن رخ رکيو. ڪراچيءَ اندر وفاقي حڪومت سندن آبادڪاريءَ جو بندوبست جنرل اعظم جي حوالي ڪيو ويو، هن اهليت جو غير معمولي مظاهرو ڪري ڪورنگيءَ جي پروجيڪٽ کي ڇهن مهينن جي مختصر عرصي ۾ مڪمل ڪيو. اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ مشهور سماجيات جي ماهر اختر حميد خان محسوس ڪري ورتو ته ڍاڪا واري واقعي جي ڪري بنگلاديش کان جيڪا لڏپلاڻ ٿي رهي آهي ان مسئلي کي حڪومت حل نه ڪري سگهندي. ان ڪري اورنگي پائلٽ پروجيڪٽ جو ڪامياب رول ماڊل پيش ڪيو. پر افسوس آهي ته سنڌين جا اوائلي ڳوٺ ميئر جمشيد سروانجيءَ کان وٺي ڪراچي جي ترقيءَ جي اداري به انهن غريب ماڻهن جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت بحال نه ڪئي.

اسان وٽ سماجي تنظيمون روايتي طريقي سان هلنديون رهيون آهن ۽ وقت بوقت لوڪل سياسي قيادت هٿان استعمال ٿينديون رهيون آهن. يا ضعلي جي آفيسر شاهيءَ جي شڪر گذاريءَ ۾ پنهنجو وقت وڃائينديون رهيون. غير سرڪاري تنظيمن جو نئون تصور ضياءَ الحق جي مارشل لا دور ۾ اڀري آيو. پهريون ڀيرو سماجي تنظيمن جي پروگرام کي ترقيءَ جي پهلو سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ٻئي پاسي عالمي امدادي ادارن ۽ گڏيل قومن جي ترقياتي ادارن تجربي دوران ڏٺو ته رياست جي معرفت ڏنل پئسا اتان جي آفيسر شاهي کائي وڃي ٿي ۽ ترقيءَ جا گهربل نتيجا ڪو نه ٿا ملن ۽ نه ئي عوام ۾ ڪا سماجي تبديلي اچي ٿي. انڪري سڌي ريت غير سرڪاري تنظيمن جي مالي ۽ فني سهائتا ڪئي وئي.

افغانستان ۾ آمريڪا ۽ روس جي ويڙهه جي نتيجي ۾ پهريون ڀيرو ترقي يافته ملڪن پاران هتان جي سماجي تنظيمن کانسواءِ مذهبي تنظيمن جي مدد ڪئي وئي ۽ جنرل ضياءَ اندروني طور اهڙين تنظيمن جي پٺڀرائي ڪري ملڪ اندر مذهبي شدت پسنديءَ کي فروغ ڏنو.اهڙين موافق حالتن کي ڏسندي سياسي تنظيمن به شدت پسندي اختيار ڪرڻ شروع ڪئي. انهيءَ دوران ڏکڻ ايشيا جي ملڪ بنگلاديش سماجي ڀلائي جي تاريخ کي هڪ نئون موڙ ڏنو ۽ غريبن جي بئنڪ (Gramian Bank) وجود ۾ آئي. ان کي ڏسندي عالمي ڊونرز ايجنسين طرفان به انڪم جنريٽنگ پروجيڪٽ غير سرڪاري تنظيمن کي ڏنا ويا.

ان سڄي صورتحال کانپوءِ اسان جي ملڪ ۾ غير سرڪاري تنظيمن تي اها تنقيد ٿي رهي آهي ته اهي ادارا پجيرو ڪلچر کي هٿي ڏئي رهيا آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته شاهوڪار ملڪن سماجي خدمتن ۾ گليمر جو رجحان پيدا ڪيو آهي.ڏٺو ويو آهي ته غير سرڪاري تنظيمن جا ڪيترائي منصوبا ناڪام ويا آهن ساڳي وقت انهن تنظيمن مقرر حدف اندر ڪافي بهتر نتيجا پڻ حاصل ڪيا آهن. سماجي ڀلائي جو بنيادي مقصد اهو آهي ته انفرادي ۽ اجتماعي طور فردن کي آگاهي ۽ فني ڄاڻ ڏني وڃي ۽ بامقصد تعلق جوڙيو وڃي ته جيئن ڪميونٽيءَ جي شرڪت يقيني ٿي سگهي. غير سرڪاري تنظيمن جو اثر ۽ ڦهلاءُ سڄي دنيا ۾ وڌي رهيو آهي. ان ڪري عالمي ادارن جي پاليسي ساز ادارن تي اين جي اوز دٻاءُ وجهڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿي رهيون آهن. پر ٽين دنيا جي اندر اهو دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته غربت، جهالت ۽ دقيانوسيت کي حڪومت جي بنيادي سڌارن کان سواءِ ختم نٿو ڪري سگهجي، ان ڪري غير سرڪاري تنظيمن جيڪڏهن اهو ڪردار ادا نه ڪيو ته اهو وقت پري ڪونهي جو ڪميونسٽ ۽ سرمائيدار فلاحي رياستن جيان اهي تنظيمون به عوامي ڪاوڙ جي ردِ عمل جي ور نه چڙهي وڃن.

zahidaabro@live.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو